مست
سينيئر رڪن
نواز شريف اڄ هڪ بيان ۾ آصف زرداري تي سڌو سنئون الزام هڻندي چيو آهي ته کيس چونڊن مان نااهل قرار ڏيڻ ۽ شهباز شريف جي پنجاب حڪومت کي عدالت ذريعي ڪجهه عرصو پهرين ختم ڪرڻ واري سازش آصف زرداري ئي ڪئي هئي ۽ آصف زرداري ڪنهن به طرح سان ججن جي بحالي نه ٿي چاهي۔
نواز شريف وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جي نيت پهرين پهرين ته ٺيڪ هئي پر بعد ۾ ان ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي۔
ياد رهي ته داتا درٻار تي ٿيندڙ حملن کان پوءِ نواز ۽ شهباز شريف جي مقبوليت جو گراف تمام تيزيءَ سان ڪري پيو آهي ۽ سندن ئي شهر ۾ سرِ عام ماڻهو کين نازيبا گاريون ڏئي رهيا آهن۔۔۔
شهباز شريف کان جڏهن ماڻهن ۽ صحافين پڇيو ته توهان پنهنجي ذات جي حفاظت لاءِ جيڪا سيڪيورٽي رکي آهي اگر انهيءَ جي ڏهين حصي جيتري سيڪيورٽي به داتا درٻار تي رکي وڃي ها ته هي حادثو پيش نه اچي ها۔۔۔ انهيءَ جي جواب ۾ شهباز شريف بوکلائجي ويو ۽ نيٺ سندس مدد لاءِ نواز شريف کي ميدان ۾ اچڻو پيو آهي۔۔
نواز شريف اچڻ ساڻ ئي ڪيترا ئي بي بنياد الزام موجوده حڪومت تي لڳائي چڪو آهي۔۔ جيئن ته انٽيليجينس ايجنسيون صوبن سان معلومات جي مٽاسٽا ڪن ها ته اهڙي نوبت نه اچي ها (جڏهن ته گهرو وزير جواب ۾ اهو چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف اهو ثابت ڪري ڏيکاري ته اسان پنجاب صوبي کي اهڙن حملن جي اڳ ۾ خبر نه ڏني هئي ته مان استعيفى ڏيڻ لاءِ تيار آهيان) ان کان علاوه دهشت گردن جو آپريشن وفاق ڪري ۽ قيمت صوبن کي ٿي ادا ڪرڻ پوي۔۔۔
۽ بنا ڪنهن دير جي طالبان اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون وڃن۔۔ (مطلب ته اهڙن ڪڍين ڪاروائين ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون وڃن۔۔ حيف آهه اهڙي سوچ وارن ماڻهن تي)