اولاد (عبيد ٿھيم)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪھاڻي : اولاد
    (عبيد ٿھيم)
    ____

    هُن عورتن جي آزاديءَ عنوان تي منعقد سيمينار ۾ پُرجوش تقرير ڪري بَس ڪئي ته، هال ۾ ويٺل سڀني ماين مردن کيس داد ڏِنو، آزاد خيال ڇوڪرين ساڻس سيلفي رسم پُوري ڪئي، گھر واپس موٽيو، جوڻس کان ڌيڻس جو پُڇيس : سنجھا ڪٿي آهي!؟
    جوڻس وراڻي ٿِي: ”هُوءَ سهيلين سان ميوزيڪل ايوننگ پروگرام ۾ وئي آ“
    هُو تپي باھ ٿي وڃي ٿو، ڪاوڙ ۾ سندس اکيون ڳاڙهيون ٿيو وڃن، جوڻس تي سڀ ڪاوڙ ڇنڊيندي چوي ٿو:
    ”ڇو ڇڏيئيس! توکي خبر ناهي ته معاشرو ڪيڏو خراب آ..؟ خراب ڪري ڇڏيو اٿئي ڇوڪريءَ کي... چوندو هئمين ته پُٽ آڻي ڏي، ڪميڻي تو به ڌيءَ کي ئي جنم ڏنو.. “
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو