جواب: مان هن فورم تي نئون آهيان ادا عتيق هر جڳهه جا پنهنجا اصول ۽ قانون هوندا آهن ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن شئي کي مدِ نظر رکي ٺاهيا ويندا آهن۔۔ اوهان پريشان نه ٿيو۔۔ اوهان جي پوسٽ قابلِ ذڪر هوندي ته اسان وارا ماڊريٽر ان کي جلد ايپروول ڏيندا۔۔
جواب: مان هن فورم تي نئون آهيان محترم عتيق صاحب توهان کي اسان جي هن اوطاق ۾ اچڻ تي ڀليڪار۔ ادا توهان لاءِ اسين دعاگو آهيون جو توهان اسان جي فورم ۾ شامل ٽيا۔ اسان کي اميد آهي ته اسان هن فورم تي پنهنجي علم ۽ هنر جي پکيڙ ڪندا۔ توهان جي لکڻين جا انتظار رهندو۔
جواب: مان هن فورم تي نئون آهيان ادا عتيق توهان صحيح ٿا چئو هتي جي اسلامي سيڪشن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو هاڻي ته اسلامي سيڪشن پنهنجي اهميت ئي وڃائي ويٺو آهي ڇوته جزاڪ الله ، زبردست جهڙين پوسٽن جي اپروول به کي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن
جواب: مان هن فورم تي نئون آهيان ادا عتيق توهان کي سنڌ سلامت جي فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔ ادا جواب سنڌي ۾ ڏيندا ڪريو ڇاڪاڻ ته هي سنڌي ويب سائيڊ آهي، ۽ هن ۾ ٻي ڪنهن به ٻولي جي اجازت نه آهي۔