• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان هن فورم تي نئون آهيان

عتیق الرحمن

سينيئر رڪن
السلام عليڪم!
مان هن فورم تي نئون آهيان!

مونکي سنڌي لکڻ نٿي اچي انڪري جيستائين سکان تيستائين اردو ۾ لکڻ جي اجازت آهي مونکي..؟
باقي بعد میں لکندس۔ انشاء الله
ڀاءُ بشير احمد مونکي فورم تي اچڻ جي دعوت ڏني آهي.
واللہ سنڌي ۾ فورم ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ... الحمد الله
والسلام اليڪم
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

ڀاءُ عتيق،
وعليڪم السلام
ڀلي ڪري آيا، اسانجون اکيون ٿڌيون جو اوهانجهڙا سنڌ دوست ۽ علم دوست سڄڻ اسانجي هن نماڻي اوطاق تي ڪهي آيا ۔۔۔ اوهان پنهنجو ڪجهه وڌيڪ تعرف ڪرائيندا ته دوستي رکڻ ۾ آساني ٿيندي ۔۔۔ اوهان همٿ ڪريو ادي ابو زين جي ڏنل لنڪ تي وڃي سنڌي ڪي بورڊ ڊائونلوڊ ڪريو ۽ اسان سان مٺڙي سنڌيءَ ۾ ڪچهريون ڪريو ۔۔۔ اوهانجي ليکن جو ۽ ڪچهريءَ جو انتظار رهندو ۔۔۔

ادو بشير احمد هن اوطاق جو پراڻو سڄڻ ۽ دوست آهي ۽ هن اوطاق جو سونهون آهي ۔۔۔ سندس لک لائق جو هو اوهان جهڙا سڄڻ دوست اسان سان ڏيٺ ڪرائي ٿو ۔۔۔

چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ جهڙو ادو بشير احمد تهڙي سندس صحبت ۔۔۔
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

وعليڪم السلام

ادا عتيق توهان کي سنڌ سلامت جي فورم جوائن ڪرڻ تي
ڀليڪار چئون ٿا۔ ادا ڪوشش ڪري سنڌي ۾ جواب ڏيندا۔ ته مهرباني ٿيندي
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

ادا عتيق احمد توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ توهان کي گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي۔۔ توهان هيتري ڀلي سنڌي لکي آهي۔۔۔ جيڪڏهن وقت سان گڏ ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندو ته ڪجهه ئي وقت ۾ سٺي نموني سنڌي لکي سگهو ٿا۔
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

ادا عتيق توهان کي هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ، اميد توهان پنهنجي علمي پوسٽن ذريعي اسان سڀني جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا ۽ هتي موجود ساٿين جي معلومات مان به خوب مستفيض ٿيندا
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

السلام عليڪم
مان توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان جو توهان مون کي ايتري گهڻي عزت ڏني جهنجو مان لائق ناهيان،
دراصل مان حيدرآباد جو رهاڪو هيس 12 سال پهريان ،
هاڻي مان لنڊن جو رهاڪو آهيان پوين 10 سالن کان ،
دين جي دعوت جو ڪم ڪندو آهان ۽ شيخ بشير احمد کان دين جو علم پرائيندو آهيان ،
شيخ بشير هڪ وڏو عالم آهي اسين ته بس شاگرد آهيون دين جا
والله سنڌي لکڻ ۾ تمام گهڻو سٺو لڳي رهيو آهي
توهان ڀائرن جي حوصله افزائي رهندي ته هتي وقت گذرندو . انشا الله
ڪوشش ڪندس ته هتي توهان سڀ ڀائرو مون کي برداشت ڪندو . انشاالله
والسلام عليڪم
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

وعليڪم السلام

عتيق ڀاءُ توهان کي سنڌ سلامت ڀليڪار چوان ٿو. هيٺين لنڪ تان سنڌيءَ جو ڪي بورڊ ڪاپي ڪريو. ان شاءَ الله جلد ئي سنڌي لکڻ سکي ويندا.


جي انشاالله
ڪوشش ڪندس۔
مھرباني

ڀاءُ عتيق،
وعليڪم السلام
ڀلي ڪري آيا، اسانجون اکيون ٿڌيون جو اوهانجهڙا سنڌ دوست ۽ علم دوست سڄڻ اسانجي هن نماڻي اوطاق تي ڪهي آيا ۔۔۔ اوهان پنهنجو ڪجهه وڌيڪ تعرف ڪرائيندا ته دوستي رکڻ ۾ آساني ٿيندي ۔۔۔ اوهان همٿ ڪريو ادي ابو زين جي ڏنل لنڪ تي وڃي سنڌي ڪي بورڊ ڊائونلوڊ ڪريو ۽ اسان سان مٺڙي سنڌيءَ ۾ ڪچهريون ڪريو ۔۔۔ اوهانجي ليکن جو ۽ ڪچهريءَ جو انتظار رهندو ۔۔۔

ادو بشير احمد هن اوطاق جو پراڻو سڄڻ ۽ دوست آهي ۽ هن اوطاق جو سونهون آهي ۔۔۔ سندس لک لائق جو هو اوهان جهڙا سڄڻ دوست اسان سان ڏيٺ ڪرائي ٿو ۔۔۔

چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ جهڙو ادو بشير احمد تهڙي سندس صحبت ۔۔۔

سائين توهان جا ٿورائتو آهيان جو ايڏي عزت سان نوازيو الله سائين توهان کي خوش رکي آمين

جي انشالله توهان جي رهنمائي سان هن فورم تي قدم ڄمي ويندا ، انشا الله


وعليڪم السلام

ادا عتيق توهان کي سنڌ سلامت جي فورم جوائن ڪرڻ تي
ڀليڪار چئون ٿا۔ ادا ڪوشش ڪري سنڌي ۾ جواب ڏيندا۔ ته مهرباني ٿيندي
جي بلڪل ڪوشش رهندي ته سنڌي ۾ لکندس انشاالله في الحال ڏکيو آهي پر مشڪل ناهي الحمد الله وڏي مهرباني توهان جي سائين

ادا عتيق احمد توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ توهان کي گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي۔۔ توهان هيتري ڀلي سنڌي لکي آهي۔۔۔ جيڪڏهن وقت سان گڏ ٿوري گهڻي ڪوشش ڪندو ته ڪجهه ئي وقت ۾ سٺي نموني سنڌي لکي سگهو ٿا۔
سائين منهنجا ! توهان جي حوصله افزائي جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ايترو پيار ملندو ته فورم تي هر وقت موجود رهندس انشا لله
مهرباني سائين

ادا عتيق توهان کي هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ، اميد توهان پنهنجي علمي پوسٽن ذريعي اسان سڀني جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا ۽ هتي موجود ساٿين جي معلومات مان به خوب مستفيض ٿيندا

شيخ بشير سائين !
توهان ان طرح سان لکي ڪري مون کي شرمنده ته نه ڪريو ، توهان دين جا استاد آهيو مان ته بي علم ماڻهو آهيان بس ڪوشش ڪندو آهيان ڪجهه سکڻ جي
توهان جي رهنمائي رهندي ته دين جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪري وٺندس ،
انشا الله
سنڌي لکڻ ايترو مشڪل ناهي جيترو مان سمجهندو هيس
هاڻي بس صرف ٻن شين جي ضرورت آهي
1. هڪ سنڌي ڪي بورڊ
2. اردو لکڻيون سنڌي ۾ ڪنورٽ ڪرڻ
توهان کي خبر هجي ته مون جي سنڌي تمام ڪمزور آهي
ڪوشش ڪندس ته اردو ۾ نه لکڻ جي جيڪڏهن توهان جي رهنمائي ملي ته انشاالله
تمام گهڻي مهرباني سنڌي فورم تي دعوت ڏيڻ جي

واليڪم السلام
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ٿا چئون

اميد مون کي اها آهي ته توهان جلد کان جلد سنڌي لکڻ شروع ڪندا ـ


سدائين گڏ
 
جواب: مان هن فورم تي نئون آهيان

محترم عتيق الرحمن صاحب اوهانکي سنڌسلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا
 
جواب: مان هن فورم تي نئون آهيان

moonshaped%20stepping%20stone%20welcomes%20you%20in.jpg
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ٿا چئون

اميد مون کي اها آهي ته توهان جلد کان جلد سنڌي لکڻ شروع ڪندا ـ


سدائين گڏ

فقير سائين!
ڇو ڀلا اڄ ڪلهه ٻاڙائي لڳي پئي آ۔۔۔ صفا ايئن رُکي رُکي آجيان توهان کي جُڳائي نٿي۔۔۔۔۔

ڀلا انٽرنيشنل فقير کان بچڻ جو جيڪو ڀُنگُ توهان ڏنو هو۔ ان جو قسطون اڃا پوريون نه ٿيون آهن ڇا۔۔۔

اُهي گُل ڇُل گُم ٿي ويا آهن۔۔۔۔
 
جواب: مان ھن فورم تی نئون آھیان

فقير سائين!
ڇو ڀلا اڄ ڪلهه ٻاڙائي لڳي پئي آ۔۔۔ صفا ايئن رُکي رُکي آجيان توهان کي جُڳائي نٿي۔۔۔۔۔

ڀلا انٽرنيشنل فقير کان بچڻ جو جيڪو ڀُنگُ توهان ڏنو هو۔ ان جو قسطون اڃا پوريون نه ٿيون آهن ڇا۔۔۔

اُهي گُل ڇُل گُم ٿي ويا آهن۔۔۔۔

قرض مان جان ڇڏايان ته حاضر سائين گلن وارن سان به ڳالهائبو اصل ۾ هاڻي گل قرض تي ملن ڪونه ٿا گلن وارن مون کي سڃاتو آهي ته فقير قرض ته کڻي ٿو پر پئسه واپس ڪو نه ٿو ڪري
 
Back
Top