ڇا اوهان کي پنهنجي انشورنس ڪرائڻ گهرجي؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2018۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    هي سوال جيڪڏهن اوهان کان ڪجي ته اوهان جو جواب يڪدم ”نه“ ۾ هوندو!! ان جو سبب پڇڻ تي اوهان وٽ ٻه وڏا دليل هوندا آهن هڪ هي ته رڳو ٺڳي آهي انشورنس ڪمپني ڪنهن کي ڪجهه ناهي ڏيندي فلاڻي انشورنس ڪرائي هئي ته کيس ڪجهه نه مليو ۽ ٻيو دليل هي هوندو آهي ته انشورنس ڪمپني ۾ سيڙپ ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻي پاسي سيڙپ ڪري جتان سُٺو منافعو ملندو آهي، کوڙ سارا ماڻهو اهي يا ان جهڙا ٻيا دليل ڏيئي يا سوچي انشورنس ناهن ڪرائيندا شايد اوهان به انهن مان هڪ آهيو. جيڪڏهن اوهان واقعي ائين سوچيندا آهيو ته معاف ڪجو اوهان بلڪل غلط آهيو ڇوته انشورنس ڪمپنين تي ايڏا سخت قانون ٺهي چُڪا آهن جيڪي اوهان کي يڪدم پنهنجا ڪليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪن ٿا ٻي ڳالهه ته ڪابه ڪمپني ڪنهن جي ڪليم بنان ڪنهن سبب جي ڪنهن جو ڪليم روڪي نٿي سگهي. جيڪڏهن اوهان سموريون قسطون وقت تي ادا ڪيون آهن ۽ انشورنس ڪمپني سان ڪنهن به قسم جي ڪا غلط بياني ناهي ڪئي ته اوهان جو ڪليم روڪڻ انشورنس ڪمپني جي وس ۾ ئي ناهي انشورنس جي حوالي سان الڳ ڪورٽون ۽ محتسب جا ادارا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته انشورنس ڪمپنين کان پنهنجو ڪليم وٺڻ مشڪل ناهي. جيڪي دوست انشورنس کي سيڙپ جي نظر سان ڏسن ٿا انهن انشورنس جي نظريي کي صحيح سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي انشورنس ڪنهن به صورت ۾ سيڙپ ناهي پر انشورنس اصل ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ڪُٽنب جي تحفظ جو ذريعو آهي اهڙي ڪا سيڙپ ايجاد ئي ناهي ٿي جيڪا صرف ڪجهه هزار ادا ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي اوهان کي لکين روپيا ڏياري سگهي. مثال اوهان پنجاهه هزارن جي انشورنس خريد ڪريو ٿا ۽ اوهان کي پاليسي نمبر جاري ٿي چڪو آهي ته اوهان ٻي گهڙي ۾ ئي 10 لک روپين جا مالڪ ٿي چُڪا آهيو ٻين لفظن ۾ اوهان جن لاءِ پاليسي خريد ڪئي آهي ان کي هرحال ۾ 10 لک ملندا ئي ملندا 50 هزارن تي ڪجهه ساعتن ۾ ئي 10 لک ملڻ جهڙي سيڙپ دنيا ۾ انشورنس انڊسٽري کان سواءِ ٻيو ڪٿي به ناهي.

    اهڙا به کوڙ سارا دوست هوندا جن انشورنس ڪرائي ته هئي پر هڪ يا ٻن قسطن جي ادائيگي کان پوءِ انهن قسطن جي ادائيگي بند ڪري ڇڏي جيئن ته انهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي سو کين انشورنس ڪمپني کان يا ته ڪجهه ڪونه مليو هوندو يا ته پنهنجي ادا ڪيل رقم جو بنهه ٿورو حصو واپس مليو هوندو ان جي وجه ظاهر آهن معاهدو ٽوڙڻ ئي آهي. اڪثر دوست انشورنس رکي معاهدي موجب مقرر وقت تي قسطون ادا ناهن ڪري سگهندا جنهن جي ڪري سندن پاليسي بند ٿي ويندي آهي اهو ان جي ڪري ٿيندو آهي ته انهن انشورنس کي مڪمل سمجهڻ بنا پاليسي خريد ڪئي هئي جيڪڏهن پنهنجي گهرجن ۽ ضرورتن کي سمجهي پنهنجي انشورنس ڪرائجي ته اها پاليسي ڪڏهن به بند ناهي ٿيندي. پر انشورنس صلاحڪارن جي گهٽ علمي يا لالچ جي ڪري اوهان غلط وقت تي غلط پاليسي خريد ڪري ڇڏيندا آهيو جنهن جي ڪري اها پاليسي اڳتي هلي ناهي سگهندي ۽ اوهان کي نقصان رسي ٿو. اوهان کي انشورنس ڪرائڻ گهرجي يا نه ۽ جيڪر اوهان کي انشورنس جي گهرج آهي ته اوهان کي ڪيتري انشورنس ڪرائڻ گهرجي ان حوالي سان اوهان کي ڪنهن ماهر انشورنس صلاحڪار سان مشورو ضرور ڪرڻ گهرجي جيڪو اوهان جي ضرورتن آڌار اوهان کي بهترين صلاح ڏيئي سگهي ٿو.

    انشورنس جي لفظي معني ضمانت آهي مطلب اوهان ڪنهن ڪمپني کان انشورنس خريد ڪريو ٿا ته اُها ڪمپني اوهان کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته اوهان جي ضرورت موجب جيتري رقم جي اوهان انشورنس ڪرائي رهيا آهيو اوهان کي ڪوبه نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ اها رقم انشورنس ڪپمني هرحال ۾ اوهان کي يا اوهان جي ڪُٽنب کي ادا ڪندي. جيڪر اوهان ڪنهن خاندان جا ڪمائيندڙ فرد آهيو ۽ اوهان تي اوهان جي خاندان جون ڪيئي زندگيون ڀاڙين ٿيون ته اوهان کي يقيني طور تي اهڙي تحفظ جي گهرج آهي جيڪو اوهان جي هجڻ يا نه هجڻ ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي خاندان جون مالي گهرجون پوريون ڪري سگهي. مثال جي طور تي اوهان جي ڪُل ڪمائي 30 هزار روپيا ماهوار آهن جنهن مان اوهان 10 هزار بچت، گهر جي مسواڙ، قرضن جي ادائيگي يا ان جهڙا ٻيا ڪم ڪندا آهيو ۽ 20 هزار اوهان جي گهر جو خرچ آهي ان خرچ ۾ وچولي طبقي جي هڪ گهر جو راشن، عام معمولي بيمارين، مرڻو پرڻو، ٻارن جي اسڪول جي فيس، بجلي، گيس ۽ پاڻي جا بل وغيرهه اچي وڃن ٿا روزمرهه جا اهڙا خرچ اسان هرحال ۾ پورا ڪريون ٿا اسان کي ڪيڏانهن هڪ ڏينهن لاءِ به نڪرڻو هوندو آهي ته گهر لازمي طور تي 500 يا 1000 ڏيئي نڪرندا آهيون ته جيئن اسان جي پويان گهر جو ڪارونهوار هلندو رهي مطلب اسان هجون يا نه هجون پر اسان جي خاندان جا روزمرهه جا خرچ لازمي طور تي هلندا رهن ٿا. 30 هزار روپيا مهينو اسان کي هرحال ۾ گهربل هوندو آهي اسان کي ڪو اهڙو بندوبست لازمي ڪرڻ گهرجي جيڪو اسان جي هجڻ يا نه هجڻ جي شرط کانسواءِ گهرڀاتين کي 30 هزار روپيا مهينو يا سال ۾ 3 لک 60 هزار ڏياري سگهي ان مقصد لاءِ اسان کي پنهنجي مالي منصوبه بندي ڪرڻ جي گهرج پوندي آهي. جيڪڏهن اوهان 30 ورهين جا شادي شدهه فرد ۽ چئن يا پنجن فيملي ميمبرز جا سنڀاليندڙ آهيو ۽ اوهان جي سالياني آمدني 3 لک سٺ هزار آهي ۽ اوهان جي اولاد کي ڪمائڻ لائق بڻجڻ ۾ اڃان 15 يا 20 سال جو وقت گهربل آهي ته ايندڙ 15 يا 20 سالن تائين اوهان کي لڳ ڀڳ 40 کان 50 لک روپيا صرف روزمرهه جي گهرجن خاطر گهربل هوندا. ٿورو تصور ڪريو ته اوهان جا ٻه پُٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن جيڪي صرف اوهان جي آمدني تي انحصار ڪن ٿا جيڪر خدانخواسته اوهان سڀاڻي کان نٿا رهو يا ڪنهن مستقل معذوري جي ور چڙهي ٿا وڃو ته اوهان جو خاندان اها گهرج ڪٿان پوري ڪندو؟ اسان رهون يا نٿا رهون پر اسان پويان اسان جا پيارا ته زندهه رهن ٿا جن کي بنيادي ضرورتون هرحال ۾ گهرجن ٿيون اهڙي صورتحال ۾ اوهان کي اهڙي انشورنس پاليسي جي ضرورت پوندي آهي جيڪا اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ 60 لک روپين جو مالي تحفظ فراهم ڪري سگهي اهڙي پاليسي اوهان پنهنجي آمدني جو صرف 10 سيڪڙو بچائي حاصل ڪري سگهو ٿا يعني جيڪڏهن اوهان صرف 3000 روپيا مهينو بچائي سگهو ته اوهان جو انشورنس صلاحڪار اوهان کي اهڙي پاليسي ٺاهي ڏيئي سگهي ٿو جيڪا اوهان جي خاندان جون اوهان جي نه هجڻ جي صورت ۾ به اهي تمام گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿي جيڪي اوهان جي هوندي پوريون ٿينديون هيون.

    ٻي پاسي جيڪر اوهان جون نياڻيون آهن ته انهن جي شادي جو خرچ پڻ اوهان انشورنس پاليسي مان پورو ڪري سگهو ٿا. نياڻين جي شادي هر مائٽ تي فرض آهي پر اڪثر ڪري ان فرض کي ”بار“ سمجهيو ويندو آهي ڇوته نياڻي جي شادي ۾ ٿيندڙ خرچ اسان جي غلط منصوبه بندي جي ڪري اسان کي انتهائي ڏکيو لڳندو آهي مناسب وقت تي مناسب منصوبه بندي سان اسان تمام ٿوري رقم خرچ ڪري نياڻين جي شادي جي وقت تي سندن شادي جو رٿيل سمورو خرچ حاصل ڪري سگهون ٿا. مثال جي طور تي اوهان جي نياڻي جي عمر هن وقت 8 سال آهن ۽ اوهان 10 سالن کان نياڻي جي عمر 18 سال يا 13 سالن کان پوءِ نياڻي جي عمر 21 سال ٿيڻ تي سندس شادي ڪرائڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي اهڙي پاليسي جي گهرج پوندي جيڪا اوهان کي 10 يا 13 سال بعد اوهان کي لکين روپيا ڏيئي سگهي ان مقصد لاءِ پڻ اوهان کي پنهنجي انشورنس صلاحڪار سان مشورو ڪرڻ گهرجي. نياڻين جي شادين کان سواءِ پُٽن جي پڙهائي يا ڪاروبار ڪرائڻ لاءِ پڻ وڏي رقم گهربل هوندي آهي جنهن لاءِ پڻ مناسب مالي منصوبه بندي جي گهرج پوندي آهي. انشورنس ڪمپنين هر طرح جي آمدني رکندڙ فردن جي سهولت خاطر سندن روزمرهه جي خرچن، ٻارن جي پڙهائي، نياڻين جي شادي، رٽائرمينٽ سميت مختلف پلان ڊيزائين ڪيا آهن جيڪي هر طرح جي آمدني رکندڙن لاءِ موزون آهن. جيڪر اوهان اڄ صحتمند آهيو ۽ سُٺي ڪمائي ڪري رهيا آهيو ته اوهان کي پنهنجي انشورنس لازمي ڪرائڻ گهرجي ڇوته اوهان اڪيلا ناهيو اوهان تي ڪيتريون ئي زندگيون انحصار ڪن ٿيون. ڪنهن مالي ماهر چيو آهي ته انشورنس پيراشوٽ وانگر آهي جنهن جي زندگي ۾ هڪ ڀيرو گهرج پوندي آهن جيڪر ان ڏينهن پيراشوٽ نه هجي ته ٻيهر ڪڏهن به پيرا شوٽ جي گهرج نه پوندي.
     
    ڊاڪٽر ثناءﷲ ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪو جيتا هٿ تيري زلف کي سر هوني تک..................

    انسان جي اندر جيڪا لالچ آهي اها مرڻ گهڙيء تائين ختم نٿي ٿئي باقي انشورنس ان جي شرعي لحاظ کان ڪهڙي اهميت آهي، بي خبريء ۾ ماڻهن کي سود جي طرف ڌڪيو وڃي ٿو......................... الله تعالي اسان کي سمجه ڏئي
     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اوهان شايد ضرورت کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ کي لالچ جو نالو ڏيئي رهيا آهيو پر ضرورت ۽ گهرج جيترو گڏ ڪرڻ يا ان جو انتظام ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ لالچ ناهي، لالچ انسان جي مرڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندي آهي پر انسان جون ذميواريون ۽ ضرورتون ان جي مرڻ کان پوءِ به جاري رهن ٿيون. انسان جيڪر قرضي آهي ته سندس قرض مرڻ کان پوءِ به نٿو لهي جيسين ان جا وارث اهو قرض ڀري ڏين يا قرض ڏيندڙ ان کي معاف ڪري ڇڏي ائين نياڻي جو فرض کيس هر حال ۾ نڀائڻو آهي جيڪر هو نياڻي جي ذميواري پوري نٿو ڪري ته مٿس گناهه واجب آهي. لالچ ۽ ضرورت ۾ وڏو فرق آهي خندق جي جنگ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کاڌي پيتي جو سامان جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ڇوته ان جي گهرج هئي، حج يا عمري تي وڃڻ مهل مسلمان گهر وارن جي لاءِ کاڌ خوراڪ جو جوڳو بندوبست ڪري ويندا آهن ڇوته اها گهرج آهي اهڙن مامرن کي اسان لالچ نٿا چئي سگهون انشورنس پڻ ان نيت سان ڪرائڻ ته ان مان مون کي ڳچ سارا پيسا ملندا شايد غلط آهي پر گهر وارن جي گهرجن، اولاد جي مستقبل لاءِ ڪرائڻ ۾ ڪو حرج ناهي. مستقبل جي منصوبه بندي ڪرڻ هر ڪنهن جي ذميواري آهي ان کان ڀڄي نٿو سگهجي.

    شرعي طرح سان انشورنس حرام ناهي پر ان ۾ موجود وياج حرام آهي جيڪا ڪمپني وياج نٿي ڏي ان کان انشورنس ڪرائڻ شرعي طور تي جائز آهي ان حوالي سان پاڪستان ۾ شرعي بورڊ قائم ٿيل آهن جيڪي تڪافل انشورنس کي بلڪل شرعي سمجهن ٿا، اسلامي نڪته نظر سان اهڙي انشورنس جنهن ۾ وياج نه هجي اها بلڪل جائز آهي
     
    ڊاڪٽر ثناءﷲ ڪلهوڙو ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي
  4. سيد نور مصطفى شاهه جيلاني

    سيد نور مصطفى شاهه جيلاني
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    انجنيئر - بيروزگار
    ماڳ:
    ڪراچي
    اگر اوھان وٽ ڪوئي سرٽيفڪيٽ آھي جيڪو دعوت اسلامي يا ان جھڙي سني جماعت جي فتوٰي ھجي تہ پوءِ ڪجھ سوچي سگھجي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو