ڌرتيء کي وڌيڪ ٽامو ٿيڻ کان بچايو!

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سچ اهو آهي ته دنيا ڏينهون ڏينهن گرم کان گرم ٿيندي ٿي وڃي.توڙي اها روين جي گرمي هجي يا سج جي گرمي! بهرحال ماحول ۾ گرمي وڌي رهي آهي ۽ ايئن به ڪونهي ته رڳو پاڪستان ۾ سج پنهنجي گرمي ڏيکاري رهيو آهي پر پوري دنيا ۾ رميء جي شدت ۾ تشويشناڪ حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي.جيڪر سائنسي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته موسمن ۾ تديلي هڪ فطري عمل آهي پر ڪڏهن ڪڏهن فطرت يا قدرت سان ڇيڙ ڇاڙ انسان کي گھڻي مهانگي پئجي ويندي آهي.افسوس ته اهو جو ان شديد موسم ۾ سڪون جو احساس بخشيندڙ وڻ اسان ڪمائيء جي چڪر ۾ اهڙي ته بيدرديء سان ڪپيندا ٿا وڃون جو هاڻي ڇانو ڳولهيندي ڪا ڇانو ئي نصيب نٿي ٿئي.رهي ڳالهه “اوزون“ يعني موسمي شدت کان بچائيندڙ قدرتي پردي جي ته اسان جي صنعتن جي زهريلي گئس ۽ ڪيميائي گدلاڻ انهيء ۾ ايترا ته سوراخ ڪري وڌا آهن جو اوزون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته سج جي انهن تپيل ڪرڻن کي ڪيئن روڪيان ۽ پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان ڪيئن بچايان؟اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن سمورين ڳالهين کي سامهون رکندي اسان پنهنجو ترقيء جو سفر اتي ئي روڪي ڇڏيون؟وڌيڪ صنعتون نه لڳايون،فرنيچر،ڪاغذ،پينسل ۽ ڪاٺ مان جڙندڙ ٻيون سموريون شيون جوڙڻ ڇڏي ڏيون؟ڪاروبار بند ڪري ڇڏيون؟ ڇا سڄي دنيا ۾ ايئن ٿي رهيو آهي؟ دنيا به ته پاڪستان جيان ماحولياتي تبديلين جو شڪار آهي ته پوء ڇا پوري دنيا ۾ به ماحول دوستي ۽ اوزون جي تهه کي بچائڻ خاطر صنعتن کي بند ڪيو ويو آهي؟اهي اهڙا سوال آهن جيڪي هر انسان جي ذهن ۾ جنم وٺن ٿا ۽ جنم وٺڻ به گهرجن.ڇو ته انسان جي هڪ خاصيت اها به آهي جو هو ڪڏهن به هار نٿو مڃي.هو هر مشڪل جو حل تلاش ڪيو وٺي.هاڻي اسان سج کي ته پاڻي وجھي ٿڌو ڪري نٿا سگھون ۽ نه ئي ملڪ مٿان ڪا ايڏي وڏي ڇٽي پکيڙي سگھون ٿا جو گرمي ۽ اس کان بچي سگھون.ان ڪري هاڻي اسان کي اهو ڏسڻ جي گھرج آهي ته دنيا جي ٻين ترقي يافتا ملڪن گرميء کان بچڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا آهن.

    سڀ کان پهرين ته معلوم ڪرڻو پوندو ته گرميء جي شدت ۾ واڌاري جو اصل سبب آهي ڪهڙو؟ ان جو مختصر جواب آهي قدرتي ماحول کي ڪنهن به طرح نقصان پهچائڻ! مثال؛ وڻن جي ڪٽائي،معدنيات جو بي حساب استعمال،فيڪٽرين ۽ صنعتن جي گھڻائي ۽ فضائي گدلاڻ وغيره

    انهن سببن ڪري نه رڳو زميني پر پاڻيء جي مخلوق به پريشانيء ۾ ورتل آهي،هتي اها ڳالهه تمام گھڻي ڳڻتيء جوڳي آهي جو منگروز جي وڻن کي گذريل ڊگھي عرصي کان باقائدي سرڪاري سرپرستيء ۾ ڪپي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اڇين سامهون انهن کي سمگل ڪيو پيو وڃي.فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جنهنجو بنيادي ڪم ۽ فرض ئي وڻن جي واڌ ويجهه ۽ حفاظت هوندو آهي اهو کاتو پاڻ وڻن جي تباهيء پويان پيل نظر ايندو آهي.انهن کان ٻيو ته ڪو ڪم پهچي نٿو سواء ان جي جو رهيل کهيل ٻيلا وڍي ڪپي کپائي پنهنجا ڀڀ ڀريا وڃن ۽ ايندڙ نسلن کي موسمي شدتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي.ڪجي ته ڇا ڪجي جو هتي ته پوري آڪهه پئسي پويان انڌي ۽ چري لڳي پيئي آهي.

    هاڻي اسان دنيا ۾ رائج ڪجهه ڪارائتن طريقن جو ذڪر ڪيون جن سان اسان ماحول کي تباهه ٿيڻ ۽ موسمن جي تبديلين جي منفي اثرن کان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگھون ٿا.هن شديد گرميء ۾ پوري دنيا ۾ اهي ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن جن ذريعي هن گلوبل وارمنگ کان بڇي سگھجي ٿو؟

    يونان جو پراڻو شهر بابل جنهنجي جيڪر تاريخ پڙهي وڃي ته هن شهر جي ٻين ڪيترين ئي خاصيتن مان هڪڙي وڏي ۽ اهم خاصيت هن شهر جو لٽڪيل باغ (Hanging Garden)آهي.جيڪر اسان به ان فارمولا تي عمل ڪيون ته گرميء جي لهر کان بچڻ ڪافي آسان ٿي ويندو.انهيء فارمولي هيٺ اسان کي پنهنجن سمورين عمارتن جي بالڪونين تي ٻوٽا لڳائڻا پوندا ۽ انهن جي مڪمل سار سنڀال لهڻي پوندي.اهو تمام پراڻو تصور آهي جنهنجي ڪارگر ۽ اهم هئڻ جو اندازو اسان بابل شهر جي ڀتاريخ پڙهندي ان جي خوشحالي ۽ خوبقورتيء مان لڳائي سگھون ٿا.

    انهيء کان سواء پينسلوينيا جي شهر فيلي ڊيلفيا جا رهاڪو گرميء جي موسم ۾ پنهنجي ڇت جي ان حصي تي جتي اس پوندي هجي اڇو رنگ ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب پوري شهر جي گرميء جو درجو اصل موجود گرميء جي درجي کان 4 کان 6 سينٽي گريڊ گھٽجي وڃي ٿو ۽ گھرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي گھرن جي گرميء جي درجي ۾ اٽڪل 6 کان 8 سينٽي گريڊ گھٽتائي اچي وڃي ٿي.جڏهن ته نيو يارڪ ۾ به حڪومت “ٿڌي ڇت” Cool Roof جي نالي سان ان پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

    اهي ته اهڙا عمل ۽ قدم آهن جيڪي ڪنهن حڪومتي سرپرستيء سواء به انفرادي يا سماجي ليول تي ذاتي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان سرانجام ڏيئي سگھجن ٿا.پر ان سان گڏوگڏ هڪڙو ڪم جيڪو حڪومتن کي سختيء ۽ پابنديء سان هنگامي بنيادن تي ڪرڻو پوندو سو اهو ته سڀ کان پهرين جھنگلن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي فوري طور تي روڪڻي پوندي ۽ وڻ ڪپڻ متعلق هڪڙو قانون جوڙڻو پوندو جنهن تحت ڪنهن محدود ايراضيء تائين وڻن جي ڪٽائيء جي اجازت ڏيئي سگھجي ٿي ۽ پوء هڪ ڊگھي عرصي تائين ان ساڳي ايراضيء ۾ وڻن ڪپڻ تي پابندي لڳائڻي پوندي ۽ انهيء عرصي دوران اتي ڪپيل وڻڻ جي جاء تي نون وڻن لڳائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال کي يقيني بنائڻو پوندو.انهيء سان گڏوگڏ ڪاٺ سان لاڳاپيل ڪارخانن ۽ واپارين لاء حڪومت ان شرط کي لازم ڪري ڪاٺ جي هر سامان سان گڏ ان ۾ استعمال ٿيل ڪاٺ جي تفصيل ۾ ان ڳالهه کي لازمي شامل ڪن ته ان ڪاٺ کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪپيل وڻ کي واپس ڪيئن اپايو وڃي؟ ۽ جيڪي وڻ ٻج ذريعي پيدا ٿيندڙ هجن ته ڪاٺ جو سامان وڪڻندڙ سامان سان گڏ ماڻهن کي انهن وڻن جو ٻج به مفت مهيا ڪن ۽ انهن کي پوکڻ جو طريقو به ماڻهن کي ٻڌائين.گھڻڻ کي ان سم جون تجويزون کل جوڳيون لڳنديون ۽ اهي اسان جي ذهني حالت تي پاڳلپڻي جو شڪ به ڪري سگھن ٿا پر اسان سڀني کي ان ڏينهن کان ڊڄڻ گھرجي جڏهن اسان گرمين جي شدت کان سڀ جا سڀ پاڳل بڻجي وينداسين.هونئن اهڙن ڏاهن کي جيڪي اهڙين تجويزن کي مذاق سمجھن ٿا تن کي اهو ٻڌائيندا هلون ته اڄ ڪلهه “سيڊ پينسل“ جو تصور هڪ نئين ۽ نرالي شيء آهي.هڪ پينسل بنائيندڙ ڪمپنيء پنهنجي پينسلن ۾ هڪڙو ٻج وجھي ڇڏيو آهي.اوهان پينسل استعمال ڪريو ۽ جڏهن پينسل ختم ٿيڻ لڳي ته اوهان ان پينسل کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو،ڪجهه عرصي بعد اوهان کي اتي هڪڙو ٻوٽو نظر ايندو جيڪو پوري وڻ جي صورت اختيار ڪرڻ بعد وري به هزارين پينسلون بنائڻ جي لائق ٿي ويندو.اهي اهڙا طريقا آهن جيڪي دنيا ۾ موسمن جي شدت کي گھٽائڻ ۽ ماحول جو توازن برقرار رکڻ لاء رائج ٿي چڪا آهن.گڏوگڏ اسڪول،ڪاليج،يونيورسٽين،اسپتالن،ريلوي اسٽيشنن،هوائي اڏن ۽ ٻين پبلڪ جاين تي ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن توڙي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ سمورن شاگردن تي اهو لازمي قانون لاڳو هئڻ گھرجي ته انهن مان هرڪو سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو وڻ هر حالت ۾ ضرور لڳائي، ٻي صورت ۾ سندن خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ انهيء معاملي کي سندن ترقي،پگھارن ۽ تعليمي نتيجن سان ڳنڍڻ گھرجي. فاريسٽ،زراعت ۽ ماحوليات جي وزارتن کي به ان معاملي ۾ هنگامي ٽاسڪ ۽ ٽارگيٽ ڏيئي انهن جي سختيء سان مانيٽرنگ ٿيڻ گھرجي.جيڪر اسان ان معاملي ۾ پنهنجي ماضيء واري غفلت ۽ لاپرواهيء واري روش برقرار رکي ته پوء ايندر ڪجهه سالن ۾ شايد هيء زمين اسان جي رهڻ جي قابل رهي نه سگھي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو