عشق انباڪس (عبيد ٿهيم)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هزاداستان ۾ ڇپيل منهنجي لکيل ڪهاڻي
    _
    ** عشق انباڪس ***
    (عبيد ٿهيم)

    **************************

    ”مونکي تو جهڙي ماڻهوءَ سان نفرت آهي“
    هُن جو لهجو بدلجي ويو هو، مُون ٻيهر انباڪس ۾ پڇيومانس ته ”آخر ٿيو ڇا آهي؟ ڪا ڳالھ مُهاڙ؟“
    هُن جو ميسيج آيو، ”بس!! هاڻ گھڻوئي ٿيو، تو ۽ قمرحيدر گھڻئي خوار ڪيو آ“ هُن قمرحيدر جو نالو لکيو ته سمجھي ويس پَڪ سان اِن ڇوڪري جي چال هُوندي... اُن وقت هُن مونکي پنهنجي زندگي ۽ فيسبوڪ مان انفرينڊ ڪري ڇڏيو هو.
    سندس نالو ناديه آهي، مونکي عجيب لڳندو آهي ته هُن جو نالو ناديه آهي! شايد ٻيو ڪو نالو به هُجيس پڪ ڪرڻ خاطر کائنس کوڙ ڀيرا پڇيم، هر ڀيري ساڳيو ئي جواب ته، ”منهنجو نالو فيسبوڪ آئي.ڊي ۾ اصلي آهي، مان نقلي آئي.ڊي ناهيان استعمال ڪندي“ اهو جواب ٻُڌي عارضي طور دل کي تسلي ڏئي ويندو هئس.
    ناديه سان منهنجي سنگت سوا ڇھه مهينا هَلِي! ۽ وڌيڪ هلي به ڪانه ها، ڇوته هُن جي طبعيت مونسان نٿي مِلي! پهرين لڳندو هئم ته هِي ڇوڪرِي منهنجي طبعيت جي آهي، سندس گفتگُو مان سِنڌُوءَ جِي چِيڪِي مِٽِيءَ جو هُڳاءُ ايندو هو! مان سندس گفتگو مان واسجي ويندو هئس. هُو اڃا به فيسبوڪ تي کوڙ سارن ”ادن“ سان ڳالهائيندي آهي! سندس اصلي تصويرون قمرحيدر، جبل، ۽ ڪُجھه ٻين ”ادَن“ کان سواءِ مون وٽ به هُيون جيڪي بعد ۾ فيسبوڪ تان به هٽائي ڇڏيم... ”تون نه رهئين منهنجي زندگيءَ ۾ تُنهنجي تصويرن کي ڇا ڪريان!!“ وانگيان مون سندس يادن کان سواءِ ڪا ٻِي نشاني ناهي رکي. ’يادُون به ڪينسر جي بيماريءَ مثل آهن، مرڻ گھڙيءَ تائين پيڇو ناهن ڇڏينديون. ‘
    ”توهان پنهنجو نمبر موڪليو“، سندس پهريون خط (فيسبوڪ تي انباڪس ۾) به عجيب لڳو هئم، هڪ ڇوڪري ۽ مونکان نمبر ٿِي گُهري! ان کان پهرين مون ڪنهن به ڇوڪريءَ سان فون تي نه ڳالهايو هوندو.. شايد، مونکي نه ڏيڻ کپي ها پر مون به جلدي ۾ کيس پنهنجو نمبر ڏنو ۽ موٽَ ۾ لکيومانس ”مان هن وقت مصروف آهيان 7 بجي ڪال ڪجئو“ ۽ هُن به جواب ۾ ”اوڪي ادا“ لکيو هو..
    مون سميت هُن جا ڪيترائي ”ادا“ بعد ۾ سندس عاشق بڻجي ويا، بڻجن به ڇونه ! هُن جي ”ادا“ چوڻ واري اداءَ ۾ به محبت ڀريل هُئي، مُحبت پاڪ رشتو آهي پر فيسبوڪي محبت جو رشتو سيڪس، جذبات، ڪاوڙ، عشق، رنج رُساما، ڪهاڻين جو ميلاپ آهي، اِن کي سؤلي سنڌيءَ ۾ عارضي عِشق چئي سگھجي ٿو.
    هُن جي ڪال پئي آئي، مون جليبِي اسٽريٽ وٽ جُوس جي ريڙهي وٽ بيهي سندس ڪال کنئي!
    ”هيلو! مجيد؟“ سندس اِن جملي تي مونکي ڄڻ نانگ سُنگھي ويو هُجي، اڌ منٽ سوچ ۾ پئجي ويس ته منهنجو نالو ڇو پئي وٺي؟ انباڪس ۾ ادا چيس ۽ هِتي رُکو نالو پئي وٺي! وڏي ڪا واهيات آ.. ڳِيتَ ڏيندي وراڻيومانس
    ”جي ها! حڪم ڪريو!“
    ”مونکي اهو پڇڻو آهي ته فيسبڪ تان پاسورڊ ڪيئن مٽايان؟“
    ”پهرين سيٽنگ کوليو پوءِ جنرل آپشن ۾ وڃو ۽ .....“ مان کيس سمجهائيندو به رهيس ته فُٽ پاٿ تي واڪ به ڪندو رهيس..
    پولي جُوس جي پيل خالي پيڪيٽ کي لت هڻندي پڇيومانس ”توهان جي عُمر ڇا آهي؟“
    ” 45 سال، پر ڇو؟“ هُن ائين جواب ڏنو ڄڻ کائنس ورجنٽِي (ڪُنوارپ) جو پڇيوهجيمانس.
    ”همم..! ته معنيٰ توهان کي مان چاچِي چئي سگھان ٿو“ مون سندس سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو...
    ”ها! آنٽِي نه..!“ هُوءَ ڪُجھ ئي گھڙين جي ڪچهريءَ ۾ ايتري ته گَهرِي ٿي وئي هُئي جو لڳم پئي ته ساڻس روح جو رشتو آهي، ورهين کان پوءِ ڪنهن وَلَر سان وڇڙِيل ڪُونج پنهنجي وَلَر سان مِلي هُجي۽ هُوءَ مِٺيون مٺيون ٻوليون ٻولڻ لڳي هُجي، نومبر جي رات جا تارا خوشيءَ مان ٽِمڪا ڏئي رهيا هُجن، حيدرآباد ۾ هلندڙ گاڏين جو شور بند ٿي ويو هُجي، سِنڌُوءَ جِي ڪَپَرَ تي ڪو پَکِي مِٺي لات ٻوليندي سنڌوءَ جي لهرن کي پيرن سان ڇُهِي رهيو هُجي... فلمي منظر پئي لڳو، يقين نه پئي آيم ته هِي اُها ئي ناديه آهي جنهن سان ڪُجھه ئي ڪلاڪ اڳ پهريون گُفتو ڳالهائڻ ۾ هَٻَڪ محسوس پئي ڪيم...
    ”مان هاڻ سُمهان ٿِي! گُڊ نائٽ“ مُنهنجي خيالن جو تسلسل ٽُٽي ٿو، مان سندس ڪيل سموري گُفتگُو کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر مُنهنجين ٻانهن ۾ سندس آڇيل لفظ نٿا سميٽي سگھجن. مان کيس ڪو جواب نه پيو ڏيڻ چاهيان، ڪُجهه دير سوچيان ٿو، موبائل کڻي ٻيهر لکانس ٿو ”توبِن زندگيءَ جي اُماس رات ڪيئن ڪٽبي؟“
    مان محبت جي معاملي ۾ ڏاڍو تڪڙو نِڪتس.. ڪُجھه ئي ڪلاڪن ۾ هن کي پنهنجي خيالن جي خوبصورت خاتون سمجھڻ لڳس..
    مان انتظار ٿو ڪريان، ٻه مِنٽ، ٽي منٽ، اڌ ڪلاڪ، ايتري ۾ موبائل جِي گھڙيءَ ۾ رات جا 2 ٿي رهيا، دل کي تسلي ڏيان ٿو ته صِرف خواب هو، اکيون بند ٿين ٿيون، ننڊ جي آغوش ۾ پنهنجو پاڻ کي ارپڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ننڊ جي ماتا لورِي سُڻائي ٿِي، مُنهنجيون اکيون خُمارجن ٿيون، موبائل جي گھنٽِي وڄي ٿِي..
    ”سُمهي رَهُه مان آهيان توسان گَڏ“ سندس اِهي لفظ ائين پئي لڳا ڄَڻ مونکي پِرھ چيا هُجن، ڄڻ مونکي واجده چيا هُجن، مونکي سندس لفظ سندس جا نٿي لڳا! مونکي سندس جا لفظ مُنهنجي اڳين محبوبائن جا پئي لڳا.. مان حيران هُئس ته ساڳيا لفظ مونکي واجده ، پِرھ سميت مُنهنجين سڀني خيالي محبوبائن مونکي اڳ ۾ چيا آهن سي هِيءُ ڪيئن پئي چئي سگھي.. مان کيس جواب ڏيڻ جي ڪريان ٿو! سيءَ ۾ سوڙھ ڇِڪي پاڻ مٿيان اوڍيان ٿو، سوڙھ ۾ لِڪي کيس لکان ٿو ”تون ته پري آهين“
    ڪُجھه ئي منٽن ۾ هن جو پيغام پهچي ٿو، جيڪو منهنجي دل جي ڪيفيت ئي تبديل ڪري ڇڏيو ٿو”محسوس ڪندين ته مان تُنهنجي دِل جي ويجھو هوندس“
    ”ڇو دِل ۾ نه هوندئين ڇا ؟“
    ”نه ! مونکي عشق ناهي ڪرڻو! عشق تباھيءَ جو طويل رستو آهي، مونکي پنهنجيءَ ڌرتيءَ ماءُ سان عشق آهي!“
    ”ڇا ڌرتيءَ سان عشق ۾ تباهي ناهي؟“
    ”مان ۽ مُنهنجو خاندان اِن عشق مٿان قربان“ هُن جواب ۾ لکيو، مان لاجواب ٿي ويس.. سنڌُ سان عشق جي انتها ڏِسي مونکي رَشڪ اچڻ لڳو، مونکي ساڻس وڌيڪ محبت ٿيڻ لڳِي هُئي، مونکي شوق ٿيڻ لڳو هو ته ساڻس عشق ڪريان، هڪ قومپرست پنجابڻ کان پوءِ هڪ قومپرست سِنڌياڻيءَ سان عشق ڪريان.. مان لاجواب ٿي ويو هئس.. هُن ٻيهر ميسيج ڪيو
    ”مان هاڻ سُمهان ٿِي سُڀاڻ اُٿڻو به آهي ۽ توهان کي به ڊيوٽِي تي وڃڻو آهي“
    مان سندس خيالن ۾ گُم ٿي ويس، عجيب ڪيفيت ٿي وئي هُئي، سيءُ به سوڙهو ڪيو هو، منهنجو دماغ ڪنهن مُصور جيان سندس خيالي شڪليون ٺاهڻ لڳو هُو، مان پنهنجي وجود کي پَرِين جي دُنيا ۾ محسوس ڪرڻ لڳو هئس.. منهنجي ضمير ڀڙڪو کاڌو، مونکي ڌونڌاڙيندي چوڻ لڳو ”تڪڙو عشق هميشه ناڪام ويندو آ...“ ضمير جو آواز پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳو.. مان ضمير جي هِڪ به نه ٻُڌي اکيون بند ڪري آيتُ الڪُرسِي پڙهيم، الائي ڇو اُن رات آيت الڪرسي جي برڪت هُئي يا ٻيو ڪو ڪرشمو پر ننڊ تڪڙي اچي وئي هُئي..
    اسان جي عشق کي ڪلاڪ، ڏينهن، مهينا گُذرندا ويا.. نومبر مان ڊسمبر، جنوري، فيبروري ويندي مارچ اچِي چُڪو هو، هاڻ سيارو پڻ ختم ٿي چُڪو هو.. سرينهن جي ڦولارجڻ جِي مُند ۾ جِتي عاشق معشوق پيار جا نغما ٻوليندا آهن اُتي ناديه سان منهنجو جهيڙو ٿي پيو.. پهرين سوچيم ته محض ننڍڙو جهيڙو آهي ۽ پيارُ ۾ جهيڙا جھٽا ٿيندا رهندا آهن..
    ”مان پريشان آهيان ۽ توکي عشق جِي لڳي آ؟“
    ”آخر ڇا ٿيو!؟ اچانڪ ڇا ٿيئي؟“
    هُن بليڪ ٽائون ۾ ٿيل بم حادثي بابت مونکي ٻُڌايو، مون چيو خئير آ، اهڙا حادثا پاڪستان ۾ روز ٿين ٿا..
    ”دهشتگردن بمباري ڪري هيترا سارا بيگُناھ ماڻهو ماري ڇڏيا! ۽ تون چوين ٿو ڪُجهه به ناهي؟“
    ”يار! پوءِ ڇا ٿيو، روز هزارين ماڻهون مرن ٿا، اهي به چند مُئا ته ڪهڙو آسمان ٽُٽو ؟؟“
    ”افسوس! توکي اقليت جو ڏُک ناهي تون دهشتگردن جو پاسو پيو وٺين؟“
    ”مان دهشتگردن سميت سڀني انتهاپسند قومن سان اوتري نفرت ٿو ڪريان جيتري تون ٿي ڪرين“
    ”تون ٿوري به نٿو ڪرين..! مونکي توسان ناهي ڳالهائڻو.. جيڪو شخص اقليت جي تحفظن کان لاعلم رهي ۽ اڪثريت جو پاسو وٺي اُهو شخص مونکي بِنھه پسند ناهي.“
    مان اقليت ۽ اڪثريت جي تارازيءَ جو هڪ کوکلو ۽ هلڪو وَٽَ آهيان، جنهنکي جهڙي پاسي وڻيس رکي ان سان اڪثريت ۽ اقليت جي وزن تي ڪو فرق نٿو پوي، پر پوءِ به ماڻهو سمجھن ٿا ته مان ڪو وزنائتو وٽ آهيان، جنهن پُڙ ۾ ويس ته اُهو پُڙ ڳرو ٿي پوندو..
    مان هيلو هيلو پئي ڪيو ۽ اڳيان ڪال ڪَٽجِي چُڪي هُئي.. ان ڳالهه کي ڏينهن گُذري ويا..! هُن جي ڪاوڙ اڃان ٿَڌِي ڪانه ٿِي هُئي.. مون کيس پيغام موڪليو.
    ”سهڻِي! ڪهڙي وڏي خطا ڪئي اٿم جو ايتري طويل سزا پيون ڏيو؟“
    ”نه بس! ان ڳالھ کي دفن ڪر.. ٻيو ڪو حال احوال؟“
    خيرعافيت کان پوءِ رواجي طرح مُلڪ جي مسئلن، ادب ۽ عام ڪچهري ۾ شام جا سوا پنج ٿيا هُئا.. بجلي اچي چُڪي هُئي.. مون کائنس موڪلائي موبائل بند ڪيو..
    زمانو تيزيءَ سان گُذرندو ويو، وقت جو ڪلاڪ وارو ڪانٽو سيڪنڊن جي جيان هلڻ لڳو، تيز تمام تيز.. تان جو اچي اسانجي سنگت کي ڇَھه مهينا پُورا ٿيا هُئا.. هُن جو جنم ڏينهن هو..
    ”جنم ڏينهن مبارڪ سائنڻ“ مون سندس فيسبوڪي ڀِتَ تي لکيو.. تڪڙو انباڪس ۾ پيغام موڪليئين ته :
    ”ائين نه ! ڪارڊ ٺاهي موڪل“
    منهنجا ڊزائن ڪيل ڪارڊ اُهي مشهور اديب وڏي شوق سان شيئر ڪندا آهن، جنکي مون برٿ ڊي وش ڪيو هوندو آ.
    مون کيس جواب ۾ لکيو”اوڪي سهڻِي! پر پهرين چيڪ ڪجانءِ پوءِ اپلوڊ ڪندس“.. انتظار به هو ته اجھو ٿو جواب اچي پر نه آيو.. مون ڪارڊ ڊزائين ڪري موڪليومانس .
    ”هاڻ چيڪ ڪَر! ته اپلوڊ ڪريان“
    ”مون وٽ انٽرنيٽ سِلو آ، ترس“
    مان ترسيس...! اڌ ڪلاڪ پُورو انتظار ڪيم.. پوءِ جواب آيو ته :
    ”هن ۾ پيارِي لفظ ختم ڪر ۽ ٻيو ڪو لفظ لِک..“
    مون ائين ئي ڪيو، ڪارڊ مان ”پياري“ لفظ ڪٽي ”سائنڻ“ لکيم.. ڪارڊ اپلوڊ ڪيم.. واه واه ۽ مبارڪون اَدِي“ جا ڪامينٽ اچڻ لڳا.. هُوءَ خوش ٿيڻ لڳي..۽ خوش به ٿيڻ گھُرجيس ها، ڇوته هُن جا ”ادا“ سندس ٽائملائن تي مبارڪ باد جا زوردار برفي ڳڙا وسائي رهيا هُئا.... ”مهرباني جانِي“ لکي ايس.ايم.ايس ڪري شڪريو ادا ڪيس.. مون سمجهيو ته هاڻ ناراضگي ختم ٿي وئي آ، بس پوءِ ڪچهري شروع ڪيم..
    آئرلينڊ جي مشهور ڊرامه نگار چيو آهي ته ”عورت صرف پيار ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، سمجھڻ لاءِ نه“. ۽ واقعي به عورت جي نفسيات کي سمجھڻ جي حِس رب سائينءَ مردن کي ناهي ڏِني، شايد انڪري ئي مرد عورت اڳيان ازل کان بيوس بڻيل آهي.
    جوابن ۾ انتظار وڏو ڪرڻو پوندو هو.. هاڻ هُوءَ تمام وڏِي ٿِي وئي آهي، ايتري وڏي جيترو امرجليل، جيترو شمشيرالحيدري، جيتري مريم مجيدي.. بس هُوءَ هاڻ اديبه ٿي وئي آهي، انڪري سڀڪو کيس ”ادي“ سڏي! مان خوش هُئس ته ٻين کي ”ادا“ ۽ مونکي ”جانِي“ چيو اٿس..
    اسان مردن کي ڪوبه مکڻ لڳائي ته جلدي تِرڪي پوندا آهيون! جيڪڏهن ڪو شخص ٿوري به تعريف ڪندو ته پنهنجو پاڻ کي هوا ۾ اُڏامندو محسوس ڪندا آهيون، ڪا ڇوڪرِي صرف ”جاني” پُڪاري ته سندس تان گھور پيا ٿينداسين پوءِ ڀلي اُها ڪاوڙيل زال هُجي يا رُٺل محبوبه...
    آئون به هوا ۾ اُڏامڻ لڳس.. هڪ ڪارڊ ڊزائين ڪري ڏيڻ تي هُن مونکي ڪافي ڏينهن کان پوءِ جانِي چيو آ ٻين کي ادا ٿِي چوي.. مونکان رهيو نه ٿيو!! مون سموري وارتا سندس ”ادَي“ جمال جونئير کي ٻُڌائي.. هُو کِل ۾ وٺجي ويو..
    ”چريا!! تون به ”ادو“ هوندينس“
    ”نه يار! مونکي جانِي ٿي چوي“
    ”ڪيتري عرصي کان ؟“
    ”گُذريل ڇهن مهينن کان“
    ”مطلب نئون ڪُڪڙ آهين!! “
    مان سمجھي نه سگھيو هئس.. مونکي تفصيل ٻڌايائين ته هِن جا تو جهڙا ڪافي جانِي آهن جيڪي فيسبوڪ جي ڪامينٽس ۾ ”ادا“ آهن ۽ انباڪس ۾ ”دلبر، جاني، سهڻا“ آهن... مان سمجھي نه سگھيو هئس.. هُن مونکي ”قمرحيدر“ جو نمبر ۽ آئي.ڊي موڪلي مان کائنس پڇا ڪرڻ وارو ئي هُئس ته قمرحيدر جو پيغام پهتو ”سهڻا! ناديه جو 304 وارو نمبر ته موڪل!“
    مان پريشان! ته هِن کي ڪيئن خبر پئي ؟ جمال جونئير کان پڇيم!
    ” ها يار! مون ئي قمرحيدر کي اسڪرين شاٽ ڏيکاريو آ“
    ”غلط ڪيئي ڀ.چ! پڇا ته ڪرين ها لُوسي“
    ”هاهاھاهاها. اڙي جوءِ جا.... اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي قمرحيدر وٽ نمبر اٿس“
    مون قمر حيدر کي چيو ”تو وٽ نمبر آهي، ٻه نمبري نه ڪر“ .... موٽ ۾ قمر حيدر ”نه“ ڪئي ۽ نمبر وٽس واقعي به نه هو.. جون جو مهينو هو.. رات جو وقت هو. قمر حيدر جِي ڪال آئي ۽ مون کيس نمبر موڪليو..
    بس اها آخري رات هُئي..! مان سُتس! صبح سان ناديه جا پيغام آيل هُئا..
    ”مونکي يقين نه هو ته تون به اهڙو آهين، مون توکي دوست ڪيو هو ۽ تو مونکي ڌوڪو ڏنو آ.... مان هاڻ توسان نه ڳالهائينديس ۽ نه ئي ڪو مونکي ميسيج يا پيغام موڪلجانءِ“
    جڏهن به ڪا محبوبه يا زال عاشق کي اِهو طعنو ڏيندي آهي ته ”ڌوڪو ڏنئي“ ته عاشق جون وايون بتال ٿيو وڃن، پوءِ ڀلي کڻي اُهو عاشق هُجي يا مُڙس...
    ”آخر ڇا ٿيو؟“
    ”قمرحيدر کي ڇو چيئي ته مان تنهنجي گرل فرينڊ آهيان؟“
    ”يار ! يقين ڪر مون ناهي ٻڌايو!“
    ”۽ ها! جمال جونئير منهنجي باري ۾ توسان افيئر هئڻ جو هڪ ليک لکيو آهي! ۽ تون ان ۾ شامل آهين.. سڄي ڪارڪردگي تنهنجي آ.. هاڻ ڪڏهن به مونسان نه ڳالهائجان..“
    بس اهي آخري ڪلمات هُئا ناديه جا.. تنهن کان پوءِ تڪڙو مونکي انفرينڊ ڪري ڇڏيئين ۽ منهنجو قمرحيدرءَ سان جهيڙو ٿي پيو...
    هاڻ قمرحيدر منهنجو پري جو دوست آهي پر جمال جونئير سان دعا سلام به ڪونهي.. اها ناديه به واجده ۽ ٻين ڇوڪرين جيان لڳي.. محبت جو صِرف نالو!... مان اڃا تائين به سندس آئي.ڊي چيڪ ڪندو رهندو آهيان جنهن ۾ ڪافي ”ادا“ شامل اٿس جيڪي انباڪس ۾ ”جاني“ هوندس.....

    _
    نوٽ : ھِيءَ فقط ھڪ ڪھاڻي آھي، سڀني ڪھاڻيءَ جا ڪردار حقيقي ناھن ھوندا.


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو