وحدانيت کي پرکڻ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سجاد حسين ساقي طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2018۔

  1. سجاد حسين ساقي

    سجاد حسين ساقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    ٽنڊوالهيار
    اول الله عليم، اعلي عالم جو ڌڻي.
    قادر پنهنجي قدرت سين قائم آه قديم،
    والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
    سو ساراه سچو ڌڻي ، چئي حمد حڪيم،
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي.


    ڏکين لفظن جي معني

    1. اول _ سڀ کان پهرين
    2. عليم _ سدائين ڄاڻندڙ
    3. عالم __ جڳ، سنسار
    4. قادر _ قدرت وارو، طاقت وارو.
    5. والي _ سنڀاليندڙ، مالڪ _
    6. رازق _ روزي ڏيندڙ
    7. قديم _ ازل کان ، اڳئين
    8. ڪريم _ احسان ڪندڙ
    9. جوڙئون _ جوڙي مان، ٻن مان
    10. جهان _ جڳ، دنيا، لوڪ
    11. حڪيم _ حڪمت جو ڄاڻندڙ
    12. رحيم _ وڌيڪ رحم وارو
    13. وحده _ هو(الله تعالي) هڪڙو آھي.
    • بيت جو فلسفو
    سڀ کان پهرين هي ڳالھ ذھن ۾ رکڻي آھي ته هن جڳ کي جڙڻ کانپوءِ انسانذات کي خلقيو ويو . آخر ڇا لئه ؟ هن جهان ۾ اچڻ جو مقصد ڪيئن سمجهجي ته اسين ڇا لاءِ هن دنيا ۾ آياسين ۽ اچي ڪري اسان کي ڇا ڪرڻو آھي؟ ٿورو اڳڀرو سوچبو به ته هن جڳ کي ڪير هلائيندڙ آھي، وڏي علم وارو ، سدا حڪمت وارو ، رزق ڏيندڙ، قدرت وارو، ازل کان موجود، وڌيڪ رحم وارو، بنا گهرڻ جي ڏيڻ وارو ۽ ھن پوري جڳ جهان کي جوڙيندڙ ڪير آھي ؟ اهي سمورا سوال جيڪي اسان کي سامهون رکي ڪري هي ادراڪ ڪرڻو آھي ته آخر ايتريون نعمتون اسان مٿان نڇاور ڪندڙ جيڪڏھن رب العزت ناهي ته ٻيو ڪير آھي . هي سڀ جا سڀ سوال ذهن ۾ رکي ڪري پنهنجي پاڻ کي سجاڳ ڪرڻو آھي ته جيئن اسان ان ذات کي سڃاڻون .

    تشريح :
    مرشد لطيف هن بيت ۾ چوي ٿو ته اي انسان سڀ کان پهرين ذات الله تبارڪ وتعالي جي آھي جيڪا با برڪت واري آھي. وڌ کان وڌ ڄاڻ رکندڙ ۽ ھن پوري ڪائنات جو مالڪ ، هن سنسار کي هلائيندڙ، سندس ذات هيڪڙائي واري آھي جنهن ڪري سندس ذات جو ڪو به مٽ ثاني ناهي، هن پوري جڳ کي پاليندڙ به الله تبارڪ وتعالي جي ذات با برڪات ئي آھي. ڀلارو مرشد لطيف چوي ٿو ته اي انسان تون ان مالڪ جي تعريف ڪر جيڪو هر شئي تي پنهنجو رحم و فضل ڪندڙ آھي. هن ذات جي حڪمت سدا واري آھي ۽ اهو ئي مالڪ آھي تعريف جي لائق. تنهن ڪري اي انسان تون پنهنجي پالڻھار جي اطاعت ڪندو رھ . هتي ڀلارو ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته اچو ان ڌڻي سڳوري کي ساراهيون جيڪو هن سنسار تي پنهنجي واڳ سنڀاليندڙ آھي.
     
    آخري ترميم: ‏24 مئي 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو