لهاڻي عشق گناھ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2018۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    عشقِ گناهه خادم گھراڻو
    هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي هئي هر گھٽي ۽ واٽ تي خوبصورت گل هوندا هئا جيڪي هوا جي جھونڪن تي پيا لڏندا هئا پکي مٺي لات لنوندا هئا .هر ڪو هاري خوش آسودو هوندو هو . پر اڄ نه هتي ايترا ٻوٽا آهن ۽ نه ئي گل ڦل آهن پکين جي مٺي لات به ٻڌڻ ۾ ڪونه اچي . اهڙو ڪو وقت آيو جو جيڪي ڳوٺ جي ڀر ۾ شاخ وهندي هئي جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا مينهيون ٻڪريون چاريندي پيا وهنجندا هئا پاڻيءَ منجھه پيا رانديون ڪندا هئا مينهيون پاڻي ۾ ويهي خوش ٿينديون هيون اها شاخ اڄ سڪي ٺوٺ ٿي ويهي آهي جنهن ۾ ڪيتري وقت کان پاڻي نه آهي جنهن جو اثرر ڳوٺن تي به پيو جنهن ڪري وڻ ٻوٽا پاڻيءَ بنا سڪي سڙي ويا پاڻي آهي ته جيون آهي . هن ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ قبرستان هوندو هو جنهن ۾ هر وقت ڇانو هوندي هئي گل هوندا هئا هرڪو لنگھندي ٿڌي ڇانو ۾ ويهندو هو هاڻي ايڪڙ ٻيڪڙ وڻ وڃي بچيا هئا . هڪ وڻ جي هيٺ روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ خانڻ اچي ويهندو هو . هي هن وقت مستن وانگر لڳي رهيو هو پر هي مست نه آهي ويٺي ويٺي ماضي جي وهڪرن ۾ ويهي ويندو هو جتي هن جو گھر هوندو هو ان کان ٿوري ئي مفاصلي تي انيلا جو گھر هوندو . انيلا هن جي مائٽ نه هوندي هئي پر هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهڻ جي ڪري هنن جو هڪ ٻئي جي گھر اچڻ وڃن هوندو هو هي گڏ هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهيا هئا هنن جي دوستي اهڙي هوندي هئي جو هڪ ٻئي کي تڪليف ۾ ڏسي نه سگھندا هئا ائين وقت جي هلندڙ ڦيٿي هنن کي جواني ۾ ڪاهي آيو جڏهن جواني جوڀن هنن جي ظاهر ٿي ته خانڻ هڪ خوبصورت نوجوان ٿي پيو جنهن تي ڪيئي دل ڦرائڻ لاءِ تيار هئا پر هن جي ڪنهن تي به اک ڪانه ٻڏندي هئي . انيلا جو جوڀن اهڙو کليو جو سهڻا گل ۽ چنڊ به هن جي حسن جي اڳيان مات کائي وڃي . پر هنن جي دوستي قائم رهي . هڪ ڏينهن انيلا جيئن ئي گھر ۾ آئي ته هن جي ماءُ سڏ ڪيس سو به ڪاوڙ مان ڇوري هيڏانهن اچ ڪاڏي وئي هوئين جنهن تي هن پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان مون ڇا ڪيو جو مون تي ڪاوڙي آهين آئون ته طانڻ جي گھر وئي هيس ٻيو ڪيڏانهن ڪانه وئي هيس . جنهن تي هن جي ماءُ چيس ته ڇوري هاڻي ننڍي نه آهين جوان ٿي آهين ٿورو پنهنجي پاڻ کي آرسي ۾ ته ڏس هاڻي تنهنجا هٿ پيلا ڪري توکي پنهنجي گھر موڪلڻو آهي جنهن تي انيلا چيو ته ڇو هي منهنجو گھر نه آهي جنهن تي هن کي ماڻس چيو ته هاڻي تون جوان ٿي وئي آهين تنهنجي شادي جون تياريون ڪريون . هي ماءُ جي ڳالهه ٻڌي اندر هلي ويئي ويئي ۽ پنهنجي پاڻ کي آرسي جي سامهون آڻي ڏسڻ لڳي پنهنجي بدن کي ڏسي مرڪڻ لڳي . ٻئي ڏينهن هيءَ خانڻ سان ملي جنهن کي چيائين ته منهنجا مائٽ چون ٿا ته تون جوان ٿي ويئي آهين هاڻي تنهنجي شادي ٿا ڪرايون . جنهن تي خانڻ چيو پوءِ تون شادي ڪرين ٿي جنهن تي هن مرڪندي چيو ته ها ........ خانڻ ان وقت اداس ٿي ويو هن کي انيلا چيو ته ڇا ٿيو تون منهنجي شادي جو ٻڌي اداس ٿي ويو آهين ان وقت خانڻ جي اندر ۾ لڪل محبت لبن تي چڙهي آئي هن انيلا کي چيو ته تون منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهين آئون توهان کان سواءِ جيئرو رهي نه سگھندس . جنهن تي انيلا چيس ته آئون وري توکان سواءِ ڪهڙو جيئرو رهندس پنهنجو پيار امر آهي اهو ننڍپڻ جو آهي ان کي ڪيئن ڇڏبو ڪهڙو به طوفان اچي پر تنهنجو ساٿ نه ڇڏيندس . خانڻ جڏهن گھر آيو ته هن جي منهن تي مرڪ نه هئي جنهن تي هن جي امڙ پريشان ٿي ويئي جنهن چيس پٽ ڇا ڳالهه آهي جنهن تي هن سڄي ڳالهه پنهنجي ماءُ سان ڪئي جنهن تي هن چيو ته پٽ تون پريشان نه ٿي انيلا مون کي به پسند آهي آئون هن جي مائٽن سان ڳالهيان ٿيو آئون توهان کي جدا ٿيڻ نه ڏيندس . خانڻ جي ماءُ پنهنجي مڙس سان صلاح ڪري انيلا جي گھر ويئي جن سان هن شادي جو ذڪر ڇيڙيو پر انهن چيو ته پهرين ڳالهه ته اسان کي ٿورو وقت ڏيو سوچڻ جي لاءِ ٻيو ڳالهه اها ته هي رشتو شايد نه ٿئي ڇاڪاڻ ته اسان ڌارين ۾ رشتا نه ڪندا آهيون پر وري به آئون ڳالهه ڪريان ٿي . انيلا ۽ خانڻ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان پاڻ ۾ ملندا رهندا هئا دل جو حال هڪ ٻئي سان ڪندا رهندا ڪيترو ئي وقت گذري ويو پرانيلا جي مائٽن ڪابه ورندي نه ڏني . هيءُ پنهنجي عشق ۾ هڪٻئي کان ڏور ٿيڻ نه چاهيندا هئا . چوندا آهن ته بصر ڀڄندو ته ڌپ نڪرندي ائين هنن جي عشق جي ڳالهه ڳوٺ ۾ گھڻين زبانن تي اچي ويئي پر هيءُ انهن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٻئي سان ملندا رهيا . جيئن چوندا آهن پيار جا ويري هزار ان نموني هنن جي پيار جا ويري به هزار هئا جن انيلا جي ڀاءُ کي اچي ڀڙڪايو . ته تو ۾ غيرت نه آهي تنهنجي ڀيڻ خانڻ جي عشق ۾ انڌي آهي . روز هي پاڻ ۾ ملندا رهندا آهن . ائين هن جو ڀاءُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو . هڪ ڏينهن انيلا جي ڀاءُ کي دوستن چيو ته تنهنجي ڀيڻ ڪاري آهي جنهن کي اڃا توهين برداشت ڪريو پيو توکي ڪا به غيرت نه آهي جو ڪاري گھر ۾ ويٺي آهي . هيءُ ڪاوڙ ۾ سڌو گھر آيو انيلا کي پنهنجي ڪمري ۾ سڏ ڪيو ان وقت انيلا کان سواءِ گھر ۾ ٻيو ڪير به نه هو . هن انيلا کي چيو ته تون ڪاري آهين جنهن تي هن چيو ادا آئون ڪاري نه آهيان مون اهڙو ڪو به غلط عمل نه ڪيو آهي جنهن سان منهنجي مائٽن ۽ خاندان تي داغ لڳي . جنهن تي هن چيو ته تون خانڻ سان ٺهيل آهين تنهنجو هن سان تعلق آهي جنهن تي انيلا چيو ته مون خانڻ سان ڪو به غلط رشتو نه رکيو آهي هن سان عشق آهي ڇا عشق ڪرڻ محٻت ڪرڻ گناهه آهي جنهن تي هن جي ڀاءُ چيس گناهه هو هن هڪ فائر ڪيو جنهن سان انيلا جو جسم جيڪو ڪجھه پل حرڪت ۾ هو خاموش ٿي ويو . هن جي ڀاءُ پنهنجي پاڻ کي پوليس وٽ پيش ڪيو ۽ چيو ته ڪاري ماري آيو آهيان ڪارو بچي ويو . انيلا کي ان ئي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو جتي هاڻي خانڻ پنهنجي حياتيءَ جا پل ويهي گذاري رهيو هو جيڪر عشق گناهه آهي ته ان عشق هن جو سڀ ڪجه کسي ڇڏيو .
     
    فقير محسن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو