
ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر قسمم جي عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري عالمي ڪرڪيٽ کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيو ته هو هاڻ عالمي ڪرڪيٽ مان ٿڪجي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سندس جاءِ تي ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۾ نوجوان رانديگرن کي شامل ڪيو وڃي ۽ حقيقت اها آهي ته هاڻ عالمي ڪرڪيٽ تان ٿڪجي پيو آهيان. پر پنهنجي پيغام ۾ اي بي ڊويليئرز چيو ته هو ڪلب ڪرڪيٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو. هن ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۽ ڪپتان فاف ڊوپليسي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
اي بي ڊيويليئرز جارحانا ۽ دفاعي راند سان گڏ بھترين فيلڊر پڻ رھيو آھي. سندس رٽائرمينٽ مداحن لاءِ ڌچڪو آھي. 34 سالن جي ڊويليئرز114 ٽيسٽ ميچن ۾ 51 جي سراسري سان 8765 رنسون ٺاھيون، جنھن ۾ 22 سينچريون ۽ 46 نصف سينچريون شامل آھن ، ھن فيلڊنگ ۾ زبردست پرفارمنس ڏيندي 222 ڪيچ پڪڙيا ۽ 5 رانديگرن کي وڪيٽن جي پويان اسٽمپ ڪيو.
ھن 228 ون ڊي ۾ 54 جي سراسري سان 9577 رنسون ٺاھيون سندس اسٽرائيڪ ريٽ 101 رھيو. ھن 25 سينچريون ۽ 53 نصف سينچريون ٺاھڻ سان گڏ 176 ڪيچ پڪڙيا ۽ 5 رانديگرن کي اسٽمپ آئوٽ ڪيو.