ماضيء جو آئينو ؛ اسپين جو “ الزهرا ” محل.

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    662
    ورتل پسنديدگيون:
    632
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    مشهور فيلسوف ڪنفيوشس جي چوڻ مطابق؛ اصل حقيقت نظرن کان لڪيل رهي ٿي ۽ ظاهري ۽ لڪيل حقيقتن ۾ زمين ۽ آسمان جو تفاوت هوندو آهي. اصل ۾ جسماني حواسن کي نه محسوس ٿيندڙ سچائيون ئي ابدي هونديون آهن. ڏاهي سقراط جو چوڻ آهي ته “ ماڻهو املهه شين کي معمولي سمجھن ٿا ۽ حقيقت ۾ جن شين جي ڪا قدر قيمت ئي نه هوندي آهي انهن کي املهه ۽ قيمتي سمجھندي انهن کان دوکو کائي گھڻا انسان نقصان ۾ ويندا آهن.” انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي سوچن ۽ اميدن جا دائرا به محدود آهن.دنيا جي سمورن مذهبن موجب دنيا جي ساز ۽ سامان جو حرص ۽ طلب انسان کي اصل سڪون ۽ خوشيء کان محروم ڪريو ڇڏي.اها ڳالهه آخر تائين انسان جي سمجھه ۾ نٿي ويهي ته هن فاني جهان جي فنا ٿيندڙ شين سان چرپڻ جي حد تائين محبت ئي اسان جي دائمي خوشين ۽ حقيقي آزاديء ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.انسان جون اصل ضرورتون ته تمام مختصر آهن پرهو پنهنجو پاڻ انهن جو دائرو ايتري حد تائين پکيڙي ويهي ٿوجو زندگيء جو سفر پورو ٿيو وڃي پر اميدن،خواهشن ۽ حرص جو سفر پورو نٿو ٿئي.ايستائين جو هو انهن خواهشن ۽ حسرتن کي پاڻ سان گڏ قبر ۾ کنيو وڃي.

    طاقت جو ديوتا هرڪولئس وڌيڪ طاقت جو خواهشمند هو پر دشمن جي چال سان بيوس بڻجي باهه ۾ ٽپو ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو.تاريخ ۾ جرئت ۽ طاقت جي نشاني بڻيل سيمسن عشق ۾ هر وقت ميلاپ جو طلبگار رهيو،پنهنجي محبوبا ڊيلائلا جي غداريء سبب وار ڪٽائي پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو ته انڌو بڻجي هڪ عرصو سخت پورهيي سان قيد ۾ رهيو ۽ پوء جڏهن محبوبا کي پشيمانيء جو احساس ٿيو ۽ وارن جي جادوئي طاقت واپس موٽي ته بتخانو ڊهرائي ان جي ڍير هيٺان پنهن جي ڊيلائلا سان گڏ هميشه لاء دفن ٿي ويو.ٻي عالمگير جنگ ۾ هڪ کان بعد ٻيو ملڪ فتح ڪرڻ جي حرص ۾ مبتلا آمرن هٽلر ۽ مسوليني جو خوفناڪ انجام،پويان ايندڙ اقتدار جي ٻين حريصن لاء عبرت جو نشان آهي.هيڪل سليماني ۽ ييروشلم کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ بخت نصر مرڻ وقت پنهن جا هوش حواس وڃائي چڪو هو.دنيا فتح ڪرڻ جو خواب کڻي نڪتل سڪندر اعظم واپسيء تي انهيء ئي بخت نصر جي محل ۾ پراسرار بيماريء جو شڪار بڻجي هٿين خالي دنيا مان لڏي ويو.روم جو عظيم جوليئس سيزز پنهنجي ئي دوست بروٽس هٿان قتل ٿيو.مصر کان روم تائين عظيم سلطنت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي نشي ۾ مست سندس محبوبا قلوپطرا دربدر جا ڌڪا کائڻ بعد تخت ۽ تاج جي جنگ هارائي زهريلن نانگن هٿان آپگھات ڪري ويٺي.روم کي باهه لڳائي بيگناه انسانن جي خون جو تماشو ڏسندڙ نيرو پنهنجون نسون پاڻهي ڪپي موت کي دعوت ڏني.اهي عبرت سان ڀريل تاريخي واقعا گواهه آهن ته تخت ۽ تاج جي نشي ۾ انسانيت ۽ عاقبت ٻنهي کي وسارڻ وارا سدائين نامراد ۽ ناڪام ئي رهيا آهن.جڏهن انسان تي برو وقت اچي ٿو ته سموريون سبتيون تدبيرون به ابتيون ٿي وينديون آهن.

    اندلس جي مسلمان حڪمرانن مان سلطان عبدالرحمان ٽيون نهايت ئي مشهور آهي.اهو 300هه ۾ سلظنت جي تخت تي ويٺو ۽ 350هه ۾ ٻاهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.هن جي هڪ عيسائي راڻي هئي جنهنجو نالو زهرا هو.سلطان ان زال جي نالي سان قرطبا شهر جي ڪناري هڪ شاندار محل جوڙايو.چار ميل ڊگھو ۽ ٽي ميل ويڪرو هي محل ايترو ته وڏو هوجو ان کي “ زهرا جو محل” بدران “ زهرا جو شهر” چوندا هئا.ان محل جي اڏاوت 325هه ۾ شروع ٿي ۽ پنجويهه سال پوء 350هه ۾ مڪمل ٿي.المقري ان محل جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن انهن مان اهو محل الف ليلا جي ڪهاڻين جيان ڪو طلسماتي شهر محسوس ٿئي ٿو.انهيء محل جي اڏاوت تي ڏهه هزار رازا،چار هزار اٺ ۽ خچر روزانو ڪم ڪندا هئا.ان ۾ 4316 برج ۽ ٿنڀا هئا.سنگ مرمر ۽ ٻيو ڪيتروئي تمام قيمتي سامان فرانس، ترڪي،يونان،شام ۽ آفريڪا جي ملڪن جي بادشاهن تحفي طور ڏنو هو.ان جي ڇتين ۾ سون ۽ چانديء جو ڪم ايترو ته گھڻائيء سان ڪيل هو جو ڏسڻ وارن جون اکيون چمڪنديون هيون. ان محل جي انتظام ۽ سار سنڀال لاء 13750ملازم ۽ نوڪر مقرر ٿيل هئا ان کان سواء 13382 غلام هئا.حويليء جي اندر ڇهه هزار عورتون خدمت گذاريء لاء هروقت حاضر رهنديون هيون.سڄو محل باغن ۽ ڦوهارن سان گلزار رهندو هو.يورپ ۽ ٻين ملڪن مان گھمندڙ ۽ سير سفر ڪندڙ اڪثر اهو محل ڏسڻ ايندا رهندا هئا.پر ان عظيم محل جي پڇاڙي ڇا ٿي؟ 25 سالن جي عرصي ۾ هاڻوڪي پئسي جي معيارکان کربين روپين جي خرچ سان جڙيل هي محل رڳو پنجاهه سالن کان پوء نيست ۽ نابود ٿي ويو.اندلس جي حڪمرانن جي پنهنجن جھيڙن جھٽن سبب عيسائين انهن تي قابو پائي ورتو ۽ انهن کي شڪست ڏيئي سندن نالي نشان کي ئي مٽائي ڇڏيو. قرطبا جو اهو الزهرا محل کنڊرن ۾ بدلجي ويوجنهن کان پوء انهيء تي زماني ۽ حالتن جي دز وسندي رهي ايستائين جو اهو نظرن کان غائب ٿي ويو.هاڻوڪي زماني ۾ اتي کوٽائي ڪئي ويئي آهي پر کوٽائي ڪندڙن کي اتان ٽٽل ڦٽل نالين سواء ڪجھه به هٿ نه آيو آهي.

    دنيا ۾ عيش ۽ آرام جي نشانين کي مٽائي خدا تعاليٰ اسان کي ڏيکاري ٿو ته هن جي نظر ۾ هتان جي عيش آرام جي ڪا قيمت ناهي پر انسان گھٽ ئي سبق سکي ٿو.هر ايندڙ بد مست انهيء ئي تباهه ٿيل محل مٿان پنهنجو نئون محل تعمير ڪرڻ لڳي ٿو.اقتدار، طاقت ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت ۽ عوام جي سورن ۽ دردن کان غافل حڪمرانن ۽ سڄيون راتيون ناچ گانن جون محفلون سجائيندڙ انقلابين جي دل ۽ ذهن ۾ خبر ناهي ڪهڙي کجلي آهي جيڪا انهن کي زمين تي انسانن جيان ٽڪڻ ئي نٿي ڏئي.اهي حڪمران اقتدار لاء ڏينهن رات هڪ ڪري جيڪي ڪرتوت ڪن ٿا ۽ جائز توڙي ناجائز چالون چلن ٿا انهن کي اهو احساس ئي نٿو رهي ته تخت ۽ تاج ڪيڏي نه بيوفا شيء آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو