ڳوٺ آدم مھر ۾ علمي انقلاب آڻيندڙ عبدالحڪيم مھر

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سانوڻ جي گهُٽ ۽ اٻس کانپوء لڳندڙ اتر جي ٿڌڙي ھير ڪيڏو نه من کي موھي ڇڏيندي آهي. سج جي تپش کانپوءِ پوندڙ بوندڪاري ڪيڏو نه روح کي راحت بخشيندي آهي ـ صحرا ۾ وڏي سفر کانپوء ڪنهن وڻ جي ڇانو نصيب ٿي وڃي ته مسافر خود کي جييئري جنت ۾ محسوس ڪندو آهي ـ خودغرضي جي رش ۾ ڪو "ٻين ڪاڻ جييئڻ " جو پيروڪار ملي وڃي ته پوء ساڻس سلھاڙيل ماڻھن ڄڻ ته ڏينهن ڏٺي جو سون لڌو ـ اھڙن " اڃان به ڪي آھن " ڪردارن مان محترم عبدالحڪيم مھر به ھڪ موجودہ دور جو لِونگ ليجنڊ آهي، جيڪو گذريل ستن سالن کان جھالت سان جنگ جوٽي ويٺو ـ ڳوٺ مان ته تقريبن جھالت جي تڏا ويڙھ ڪري ڇڏي اٿس ـ ھن پنهنجي محدود وسيلن مان 2011ع ۾ ھڪ اسڪول قائم ڪيو ـ نيو فائونڊيشن پبلڪ اسڪول ڳوٺ آدم مھر ۾ 900 ٻار زير تعليم آهن ـ ھي اسڪول ته ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي پھرين ڌڪ ۾ ڏندين آڱريون ڏيو ڇڏي ـ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ جتي جا رستا ٽٽل ڦٽل، بجلي به ڌڪي اسٽارٽ، جتي صحت جون سھولتون اٽي ۾ لوڻ برابر ھجن اتي ھڪ فلاحي اسڪول جنهن ۾ ڪمپوٽر ليب، سائنس ھال، آرٽ روم، سولر سسٽم، نياڻين لاء ٽيويھن ڪمرن جي ڌار عمارت سميت اھي سڀ سھولتون آھن جيڪي ھڪ ماڊل اسڪول کي درڪار ھونديون آهن ـ اوھان غير معمولي شاگردن سان ملو ۽ اھو.
    وساري ويھندا ته اوھان سنڌ جي سرحد تي آباد ھڪ معمولي ڳوٺ ۾ آھيو. اوھان ھن اسڪول جي 40 ڪمرن مان ڪنهن به ھڪ ۾ جھاتي پايو ته اوھان ٻارن جا لڳل آرٽ نمونا ڏسي واھ چئي ويھندا ـ ڪنهن وقت ۾ ھتي نياڻين جي تعليم جي ڳالهه ڪري ماڻهو مھينن تائين مھڻن کي منهن ڏيندو ھو ـ ھاڻ ھتي جون سگھڙ نياڻيون اسيمبلي جي قومي تراني کان وٺي سالياني پروگرام جي ميزباني به خود ڪن ـ اسڪول سان گڏ بنيادي ڊسپينسري جو بنياد رکندڙ ھن جاکوڙي ڪردار عبدالحڪيم جي اکين ۾ ھاڻ ڪاليج ۽ يونيورسٽي جا خواب جنم وٺي رھيا آهن ـ سنڌ حڪومت سان ٻيون کڻي ڪيتريون به شڪايتون ھجن پر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اھڙن ڪيترن ئي ڪردارن جي ٻانهن ٻيلي ٿي آهي جنهن جي ڪري ھن اسڪول وڏا مفاصلا ٿوري وقت ۾ طع ڪيا آهن ـ جس لھي سندس دوست ڊاڪٽر صدورو ناز ڪيريو جنهن ھن جي ھر سڏ جو جواب ڏنو آهي ـ ڪھاڻيون ڪردارن جو ميڙ ھونديون آهن ۽ ھي ھڪ خوبصورت اسڪول جي دل لڀائيندڙ ڪھاڻي ھنن چند ڪردارن جو ڪمال آهي ـ انسان جڏهن پيسي جي حوس ۾ جڪڙيو ته قارون بڻيو ۽انسان جڏهن ٻين ڪاڻ جيئڻ سکيو ته عبدالستار ايڌي، گنگارام، مير غلام حيدر ٽالپر ۽ عبدالحڪيم مھر بڻيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو