حقيقت جي عينڪ (عبيد ٿھيم)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    حقيقت جي عينڪ
    *** ڪهاڻي***
    (عبيد ٿھيم)​

    سمورو هال تاڙين جي گونج ۾ باادب اُٿي بيٺو.. ڊائيس تي ايندي ئي چيائين
    ”معزز ساٿيو ۽ مانوارؤ.. توهانکي نئين ٽهيءَ جي سعادت منٽو ، ڌرتيءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ نقاد جناب ”خادم خداآبادي“ جي ڪتاب ’حقيقت جي عينڪ‘ جي مهورت تقريب ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو.
    مجمعي مان ايڪڙ ٻيڪڙ شخص پنهنجي موبائل فون ذريعي فيسبڪ لائيو وڊيو هلائي ته ڪُجھه ماڻهن پنهنجي ڊي_ايس_ايل_آر جي اک ۾ لمحن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.. هُن ٻيهر ڳالهايو.
    ”خادم خداآبادي ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي، هُو نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏوگڏ ڏاهو نقاد پڻ آهي..“
    اسٽيج تي ويٺل اڍائي مڻن جو خادم خداآباد وڏن شيشن واري عينڪ مان اکيون ٽيٽ ڪندي چَپَن تي فخريه مُرڪ آڻيندي دل ئي دل ۾ ڪتاب بابت ڳالهائيندڙ شخص جو شڪريو ادا ڪرڻ لڳو.
    ”خادم خداآبادي پنهنجي ڪتاب ’حقيقت جي عينڪ‘ ۾ لکي ٿو ته : ”اسان خوبصورت ۽ مهانگن ڪپڙن پهرڻ باوجود به اُگھاڙا آهيون.. اسانکي فقط لفظن جي پوشاڪ پهريل آهي جيڪا اوگھڙ ڍَڪي پئي نه ته اسان سڀ اُگھاڙا آهيون..“
    اسٽيج تي ويٺلن مان ڪُجھه مهمانن (+ميزبان) تاڙيون وڄائي داد ڏِنو ۽ پنڊال ۾ اڪثر ماڻهو سمارٽ فونز ۾ اکيون وجھيو ويٺا هُئا.
    ”ساٿيو! خادم خداآبادي جو هِي ڪهاڻين جو مجمعو ”ڌوڙپائي پبليڪيشن“ پاران هن سال ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي جنهن جي هونئن ته قيمت 500 روپيا آهي پر پبليڪيشن جي اسٽال تان توهان هِن کي اَڌ قيمت ۾ خريد ڪري سگھو ٿا.“
    ڳالهائيندڙ اسٽيج تان هيٺ لهڻ وارو ئي هُيو ته، مجمعي مان ڪنهن سوال ڪيو ”سائين منهنجا! خادم خداآبادي صاحب جي عُمر لڳ ڀڳ ڪيتري هوندي؟“
    ڳالهائيندڙ چَپَن تي مصنوعي مُرڪ آڻيندي وراڻيو ”اڄ سندس ٻاونجاهين سالگره آهي“
    سوال ڪندڙ حيرانگيءَ مان پڇيو ”ته پوءِ هِي اَڌ صديءَ جو شخص نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ڪيئن ٿيو؟“
    ۽ پوءِ سوال ڪندڙ کي ڌِڪا ڏئي مجمعي مان ٻاهر ڪڍيو ويو.....


    [​IMG]
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو