گوشت پارسل ڪجانءِِ (عبيد ٿهيم)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ”گوشت پارسل ڪجانءِِ“ (ڪهاڻي : عبيد ٿهيم)
    ** رواجي عيد ****

    “هاشم..! هللو..!! هاشم..!“
    “هللو.. ها مَمُّو!! ڪر خبر چار..!“
    “خبرون مڙئي خئير. ڏي خبر تون ڪيڏي مهل گھُرائيندين ڪاسائيءَ کي؟؟“
    “ظفر سُڀاڻ گھُرايو اٿمانس، عيد پڙهي اچي ويندو.. تون ڪِٿي آهين؟؟ خريداري ڪهڙي ڪيئي ؟“
    ”بس يار ڇا ٿو پُڇين، مهنگائي ماري ڇڏيو آ.. بس ڪپڙا کَڻي هاڻ پهتو آهيان.“
    ”رَش هُئي ؟؟“
    “ڏاڍي.. ڳالھ ئي نه پڇ، اصل چِپ چِپان لڳي پئي هُئي.“
    ”سنگت به آيل هوندئي شهر ۾“
    ”ها ڇو نه ايندي، شاپنگ ته انهي کي ڪرائي هُئم، بس يار دل خوش ٿِي وئي، هڪ عيد جي رات ٻيو محبوبن سان ملاقات.“
    “ها ، ڳالھ توواري به سچي آ، اهوئي ته ڏينهن هوندو دل خوش ڪرڻ جو، آئون به شهر ويس.. ابل ڳالھ ئي نه پڇ، هر طرف حورون ئي حورون هُيون، شاپنگ جو ٽيم (ٽائم) ڪونه مليو، اصغر حجام کان چانھ پي موٽي آيس..“
    “ ها ادا هاشم..! موبائل ۾ پيڪيج ڪونهي، ڪم جي ڳالھ ٻُڌ.. سڀاڻ آئون ننڍڙي کي موڪليندس ، ٻڪر جو زيرو ته ڏِجانس..“
    ”يار زيرو ته اڳ ئي مونکان حاجي عَلڻ گهُريو آ.. “
    ”اڙي ماري ڇڏيئي... چلو ٺيڪ آ.. آئون ننڍڙي کي موڪليندس..“
    ”ها ڀلي ڀلي.. 12 ڌاري اچي وڃي. نه ته گوشت کپي ويندو..“

    فون ڪٽجي ٿِي، هاشم فون کٽ تي رکي، اٿڻ جي ڪري ٿو ته مٿان ٻي فون اچيس ٿِي..
    “هيلو..“
    “هللو .. ها مجنان ڪهڙا حال ٿئي، يڪو پيو اچين تون“
    ”حال وري ڪهڙا.. ٻُڌ.. ٻڪرو ڪيڏي مهل ڪهندين؟“

    هاشم ،مجني کي ساڳي ڪهاڻي کَڻي ٻُڌائي ٿو، فون رکي ٿو.. منهن تي ڪاوڙ جا آثار چِٽا نظر اچن ٿا، رات جا 8 ٿيا آهن، هاشم جي گھرواري سُلطاني پاڙي ۾ عيد ڏيڻ وئي آهي، رشُو (هاشم جو پُٽ رشيد عرف رشو) به سنگت سان گڏجي شهر جي شاهي بازار ۾ خريداري گھٽ دڪاندارن جو وقت برباد ڪرڻ آيل شهري ڇَڙِيون ڇورِيُون تَڪَڻ ويو ...
    هاشم ڪاوڙ مان سڏ ٿو ڪري..“ اڙي ڇوري!!! او ڇوري..! “
    صرف هاشم نه پر اڪثر سنڌي پنهنجي زال کي ڇوري ڪري سڏيندا آهن..
    “ڇا .! پاڙي ۾ وئي هئس ماسي سڪينه کي ڀَتُ ڏيڻ “ (چانورن کي اڪثر مايُون توڙي مرد ڀَتُ ئي سڏين)
    “ ڌُوڙ ٿئي.. ! يڪو وئي هلين.. هتي گھر ۾ ويهندي ڪر.. جنهن کي کَپَ (ضرورت) هوندو پاڻهي ئي کَڻي ويندو..“ هُو ٽُوال کَڻي ٻاهر هليو وڃي ٿو.. سلطاني روئڻهارڪي ٿي پوي ٿي.. هُن جي ذهن ۾ ڪئين خيال جنم وٺن ٿا دل ئي دل ۾ چوي ٿِي.. “پاڙي ۾ وڃڻ به نٿو ڏئي مُئو شڪي پاڻ وڃي شهر جون مايون تاڙي واڇون ٽيڙي گھر ايندو ۽ آئون اڪيلي گھر ۾ ... ڇورو رَشو پڻس تي ويو آ.. نه ڪي گھر جي نه ڪي مال جِي، آئون اڪيلي سڄو گھر جو ڪم ڪار ڪريان، ٻِن مينهن جي ڪريان، وري مٿان هي ٻڪر وٺي آيو ان جو به گاھ ڪريان.. الٽو مون تي ڪاوڙ.. مُئو شڪي..“

    صبح ٿئي ٿو..
    ڳوٺ ۾ مولوي عيد جي نماز جو اعلان ڪري ٿو، شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪري ٿو ۽ پوءِ پنهنجي تقرير شروع ڪري ٿو “جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته عيد الاضحيٰ نيراني پڙهبي آهي، تنهن ڪري ڳوٺ وارن جي صلاح سان رات اهو مشورو ٿيو ، توهان سڀني کي ڄاڻ ٿو ڏِجي ته ساڍي ستين وڳي عيد نماز پڙهي ويندي..“
    رشوءَ کي ماڻس اُٿاري ٿِي. “ابا رشو، اُٿي ڙي ڇورا..! ڏِس سج چڙهي آيو آ.. ٽيم گهڻو ٿيو آ خبر اٿيئي اٿي ..! “
    “بابي کي اٿاريو اٿئي؟؟ “
    ”اهو ته ويو ، وڏيري گھُرايو اٿس.. سيري ۾ پاڻي ڇڏڻو اٿس..“ (سيري : وڏيري جي ملڪيت زمين جيڪا ڪنهن به هاريءَ جي هٿ ۾ ناهي هوندي)
    “بابي کي به الئي ڇاهي، چيو هومانس ته شهر ۾ دُڪان کولي ويهي، ڪمائيندو پر هن وڏيري جي چمچاگيري ڪرڻي آ. انهي جا پ... کڻڻا اٿس نه..“
    “ڇورا ..! ڇا ٿو بَڪِين.. پيءُ اٿئي..“
    “هونھ.. پيءُ آ.. ڏِسجانءِ اڄ ٻڪري جو ڪهڙو حشر ٿو ڪري، سڄو سارو وڏيري کي نه ڏنئين ته منهنجو نالو لاهي ڪنهن جانور تي رکجان..“
    ”چڱو چڱو.. چانھ پي وٺ.. “ سلطانيءِ کي پاڙي جي ڇوڪري سڦوران سڏي ٿي.“ آئي امان آئي.. رشو کي چانھ ڏئي اچان پئي..“

    عيد جو وقت ٿئي ٿو، سڀئي نمازي گڏ ٿين ٿا، مولوي قربانيءِ جي مسئلن تي روشني وجھي ٿو، ڳوٺ جا چڱا مَٿا سَڀ عيدگاھ ۾ گڏ ٿين ٿا.. زميندار پهرين صف ۾، انهن سان گڏ ڪائونسلر، اَجُو پوليس وارو، آچر ڪمدار سان گڏ ٻيا به پئسي وارا هُجن ٿا.. مولوي تقرير جاري رکي ٿو، قرباني جي مسئلن تي، مولوي پنهنجي تقرير جوش و خروش سان ڪري ٿو.. پوئين صِف ۾ مولوي رحيمداد سميت ڳوٺ جا پڙهيل لکيل ويٺل آهن، ٽين صِف ۾ هاري ناري ۽ آخري صفن ۾ ڳوٺ جا ٻارعيد جي خوشي ۾ نٿا ماپن.. ڪو پنهنجي جوتن جي ڳالھ پيو ڪري ته ڪو نون ڪپڙن جي، انهن سان گڏ غريبن جا ٻار به هُجن ٿا جيڪي نون ڪپڙن ۾ ته آهن پر منهن تي غربت جا آثار اٿن..
    ساڳيو ئي رواج هلي ٿو، رئيس حاجي گل محمد صاحب جو ڊگھو انتظار .. مولوي تقرير بند ڪري ٿو، مسجد ۽ عيدگاھ لاءِ ساليانو چندو گڏ ڪرڻ لاءِ 4 ماڻهون اُٿن ٿا... صاحب اڃان تائين ناهي پهچندو.. چندو گڏ ٿِي ويو ته مٿان صاحب جي گاڏيءَ جو هارن لڳي ٿو، صاحب بوسڪيءِ جي پَٽڪي ۽ ڪاٽن جي ڪپڙن ۾ ”اوپن“ سئنٽ جي خوشبو سان عيدگاھ ۾ داخل ٿئي ٿو، ڪمدار سميت ٻين ۾ چرپر ٿئي ٿي، وڏيري لاءِ مصلو وڇايو وڃي ٿو، ڪمدار ۽ ٻين کي ڏانهن ڏِسي ٿو اُهي کيس هٿ ٻڌي کيڪارينس ٿا.. وڏيرو پنهنجي ٿُلهي آواز ۾ چوي ٿو “ چندو وٺڻ وارو ڪير آ.. هيڏان اچ..“
    ڳوٺ جو هڪ نوجوان وڏيري وٽ اچي ٿو ۽ وڏيرو کيس 1000 جو نوٽ ڪڍي ڏئي ٿو.. مولويءَ جي نظر وڏيري جي نوٽ ڏي هُجي ٿِي، اهو پڻ انهن خيالن ۾ هو ته ڪڏهن ٿو وڏيرون هزار ڪڍي.. ساڳيو رواج.. هر سال جيان هيل به ..

    عيد نماز پڙهجي ٿي، خطبو شروع ٿئي ٿو... وڏيرو ڳالهائڻ ۾ لڳيو وڃي، ڪمدار ۽ ڪائونسلر سان ڍڳي جي قرباني بابت خبرون چارون وٺي ٿو.. سڀ خاموش هوندا آهن پر وڏيرو ۽ ڪائونسلر پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا آهن.. هرسال جيان .. ساڳيو رواج..

    نماز پڙھجي ٿِي، سڀئي عيد مِلن ٿا.. پهرين گل محمد صاحب سان جھُڪي عيد مِلن ٿا پوءِ ٻين وڏيرن سان پوءِ ڪائونسلر سان ۽ پوءِ پاڻ ۾ ملن ٿا.. ساڳيو رواج .. هر سال جيان..
    ڳوٺ جا ٻار عيدگاھ ٻاهريان بيٺل ريڙھن تان چڻا، گجرون ۽ چاٽ کائڻ ۾ مصروف هُجن ٿا..
    شور ايترو هُجي ٿو جو موبائل جي گھنٽي به ٻُڌڻ ۾ نٿي اچي..

    هاشم به تڪڙو تڪڙو گھر اچي ٿو، فون کَڻي ٿو ۽ ڪاسائيءَ جو نمبر ملائي ٿو.. ڪاسائي کيس جلدي پهچڻ جو جواب ڏئي فون بند ڪري ٿو.. هاشم ٻڪرو ڪاهي ڳوٺ جي اسڪول جي ميدان ۾ اچي ٿو، جِتي اڳ ئي ڳوٺ جا ماڻهون هڪ ڍڳو آڻي بيٺا آهن..
    پاڻ ۾ سُس پُس ڪن ٿا.. هاشم جي ٻڪري جي تعريف هَلي ٿِي،..
    هاشم جي موبائل جي گھنٽي وڄي ٿِي، هِن ڀيري رئيس جي حاجي عَلڻ جي فون اچي ٿِي، حاجي علڻ ابراهيم ڪائونسلر جو پيءَ آهي، جيڪو جھور پوڙو ۽ لٺ تي هلي ٿو..
    ”جي حاجي صاهب..! سلام ماليڪم“ ڳوٺ جا ماڻهون سلام به صحيح ناهن ورائيندا
    “واليڪم.. ڏي خبر.“ حاجي علڻ اڌورو جواب ڏئي ٻڪري بابت پڇيس ٿو.
    “صاهب اڃا ڪاسائي آيو ڪونهي توهان ڪنهن کي موڪلجو 11 ڌاري..“
    ”ڪنهن کي موڪليان. گوشت پارسل ڪجانءِ ، “
    ”صاهب ڏِسان ٿو. گوشت ورهائڻو ا مونکي...“
    ”ٺيڪ آ ڪنهن جي هٿان به موڪلجان.. پر ٻيو ڪجهه نه صرف زيرو موڪلجان..“
    ”ها صاهب.. ها.. ٺيڪ آ..“
    هاشم فون رکي ٿو، هن ڀيري به رواج هَلي ٿو هرسال جيان.. ڪاسائي اچي ٿو.. وات مان گھُٽڪو ٿوڪاري گُرڙي ڪري ٿو، ڪپڙا ڪُنجي ٿو، (مطلب ته وَر کَڻي ٿو قميض جي ٻنهي دامن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو ۽ ڳنڍ ڏئي ٿو ته جيئن رَتُ نه لڳي)
    ٻڪري تي ڇري هَلي ٿي.. ڳوٺ جا ٻار بيهي ڏِسن ٿا.. غريب ٻار کيسن ۾ پلاسٽ جي ٿيلهي کيسي ۾وجھي ۽ ڪجهه پئسي وارا ٻار ٺلها بيهي ڏسن ٿا.. ساڳيو رواج. هرسال جيان..

    اسڪول ۾ ڪاساين جي اڏيءَ تي ڪُٽ ڪُٽان هُجي ٿِي، پاڻ ۾ چرچا به ڪَن پيا ۽ گوشت به ڪٽين پيا.. ساڳيو رواج.. هر سال جيان...
    ٻڪرو ڇلجي ٿو.. کَل لاهي ڇڏي اٿن ، زيرو الڳ ٿانوَ ۾ وجھي رَشو کڻي وڃي ٿو.. حاجي علڻ کي به انتظار هو ته ڪيڏي مهل ٿو زيرو اچي..
    ٻڪرو مڪمل ڪُسجي وڃي ٿو.. ٻڪري مان به پتيون ٿين ٿيون، هاشم ظفر ڪاسائيءَ کي گوشت جا حصا ڪرڻ جو چوي ٿو.. هر هڪ لاءِ الڳ. نالا کَڻي ٿو. “وڏيرو شمون، اَجو جمعدار، شَبير سيٺ، ماستر مولاداد،... انهن جو الڳ ڪر..“
    ”ڪيترو ڪريان؟؟“ ظفر پڇيس ٿو..
    “سوايو ڪجان.. ٻه مهل ته کائي سگھن. آڪھ وَڏِي اٿن سڀني جي “
    گوشت ورهائجي وڃي ٿو..مَمُّو جو ڇوڪرو جاڙو به اچي پهچي ٿو، ان کي به حصو ملي ٿو..
    باقي 5 سير گوشت بچي ٿو، ڳوٺ جا باقي غريب ٻار قطار ٺاهڻ بجاءِ هڪ ٻئي کي ڌڪيندا 5 سير گوشت مان ڪجهه ٻوٽيون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪَن ٿا..
    هاشم مُڇن کي وَٽ ڏئي باقي گوشت گھر کَڻي وڃي ٿو..

    ساڳيو رواج.. هر سال جيان.. قربانيءَ جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو