ابن قابل قاضي
سينيئر رڪن
خواندگي جي اهميت ۽ ضرورت
ابن قابل قاضي
عام طور تي خواندگي جو مطلب اهيو ورتو ويندو آهي تـ خوانده شخص ان کي چئجي جيکو ڪنهن خاص حد تائين لکي ۽ پڙهي سگهي جيڪو ضروري مطلب جي ڳالهـ هڪ ٻئي سان لکت ۾ ونڊي سگهي ۽ ساڳئي ريت پڙهي پڻ سگهي جئين کيس مطلب ۽ مقصد جي چڱي ريت خبر پئجي سگهي .
پر ويجهڙائپم خواندگي جون مختلف تشريحون سامهون آيون آهن . جهڙوڪ فني خواندگي ، حسابي خواندگي ، سوچ يا پرکڻ جي خواندگي .جهڙا ڪجهـ مثال سامهون آيا آهن . جيتوڻيڪ اهيو تمام ڏکيو آهي تـ اهڙي خواندگي جي ڪهڙي ريت ماپ ڪري سگهجي تـ ڪهڙي خواندگي کي فرد واحد جي خوشين جي اُوسر ۽ ترقي جي مٿانپورو پورو ڪنٽرول يا دسترس حاصل آهي .
اهيو تـ هر ڪو آساني سان اندازو ڪري سگهي ٿو تـ خواندگي ۾ واڌ ئي فرد واحد جي زندگي جي بهتري ۽ فلاح جي ڪڙي ۽ معاشري جي ترقي جي ضامن آهي .
جڏهن تـ ترقي يافتـ قومن جي آدمشماري جو وڏو حصو جنهنجون عمريون 17 سالن کان وڌ آهن اهي سي بنيادي خواندگي جي ڄاڻ لکڻ ۽ پڙهڻ کان چڱي ريت واقف آهن . جڏهن ترقي پذير ملڪن ۾ خواندگي جي شرح تمام گهڻي گهت آهي.
خواندگي جي گهٽتائي ئي مک سبب آهي ترقي ۾ روڪاوٽ جو جنهن جي ڪري ئي اهي قومون اڌ صدي ڪان بـ مٿي گذري وڃڻ جي باوجود بـ ترقي جون منزلون ماڻي نـ سگهيون آهن.
بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ يونيسڪو خواندگي جي شرح ۾ واڌ ويجهـ جي لا۽ سڄي دنيا ۾ خواندگي جي جاڳرتا مهم هلائي خواندگي جي شرح ۾ اضافو تـ ڪيو آهي . مگرسڄي دنيا جي آدمشماري ۾ واڌ جي ڪري ناخواندگي جي شرح ۾ پڻ تيزي سان واڌ جي تبديلي واضع نموني سان ڏسڻ ۾ اچي پئي . يونيسڪو ناخواندگي ۽ غربت ۾ هڪجهڙائپ، نااُميدي ۽ سياسي تسلط جهڙا عنصر ڳولي لڌا آهن .
خواندگي جي لا۽ سڄي دنيا ۾ هلايل مهم سان نـ فقط خواندگي پر تعليم بالغان کي پڻ هٿي وٺرائيندي ۽ بالغن جي تعليم سان ڪيترائي مقصد حاصل تيندا جهڙوڪ سندن اولاد جي تعليم ،جنهن سان مسلسل خواندگي ۾ اضافو ٿيندو،ملڪ جي سياسي حالتن ۾ بهتري تنديلي ۽ استحڪام ايندو ان کانسواءِ بالغن جي تعليم ۾ واڌ اچڻ سان ازخود فرد واحد جي طرفان تعليم جي لاء مسلسل مهم شروع ٿئي ويندي جيڪو هڪ بنيادي انساني حق پڻ آهي .
جيڪڏهن سري لنڪا جو بطور ترقي پذير قوم جي مثال وٺبو تـ اسان کي خبر پئجي ويندي تـ ڪهڙي ريت ڊرامائي انداز ۾ ان ملڪ خواندگي جي شرح واڌ آندي آهي مري لنڪا ۾ خواندگي جي شرح 96 سيڪڙو آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي سبني ملڪن جي ڀيت ۾ گهڻي ۾ گهڻو آهي ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڀيت ۾ تخميني جي انداز کان وڌيڪ. جهنهجو سڄو سارو ڪريڊت ملڪي تعليمي پاليسي تي انحصار ڪري ٿو جنهن تحتسڀني ٻارن لاء مفت تعليم بنا ڪنهن آمدني جي فرق جي . علاوه ازين 15_24 جي بالغن جي ناخوندگي جي شرح فقط 4.4سيڪڙوآهي جيڪا 2001 جي سروي مطابق آهي .