شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا : هڪ تمام وڏو تحقيقي ڪم

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    هڪ تمام وڏو تحقيقي ڪم


    انور ابڙو

    ڀٽائي سائينءَ جي شاعري، خاندان، زندگي، ذاتي واقعن، سندس فقيرن، پنڌن، تَڪين، ماڳن مڪانن، راڳ، فڪر، فن، ٻولي، سندن شاعريءَ ۾ موجود سنڌ جي مختلف لساني لهجن، تاريخي واقعن ۽ مختلف علائقن جي ذڪر بابت مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي محققن، ليکڪن، شاعرن ۽ سماجي ۽ لساني علم جي ماهرن هينئر تائين جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اُهو سڀڪجهه ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ رهيو آهي.
    ڀٽائي سائينءَ کي، خاص طور اڄوڪي نسل لاءِ، سمجهڻ، اول ته آهي تمام گهڻو ڏکيو، ٻيو وري سندن متعلق لکيل مواد به هڪ جاءِ تي جمع ٿيل نه هجي، ته پڙهندڙن يا ڀٽائي سائينءَ تي ڪم ڪندڙن کي تمام گهڻي ڏکيائي پئي ٿي، پر هينئر جڏهن ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا“ جو پهريون جلد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر؛ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ناميارن عالمن، محققن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن کان لکرائي ۽ ترتيب ڏياري؛ پيڪاڪ پرنٽرس، ڪراچيءَ کان شاندار انداز ۾ شايع ڪرايو آهي ته سچ پڇو ته اسان جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي آهي.
    هيءُ هڪ ڏاڍو وڏو ڪم هو، جيڪو خاموشيءَ سان، پر انتهائي ذميواريءَ سان سائين امداد حسيني، ڊاڪٽر فهميده حسين، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي، تاج جويي، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، سليم ڀٽو لطيفي، گل حسن ڪلمتي ۽ پروفيسر عبدالله ملاح سان گڏ ڪيترن ئي نوجوان ريسرچ آفيسرس ۽ سرچرز جي مدد سان مڪمل ٿيو آهي.
    لڳ ڀڳ 20 موضوعن تي مشتمل 449 صفحن واري هِن انسائيڪلوپيڊيا جي قيمت ته ٻه هزار رپيا آهي، پر اسان کي ڪوشش ڪري هيءَ ضرور خريد ڪري پنهنجي گهر ۾ رکڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته هيءَ جيڪڏهن ساڳئي معيار سان ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل هجي ها ته ان جي قيمت پنج هزار رپين کان مٿي ئي هجي ها. تنهن هوندي به پبلشر کي اها رعايتي اگهه تي پنهنجي پڙهندڙن کي ڏيڻ گهرجي.
    اڄوڪي دور جي اسانجي هِنن محترم سنڌي عالمن ۽ محققن جو هيءُ ڪم يقينن ڪنهن کان به، ۽ ڪڏهن به نه وسرندو. تنهن هوندي به ڀٽائي سائينءَ تي هيءُ ’آخري‘ ۽ ’مڪمل‘ ڪم ناهي. ڀٽائي سائينءَ سان لاڳاپيل اڃا ڪافي موضوع، دورَ ۽ واقعا رهن ٿا، تنهن ڪري چيو ٿو وڃي ته هِن جهڙا اڃا گهٽ ۾ گهٽ چار جُلد ٻيا به شايع ٿيندا. ۽ جيڪڏهن ائين ٿي ٿو وڃي ته اهو هڪ وڏو معجزو ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو هڪ وڏو تحقيقي ڪم هوندو.
     
    سجاد حسين ساقي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو