دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ياد ناهي ته عينڪ ڪٿي لاهي رکي؟ نئين دوست جو نالو ڇا هو؟، اهڙي قسم جون شيون جڏهن وسرڻ شروع ٿين ته سمجهبو ته اسين ڪيترا مصروف آهيون ... جڏهن اسين ڌيان يا توجهه ڏئي نه سگهون، اسين جيڪي ياداشتون سنڀاليون سي ڪمزور آهن ۽ اسانکي ان وقت تڪيلف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو جڏهن ڪنهن ماَضيءَ کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

    [​IMG]

    پنهنجي ذهن کي جوان رکڻ جو سادو راز هي آهي ته؛ پنهنجي ذهن کي هڪ شڪل ڏيو، ” اسين پنهنجي بدن جي ورزش ڪريون ٿا، پر ڪو فائدو ناهي جو جسم ته سٺي شڪل ۾ هجي پر ذهن موڳو مٽر هجي ۽ اوهانجي جسم سان ڀيٽ نه کائيندو هجي، ٺيڪ آهي اوهان هر شئي لکي سگهو ٿا، پنهنجي فهرست سنڀاليو ٿا، پنهنجي نوٽ بڪ تي، فون تي يا ڪمپيوٽر تي پنهنجن ڪمن جي فهرست ٺاهي ۽ سنڀالي لکو ٿا پر جڏهن اهي شيون اوهانجي ويجهو ناهن ته ڇا ڪندا؟ ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي ذهن کي سگهارو ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي ماهر نفسيات ۽ ماهر دماغ انسانن جا ٻڌايل ڪجهه نقطا آزمائي ڏسو جيڪي اوهانجي ذهن کي ڦڙت ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
    ڄميل دماغ؛ ” هن جو نالو ڇا آهي؟“
    1. ڌيان ڏيو. جڏهن اوهانجو ڪنهن سان تعرف ڪرايو وڃي، ته ڌيان سان سندس نالو ٻڌو، انکانپوءِ ان نالي کي پاڻ وٽ محفوظ ڪريو، سندس نالي جي هجي spelling ڪريو، ۽ سوچيو ته ڪانڊيرو ”ڪ“ سان يا ” ق“ سان لکبو ۽ نالي واري لفظ جي معني پڻ سوچي وٺو، جيئن ڪانڊيرو هڪ ڪنڊن وارو وڻ آهي يا وري ...؟؟؟ ۽ جنهن سان اوهانجو تعرف ٿيو آهي، ڳالهائڻ دوران انجو نالو وٺي کيس مخاطب ٿيو ... ۽ الله واهي چوڻ وقت پڻ سندس نالو سان پڪاريو.
    2. نالي جي تصوير ٺاهيو! جنهن شخص جو نالو اوهانکي ياد ڪرڻو آهي ته ان ماڻهونءَ جا نقش نگار، جسماني ڊئول اوهانجي ڪنهن دوست يا مِٽَ سان ملندو هجي ته اوهان ان جي تصوير ٺاهيو ؛
    مثال؛ جي هن همراه جون ڀروون ڪجهه گهاٽيون هجن ها ته مون واري سوٽ ”انب“ جي شڪل جهڙو ٿي پوندو ... ۽ جي سندس اکيون ڀوريون هجن ها ته صفا مون واري دوست ” ٻلي“ جهڙو ٿي پوندو وغيره ....
    3. يادگار قائم ڪيو؛ نالي جي اڳيان پويان ڪو لقب ٺاهيو ته جيئن سندس نالو اوهانجي ذهن م وڌيڪ عرصي تائين قائم رهي يا وري ڪو اهڙو يادگار يا تاريخي نالو يا واقعو يا وري ڪو اهڙو ٻيو ميل کائيندڙ يادگار ان نالي سان منسوب ڪيو.
    4. آساني پئدا ڪريو؛ مٿين عملن سان گڏ، جيڪڏهن تعرف ڪرائيندڙ پنهنجو شناختي پتو (Visiting Card/Business Card) اوهانکي ڏئي ٿو ته اوهان ان پتي تي ياداشتي نوٽ لکي ڇڏيو، مثلن تاريخ، جڳهه يا واقعو وغيره ته جيئن جڏهن به اوهانکي اهو پتو ملي ته اوهانکي اهو شخص ياد اچي وڃي.
    **** هلندڙ ****​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    سائين اوهان جي هن ڪاوش کي سلام آهي۔۔ اصل مون سان به اها ساڳي ويڌن اٿوَ۔۔۔ ٻه ٽي ڏينهن جي ڪا ڳالهه ايئن وسري ويندي اٿم جيئن ته اها ڳالهه ڪئي ئي نه هئم, اصل شارٽ ٽرم ميموري لاس وارو قصو ٿي ويو آهي.۔۔۔ توهان جي مهرباني جو توهان ايتري سٺي شئي کي سنڌي ۾ ٽرانسليٽ ڪري موڪليو آهي۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    [​IMG]

    ڄميل دماغ؛ ” دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ آهي جت مون عينڪ رکي آهي؟

    5. معمول ڳولهيو؛ اوهان ڇا ٿا ڪريو؟ انجو خيال رکو، ميز جي آخري ڪنڊ تي پنهنجي عينڪ ته نٿا رکو، اوهان پنهنجيون ڄاٻيون ڪٿي رکندا آهيو؟ اوهان اڪثر عينڪ لاهي ڪٿي رکندا آهيو؟ پئسن وارو ٻٽون ڪٿي اڇلائيندا آهيو؟ اهو معمول رکڻ سان اوهانکي پنهنجين شين ڳولهڻ ۾ آساني ٿيندي.
    6. عادت ٺاهيو؛ پنهنجي کٽ جي پاسي ۾ پيل ننڍي ميز تي يا ميز جي خاني ۾ هڪ کاري رکو ۽ ڪوشش ڪري پنهنجيون چاٻيون يا ٻيون سنڀالي رکڻ واريون شيون ان ۾ رکو، جيئن جڏهن به اوهانکي اها شئي گهرجي ته سوچڻ جي ضرورت ئي نه پوي ۽ اوهانکي اوهانجي شئي ملي وڃي.

    **** هلندڙ ****
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    [​IMG]

    ڄميل دماغ؛ ” مونکي اڄ ٻيو ڇا ڇا ڪرڻو هو؟“7.

    پاڻکي عادي ڪريو؛ پاڻکي پنهنجا روز جا معامولات ياد ڏياريو، (ڇا ڪنهنجو شڪريو ادا ڪرڻو آهي ، کٽيءَ کان ڪپڙا کڻڻا ته نه آهن .. وغيره؟) پنهنجي ذهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ سان ياداشت وڌندي آهي ... پر ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا عمل اوهانکي ڪيترين ئي شين کي ياد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، سڀاڻي صبح جو اوهانکي پنهنجي گهر يا آفيس جا بل ادا ڪرڻا آهن، بل اوهانجي ٽيبل تي سامهون پيا آهن پر سامهون هوندي به اوهانکي ياد نه اچن اهو ممڪن آهي، انڪري اوهان رات جو بلن جي مٿان پنهنجي گهر يا ڪار جون چاٻيون رکي ڇڏيون ته جيئن صبح جو يادگيري ڪرڻ ۾ مدد ملي وڃي ... هڪ دفعي مون ته پنهنجا بل صبح جو پائي وڃڻ واري جوتي ۾ وجهي ڇڏيا هئا ۔۔۔

    8. ڳايو ۽ ياد ڪريو؛ اوهانکي ننڍڙا ننڍڙا ڪم ياد رکڻا آهن، سيڌي سامان جي فهرست، فون نمبر، ماڻهن جا نالا، ڪمن جي ترتيبوار فهرست، وغيره ... ڪيئن؟ بيشڪ وهنجڻ جي دوران ڳائي ڪري، حمام ۾ فارغ ٿيڻ وقت سس پس سان ؛"Twinkle, Twinkle, Little Star," ”وٺڻي آهي ڀاڄي ۽ تار“ يا وري؛ ”تنهنجي ياد جي وري آ وير ... توکي فون ڪرڻ آهي مير“ وغيره وغيره ... ڳايو، مزو وٺو ۽ معاملات ياد رکو ...

    9. پاڻ کان سوال ڪريو؟ گهر کان يا آفيس کان يا ڪنهن به جڳهه کان نڪرڻ وقت، ڪجهه گهڙين لئه دروازي تي بيهو، ڪيڏانهن ٿا وڃو ۽ ڇو ٿا وڃو؟ جيڪي شيون کڻڻيون هيون سي کنيون؟ پنهنجي جسم تي هٿ ڦيرايون، چاٻيون، ٻٽون، رومال، فهرست تيار ڪيل. ضروري ڪاغذ ؟ زال ۽ ٻارن جو چيل ڪم يا انهن جون ضروري شيون؟ .... رستو ڪهڙو وٺجي ... توڙ به پهچجي ۽ ڪم به پورا ٿين؟ ... سوالن جي جوابن ۾ خاڪو تيار ٿيو ... الله توهار ... جيڏانهن پير تيڏانهن خئير ...

    **** هلندڙ ****
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    [​IMG]

    ڄميل دماغ؛” هن سائيٽ تي منهنجو ڪهڙو پاسورڊ آهي؟“

    10. پنهنجن انگن کي شڪل ڏيو؛ هر هڪ انگ کي هڪ شڪل ڏيو، مثلن؛ 0 جي شڪل بال جهڙي آهي، 1 جي شڪل قلم جهڙي آهي، 2 جي شڪل بدڪ جهڙي آهي، 3 جي شڪل هٿڪڙيءَ جهڙي آهي، 4 جي شڪل ٻيڙيءَ جي بادبان جهڙي، 5 جي شڪل ڳورهاري مائيءَ جهڙي، 6 پائپ جيئان آهن، 7 جي شڪل تير جي منهن جهڙي آهي، 8 برفاني ماڻهونءَ جهڙا آهن، 9 ٽينس جي رڪيٽ جهڙا لڳن ٿا ... وغيره وغيره ...

    (هاڻ اوهانکي پنهنجي ATM Machine جو نمبر 4298 ياد ڪرڻو آهي ته ڪهاڻي ڇا ٺهندي ... ٻيڙيءَ تي آهيان، بدڪ حملو ڪيو مون کيس رڪيٽ سان ڌڪ هنيو ته برفاني ماڻهون ٿي پئي ... )

    ڄميل دماغ؛” لفظ منهنجي وات ۾ آهن پر نڪرن نٿا؟“
    11. لفظ منهنجي وات تي آهن؛ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه وات تي هوندي آهي پر نڪرندي ناهي، انڪري اوهان ان کي ياد ڪرڻ لئه گهڻا ئي جتن ڪندا آهيو پر ڳالهه اٽڪيل هوندي آهي، ڇا ڪجي؟ الفابيٽ سوچڻ يا چوڻ شروع ڪجي، متان ڪو اهڙو اکر جيڪو ان ڳالهه سان ميل کائيندو هجي ۽ هڪدم انجي اچارڻ سان ڳالهه کلي پوي ...

    ڄميل دماغ؛” وڌيڪ ڪا شئي ياد ڪرڻ جوڳو ئي ناهيان ؟“
    12. پڙهو، لکو، چئو ۽ ٻڌو؛ ڪا تقرير ياد ڪرڻ آهي، ڪا ٽيسٽ جي تياري ڪرڻي آهي، پنهنجا لکيل ليک پڙهو، پوءِ انهن کي لکو يا ڪمپيوٽر تي ٽائيپ ڪيو، پوءِ انهن کي وڏي آواز سان پڙهو ۽ انهن کي رڪارڊ ڪيو، ۽ ان رڪارڊنگ کي ڪيترا ڀيرا ٻڌو، ۽ جڏهن ياد ڪري رهيا هجو ته پنهنجي ٽي وي بند ڪري ڇڏيو، ، پنهنجي موبائيل فون کي گونگو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر کي پڻ انڌو ڪري ڇڏيو، ايئن ڪرڻ سان اوهان وڌيڪ توجهه ڏئي سگهندا ... ۽ اوهانجا ٻيڙا پار ٿي ويندا.
    13. رنگ استعمال ڪيو؛ پنهنجي ليک کي مختلف رنگن سان سنواريو ۽ مختلف رنگن وارن ليکن تي ڌار ڌار توجهه ڏيندا ته اوهانکي آساني ٿيندي.

    مطلب ته پنهنجي ذهن کي مختلف طريقن سان استعمال ڪندا ته اوهانجو ذهن وڌيڪ تيز ۽ تز ٿيندو ۽ اوهانکي گهربل نتيجا ڏيندو ... آهستي آهستي اوهان پاڻکي ذهين ۽ مطمئن ڀائيندا

    **** پورو ٿيو ****
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    سائين هڪ نسخو آءُ به ڏيان جي اجازت هجي
    هر ڪم ڪرڻ وقت بسم الله الرحمن الرحيم پڙهو ان شاءَ الله ڪا به ڳالهه نه وسرندي
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    هائو يار! بيشڪ، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ۔۔۔

    اوهان هن ليک کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا ۔۔۔ سئو ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو ۔۔۔ واري ڳالهه ڪئي اٿوَ ۔۔۔

    بسم الله چوڻ وارو عادي انسان ڪڏهن به ايترو ويسارو نه هوندو ۽ جنهن ڪم جي شروعات ئي الله جي بابرڪت نالي سان ته پوءِ اميد به ايتري ۔۔۔۔

    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي منڱيا،
    ري ٿنڀي، ري ٿوڻي، تـــون ڇپر، تـــــون ڇانوَ،
    ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀ ڪا۔
    شاه ڀٽائي ۔۔۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    جي پياري پاڻ ته ڪرهو ٿي پاڻي پئين
    اڳي ان نياڻ اڻ ڪوٺيو ڪونه گهڙي
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    تمام سٺو ! ادا ۔۔۔ ڀلا هي بيت مڪمل آهي يا ڪا سٽ کٽل آهي، ؟ الائجي ڇو بيت ٻاڙو پيو لڳي، ڪو لفظ يا ڪا سٽ کٽل ٿي لڳي ۔۔۔ ممڪن آءُ غلط هجان ۔۔۔ اوهان ٻڌائيندا ۔۔۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    سائين منهنجي امڙ چوندي آهي ته جيڪڏهن ڪا شئي وسري وڃي ته بسم الله پڙهي ڪلمو پڙهي ان کي ڳولجي ته ملندي دير نه ٿيندي
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    سائين، انشاءَ‌الله اسان انهن ٻڌايل طريقن تي عمل ڪري پنهنجو، حافظو تيز ڪنداسين، پر طاهر سنڌي جي ڳالهه تمام وزن واري آهي۔
    اڄ هڪ ڪتاب ۾ مون به حافظو تيز ڪرڻ واري آيت پڙهي آهي، جيڪا هيٺ بيان ڪجي ٿي۔
    "اللهم افتح علينا حڪمتڪ وانشر علينا رحمتڪ يا ذوالجلال والاڪرام"
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    دوست طاهر يا مست يا وري اڄ ادي عبدالوهاب جي ڳالهه سون جهڙي پر هڪ ڳالهه آءُ به چوندس ته اهو سڀ ايمان تي مبني آهي، جنهنجو جيترو ايمان ۽ عمل پختو هوندو اوترو اها ڳالهه اثر انداز ٿيندي، باقي هڪ ڳالهه اوهانکي ٻڌايان ته هڪ اصحابي مسجد جي ٻاهران اٺ بيهار اندر آيو ته الله جي رسول صلعم کائنس پڇيو ته اٺ کي ٻڌي آيو آهين، چيائين نه ”توڪل الله تي آهي“، الله جي رسول کيس چيو ته وڃي اٺ کي ٻڌي اچ پوءِ توڪل ڪر۔

    جنهن مان ثابت ٿيو ته انسان کي پنهنجي وس آهر پنهنجي همٿ ۽ محنت ڪرڻ گهرجي باقي توڪل الله تي ڪرڻ گهرجي نه ته ، وتائي جيئان بک مرندو ۔۔۔
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    پوين ڪجهه ڏينهن کان توهان جو هي موضوع نظر مان گذريو۔۔۔ سوچيم اڳ۾ پڙهيو اٿم ان ڪري نظر انداز ڪري وقت بچائيندي ٻيو موضوع کوليم ۔۔۔ پر اڄ ٻيهر ڏسي سوچيم سائين نثار هي موضوع ڇا بابت موڪليو هيو ۔۔۔ پر ياد نه آيو۔۔۔۔ ڀرسان رکيل باس طرفان مليل بادامن واري پيالي مان هڪ بادام کاڌم پر ياد نه آيو ۔۔
    ان ڪري موضوع کوليم ۔۔۔۔ هاڻي ته سڀ ياد اچي ويو ۔۔۔”مون کي لڳي ٿو توهان کي موڪل جي ضرورت آهي يا وري بادامن جي ۔۔۔ توهان اڪثر ڪم وساري رهيا آهيو ۔۔۔
    اهي لفظ آهن منهنجي باس جا باس جا۔۔۔ هو مون کي جڏهن به گهرائيندو آهي ۔۔ بسم الله سان گڏ دورد به پڙهندي ويندو آهيان ۔۔۔(شايد اهو ئي سبب آهي جو نوڪري تي قائم آهيان)۔۔۔ پر واپسي تي سندس طرفان ڏسيل ڪمن کي ڪڏهن به بسم الله پڙهي شروع نه ڪيم نه ته ادا مست وانگر هشاش بشاش نه هجان ها۔۔۔۔
    ڪم ياد رکڻ لاءِ موبائيل تي ريمائينڊر رکندو هيم ۔۔۔ پر جڏهن وقت تي ٽون نه وڄندي هئي ته بعد ۾ چيڪ ڪرڻ سان خبر پوندي هئي ته وقت ته سيٽ ڪيم پر تاريخ ته هڪ ڏينهن ڪالهوڪي سيٽ ٿيل هئي۔۔۔
    ان کان پوءِ ڪمن کي هڪ ننڍي هٿ جي ڊائري تي نوٽ ڪرڻ لڳس ۔۔۔ پر جڏهن ڪم ڪرڻ جو موقعو ايندو هيو ته اها ڊائري به ڳوليو نه ملي۔۔۔۔
    پر هاڻي ڀلو ٿئي توهان جو ۔۔ جو هي موضوع ٺاهي موڪليوَ۔۔۔ هُو توهان ڇالکيو هو۔۔۔۔ هممم۔۔ ها ياد آيو۔۔۔۔

    شال الله پاڪ توهان جو ڀلو ڪري ۔۔۔۔ هي ڳالهه مون کي پهريان ڇو نه ذهن ۾ آئي۔۔۔۔
    هن دفعي باس جو موبائيل بل جمع ڪرائڻ مون کان بلڪل به نه وسريو ڇو ته۔۔۔۔;))
    حيرت آهي۔۔۔ هن دفعي ته باس جو لاڪر نمبر به نه وسريو ۔۔۔ ڇو ته مون هڪ ڪهاڻي ٺاهي ته جڏهن به لاڪر جو نالو اچي ۔۔۔ مون کي پنهنجي آفيس ۾ سامهون وٺيل ليڊي آپريٽر کي تير هڻڻو آهي جنهن سان هو برف جو ماڻهون ٿي پوندي ۔۔۔ ۽ هي ڇا مون کي ته 758 بلڪل ياد رهيو ۔۔۔۔ ۽ اهو انقلاب آيو توهان جي هن نقطي ڪري۔۔
    توهان جي هن ليک جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ مهرباني سائين نثار ابڙو صاحب۔۔۔۔
     
  14. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    ادا واقي تواهانجي ڳالهه سچه آهي
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    ادا ابڙا صاحب توهان جو ونڊ ڪيل مضمون ۽ سنڌ سلامت جي باقي دوستن جا ڪمينٽس به پڙهندو پيو اچان ۽ ماشاءالله سان توهان جو ونڊ ڪيل مضمون ۽ دوستن جون ڳالهيون پڻ معلومات سان ٽمٽار آهن ۽ هن مضمون ۾ جيتريون به ڳالهيون لکيل آهن اهي سو سيڪڙو درست آهي، ۽ اهي واقعه ۽ ڀلون اسان کان به ٿينديون آهن، ۽ ڪم جون ڳالهيون وسارڻ ڪا سٺي ڳالهه ڪانهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مان اهيو سوچيندو آهيان ته رب پاڪ ان ۾ به ڪا حڪمت رکي آهي، جو اسان پنهنجا ڪيترائي ڏک ۽ تڪليفون ( وقتي طور ئي صحيح ) وساري ڇڏيندا آهيون، ۽ ڪيترائي اسان جا دل جا ٽڪرا پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز هي دنيا ڇڏي چڪا آهن ۽ انهن کي به اسان ( وقتي طور ئي صحيح ) وسارڻ کانپوء ئي پنهنجن ڪمن ۾ مصروف ٿئي ويندا آهيون، اهڙي ريت هن دنيا جو به وهنوار هلڻو آهي، ۽ هلي پيو، سو ڪڏهن ڪڏهن ذهن تي اهيا خيال به ضرور اثر انداز ٿيندا آهن۔ ضروري نه آهي ته هر ڪو منهنجي هن ڳالهه سان مطفق ٿئي ، پر ادا منهنجي من ۾ جيڪي هو سو مون اوهان اڳيان پيش ڪيو ، وڌيڪ توهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي،
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    ٻيو ڪجهه به هجي پر هن ليک جو فائدو جيڪو ادا رشيد سمون کي مليو آهي، ان جي خبر ادا رشيد جي ڪمينٽس مان پئجي وئي آهي۔۔۔
     
  17. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    نثار صاحب توهان ڇا ڪندا آهيو ۽ ڪٿي رهندا آهيو توهانجون سڀ تحريرون لاجواب آهن مون وٽ انهن لا۽ لفظ نه آهن۔ توهانجي هر تحرير تمام سٺي هوندي آهي۔
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دماغي صلاحيت وڌائڻ جا ڪجهه نقطا

    لک لائق جو اوهانکي منهنجي هر تحرير پسند آئي، منهنجو تعرف سنڌ سلامت تي ڏنل آهي ۔۔۔ هيٺ لنڪ ڏسو؛
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=872
    دعائن ۾ گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو