انساني دماغ کي لذت جو احساس ڪيئن ٿو ٿئي؟

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    [​IMG]

    شفيق الرحمان شاڪر
    دماغ اسان جي وجود جو مرڪز آهي.اسان جيڪا شيء به محسوس ڪيون ٿا ۽ جيڪو ڪم به ڪريون ٿا اهو دماغ ذريعي ئي ٿئي ٿو.اهو ٻاهرين دنيا مان ايندڙ احساسن جهڙوڪ کاڌي جي خوشبوء ۽ جسم جي اندر پيدا ٿيندڙ معلومات جهڙوڪ بک جي احساس کي پروسيس ڪري ٿو. ان معلومات کي پروسيس ڪري دماغ ان جو مناسب ردعمل تجويز ڪندو آهي يعني جسم ۾ اهڙي چرپر پيدا ڪندو آهي جيڪا اسان کي ڪاميابيء سان زندهه رهڻ ۾ مددگار هوندي آهي.مثال؛ بک لڳڻ تي کاڌو تلاش ڪرڻ. دماغ جي اونهائيء ۾ هڪ حصو آهي جنهن کي Limbic Systemچيو ويندو آهي جيڪو دماغ جي سطحي پرتن Cortex جي هيٺان هوندو آهي.لمبڪ سسٽم جو هڪ حصوHippocampus سڏائي ٿو جيڪو اسان جي يادن کي محفوظ ڪرڻ ۽ سکڻ ۾ مددگار هوندو آهي.Amygdale جذبا پيدا ڪري ٿو ۽ Striatum اهڙيون عادتون ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جن کي اسان بنان سوچڻ سمجھڻ جي سرانجام ڏيئي سگھون ٿا. لمبڪ سسٽم دماغ ۾ انعام جو نظام به قائم ڪري ٿو جيڪو دماغ جي ڪيترن ئي حصن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ اهي سڀ حصا پاڻ ۾ ملي اسان ۾ لذت يا مزي جو احساس پيدا ڪن ٿا ۽ اسان مجبور ٿي ويندا آهيون ته اهو ڪم وري وري ڪريون جنهن ذريعي اهو لذت جو احساس پيدا ٿئي ٿو.انهن ۾ سٺي ذائقي وارا کاڌا ۽ ٻيا ڪم شامل آهن جيڪي اسان جي زندهه رهڻ لاء اهم آهن.
    انعام يا ان سان لاڳاپيل شيون دماغ جي وچئين حصي کي فعال ڪن ٿيون جنهن کي VTA
    (Ventral Tag mental Area) چئبو آهي.اهڙيء طرح انعام جي نظام ۾ هڪ مسلسل ردعمل(Chain Reaction) شروع ٿئي ٿو.ان حصي مان نڪرندڙ ڊگھا ريشا دماغ جي هڪ ٻئي حصي ۾ پهچن ٿا جنهن کي VS (Ventral Striatum) چئجي ٿو.جڏهن VS ۾ موجود Nucleus Accumbens جا نيورونز انهن ريشن جي فائرنگ سبب ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته اسان کي لذت يا مزو محسوس ٿئي ٿو.نيوڪلس اڪمبينس کي عام طور تي دماغ ۾ لذت جو مرڪز چيو ويندو آهي جڏهن ان حصي ۾ موجود نيورونز ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته هر نيورون هڪڙو برقي سگنل پيدا ڪري ٿو جنهنجي نتيجي ۾ اهڙا ماليڪيول خارج ٿين ٿا جن کي نيورو ٽرانسميٽر چئبو آهي ۽ جيڪي ڪيميائي پيغام پهچائيندڙ جي طور تي ڪم ڪن ٿا جڏهن ته ٻيا نيورونز اهي پيغام وصول ڪن ٿا.اهڙيء طرح هڪڙي نيرو سرڪٽ جا مختلف نيورونز هڪ ٻئي سان پيغامن جي مٽا سٽا ڪن ٿا.دماغ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا نيورو ٽرانسميٽر ٿين ٿا جن جا مختلف ڪم ٿين ٿا.جيڪو نيورون پيغام موڪلي رهيو هجي تنهن کي Pre synaptic ۽ جيڪو پيغام وصول ڪري رهيو هجي تنهن کيsynaptic Post چئبو آهي.
    نيورو ٽرانسميٽر ماليڪيول ڪجهه پيڪيٽن ۾ ٻڌل هوندا آهن.برقي سگنلز سبب اهي پيڪيٽ خليي جي پردي وٽ پهچي وڃن ٿا جتي اهي پيڪيٽ کلن ٿا. دماغ جي انعام جي نظام ۾ انهن نيرو ٽرانسميٽرز کي Dopamine چيو ويندو آهي.ڊوپامائين جا ماليڪيول حرڪت ڪندي نيورون جي پردي ۾ موجود Dopamine Receptors سان وڃي ملندا آهن.جڏهن ڊوپامائين ماليڪيول ان رسيپٽر جي ٻاهرئين حصي سان ملي ٿو ته تالي ۾ چاٻيء جيان فٽ ٿي وڃي ٿو جنهنجي نتيجي ۾ پوسٽ سائنپيٽڪ نيورون ۾ گھڻيون تبديليون پيدا ٿين ٿيون.جڏهن ان ۾ ڊوپامين جو مقدار وڌي ٿو ته ڪجهه پروٽين جيڪي انهن رسيپٽرز جي اندرئين حصي سان ڳنڍيل هوندا آهن ان سگنل کي نيورون جي مرڪز تائين پهچائين ٿا.انهيء دوران ڊوپامين جا ماليڪيول پنهنجو ڪم مڪمل ڪري فارغ ٿي چڪا هوندا آهن.هڪ صحتمند دماغ ۾ جيڪر انعامي نظام فعال نه به هجي تڏهن به ڪجهه مقدار ۾ ڊوپامين موجود رهي ٿي جڏهن انعامي نظام ڪم شروع ڪري ٿو مثال اسان کاڌو کائڻ شروع ڪيون ٿا ته Pre synapticنيورون ڊوپامين تمام گھڻي مقدار ۾ خارج ڪرڻ لڳي ٿو.انعام جي ان منجھيل نظام ۾ دماغ ترت اهو سکي وٺي ٿو ته کيس پنهنجي بقا لاء ڇا ڪرڻو آهي.دماغ جي انعام جي نظام جي سرگرم ٿيڻ جي نتيجي ۾ دماغ جي باقي حصن ۾ به ڪافي تبديليون اچن ٿيون.VS جي علائقي کان انعامي نظام جون شاخون Prefrontal Cortex تائين پهچن ٿيون جنهن ۾ سوچڻ،سمجھڻ،پلاننگ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي.انعام جو نظام لمبڪ سسٽم کان سواء دماغ جي انهن حصن تي به اثر انداز ٿيندو آهي جتي حسن ۽ اعصابن جي پروسيسنگ ٿيندي آهي.انعامي نظام جي سرگرم ٿيڻ سان Cerebellum تي به اثر پوندو آهي جيڪو دماغ جي پوئين حصي ۾ هوندو آهي ۽ جتان اسان جون حرڪتون ۽ ڌيان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي.انعامي نظام جي نارمل سرگرميءسان دماغ جي سمورن حصن تي اثر پوندو آهي.انهيء نظام جي ئي سبب اهڙن محرڪن جي موجودگيء ۾ انعام ڏنو ويندو آهي جيڪي اسان جي زندهه رهڻ جي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ کاڌي جي تلاش کي پورو ڪن.ان انعام جي نتيجي ۾ اسان انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڊوڙ ڊڪ ڪندا آهيون ته جيئن اسان کي انعام ملي سگھي. جڏهن هڪ دفعو دماغ اهڙن محرڪن جي نتيجي ۾ انعام جاري ڪرڻ لڳي ته اهڙي محرڪ کي رڳو ڏسڻ سان ئي دماغ جي انعامي نظام ۾ ڊوپامين خارج ٿيڻ لڳي ٿي.جڏهن ڪو ماڻهو پهريون دفعو ڪوڪين استعمال ڪري ٿو ته اها تمام جلد دماغ تائين پهچي وڃي ٿي جتيpresynaptic نيورونز جي ٽرانسپورٽرز کي بند ڪري ڇڏي ٿي ڇو ته ڊوپامين هاڻي presynapticنيورون ۾ واپس نٿي وڃي سگھي ان ڪري اها synapse ۾ گڏ ٿيڻ لڳي ٿي جنهن سبب ان جو مقدار نارمل کان گھڻو وڌي وڃي ٿو ۽ گھڻي دير تائين وڌيل رهي ٿو ان ڪري postsynaptic نيورون تمام تيزيء سان ڪم ڪرڻ لڳي ٿوجنهن سبب تمام گھڻي راحت ۽ مزي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.ان ڪري ئي دماغ کي ڪوڪين ۽ لذت جي هڪ دوستي association جڙي وڃي ٿي جنهن ڪري اهڙو شخص وري وري ڪوڪين استعمال ڪري راحت جو اهو احساس بار بار پيدا ڪرڻ چاهيندو آهي.
    جڏهن ڪو شخص پهريون ڀيرو Methamphetamine استعمال ڪندو آهي ته اها به ترت دماغ تائين پهچي ويندي آهي.گھٽ مقدار ۾ استعمال ڪرڻ سان Methamphetamine جا ماليڪيول ڪوڪين جيان ڊوپامين کي presynaptic خليي ۾ وڃڻ کان روڪين ٿا.پر ڪوڪين جي ابتڙ جيڪر ميٿ کي گھڻي مقدار ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اها ڊوپامين جي پيداوار جي رفتار کي به وڌايوڇڏي جنهن سبب synapse ۾ ڊوپامين جو مقدار تمام گھڻو وڌيو وڃي جتي اها ڊوپامين فائديمند بڻجيو وڃي ڇو ته ميٿ ڊوپامين کي واپس خليي ۾ وڃڻ کان روڪي ٿي.ڇو ته ايتري گھڻي ڊوپامينSynapse ۾ گھڻي دير تائين موجود رهي ٿي ان ڪري postsynaptic نيورون جي ڪارڪردگي خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ٿي جنهن سان ان شخص کي سخت لذت يا مزي جو احساس ٿيندو آهي.ان ڪري ميٿ نهايت ئي نشي آور دوا آهي.
    ڪوڪين ۽ ميٿ جي استعمال جا نتيجا نهايت ئي خطرناڪ نڪرن ٿا.انهيء منشيات جي استعمال سان دماغ جي انعامي نظام جو لاڳاپو دماغ جي باقي ٻين حصن سان هميشه لاء خراب ٿي وڃي ٿو جنهن سبب جذبات،حرڪت ڪرڻ،سوچڻ سمجھڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت تي برو اثر پوي ٿو.انهن دوائن جي مسلسل استعمال سان دماغ جي پوري وائرنگ ئي بگڙي وڃي ٿي جنهن ڪري مسلسل انهن شين کي استعمال ڪندڙ نشئي بعد ۾ انهن شين مان ايترو مزو حاصل نٿو ڪري جيڪو منشيات استعمال ڪرڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ محسوس ڪندو آهي. مزو ته رهيو پنهنجي جڳهه تي پرهاڻي هن کي رڳو پاڻ کي نارمل رکڻ لاء به منشيات ۽ اهڙين دوائن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو ۽ هو نتيجن کان بي پرواهه بڻجي اهي دوائون لاڳيتو استعمال ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي.انهيء حالت کي دوائن جي عادت پئجي وڃڻ يا addiction چئبو آهي.

    (روزاني عوامي آواز)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو