اردو ادب جي مشهور شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    اردو ادب جو مزاحيه ليکڪ مشتاق احمد يوسفي.

    مشتاق احمد يوسفي، راجستان جي شهر، جئيپور ۾ هڪ پڙهيل لکيل گھراڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1923ع ۾ پيدا ٿيو.هن جو والد عبدالڪريم خان يوسفي جئيپور بلديا جو چيئرمين ۽ جئيپور جي قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر رهيو.يوسفي شروعاتي تعليم راجپوتا مان حاصل ڪئي ۽ بي اي جي سند آگرا يونيورسٽي، هندوستان مان حاصل ڪئي. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان هن ايم اي ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان، سنڌ لڏي آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
    هن 1950ع ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ نوڪري جي شروعات ڪئي، ۽ اتي جنرل منيجر مقرر ٿيو. 1965ع ۾ هي الائيڊ بينڪ پاڪستان جو مينيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1974ع ۾ يونائيٽڊ بينڪ جو صدر مقرر ٿيو. مشتاق احمد يوسفي 1977ع ۾ پاڪستان بينڪنگ ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. پاڪستان جي مالياتي ادارن ۾ سندس خدمتن تي هن کي قائد اعظم يادگار ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    1999ع ۾ صدرِ پاڪستان پاران ستاره امتياز ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    2002ع ۾ صدرِ پاڪستان پاران حلالِ امتياز ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    1990ع ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران سال جي ”بهترين ڪتاب“ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    بهترين ڪتاب لکڻ تي آدم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو
    هن وقت تائين مشتاق احمد يوسفي جا پنج ڪتاب اردو ٻولي ۾ چپجي چڪا آهن.
    چراغ تلے (1961ع)
    خاکم بدہن (1969ع)
    زرگزشت (1976ع) [
    آبِ گم (1990ع)
    شامِ شعرِ یاراں (2014ع)
    مشتاق احمد يوسفي 20 جون 2018ع تي ڪراچي ۾ 94 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو