سجاد حسين ساقي
سينيئر رڪن
اول الله عليم، اعلي عالم جو ڌڻي.
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آه قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراه سچو ڌڻي ، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي.
ڏکين لفظن جي معني
تشريح :
مرشد لطيف هن بيت ۾ چوي ٿو ته اي انسان سڀ کان پهرين ذات الله تبارڪ وتعالي جي آھي جيڪا با برڪت واري آھي. وڌ کان وڌ ڄاڻ رکندڙ ۽ ھن پوري ڪائنات جو مالڪ ، هن سنسار کي هلائيندڙ، سندس ذات هيڪڙائي واري آھي جنهن ڪري سندس ذات جو ڪو به مٽ ثاني ناهي، هن پوري جڳ کي پاليندڙ به الله تبارڪ وتعالي جي ذات با برڪات ئي آھي. ڀلارو مرشد لطيف چوي ٿو ته اي انسان تون ان مالڪ جي تعريف ڪر جيڪو هر شئي تي پنهنجو رحم و فضل ڪندڙ آھي. هن ذات جي حڪمت سدا واري آھي ۽ اهو ئي مالڪ آھي تعريف جي لائق. تنهن ڪري اي انسان تون پنهنجي پالڻھار جي اطاعت ڪندو رھ . هتي ڀلارو ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته اچو ان ڌڻي سڳوري کي ساراهيون جيڪو هن سنسار تي پنهنجي واڳ سنڀاليندڙ آھي.
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آه قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراه سچو ڌڻي ، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي.
ڏکين لفظن جي معني
- اول _ سڀ کان پهرين
- عليم _ سدائين ڄاڻندڙ
- عالم __ جڳ، سنسار
- قادر _ قدرت وارو، طاقت وارو.
- والي _ سنڀاليندڙ، مالڪ _
- رازق _ روزي ڏيندڙ
- قديم _ ازل کان ، اڳئين
- ڪريم _ احسان ڪندڙ
- جوڙئون _ جوڙي مان، ٻن مان
- جهان _ جڳ، دنيا، لوڪ
- حڪيم _ حڪمت جو ڄاڻندڙ
- رحيم _ وڌيڪ رحم وارو
- وحده _ هو(الله تعالي) هڪڙو آھي.
- بيت جو فلسفو

آخري ترميم: