آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    نواز شريف اڄ هڪ بيان ۾ آصف زرداري تي سڌو سنئون الزام هڻندي چيو آهي ته کيس چونڊن مان نااهل قرار ڏيڻ ۽‌ شهباز شريف جي پنجاب حڪومت کي عدالت ذريعي ڪجهه عرصو پهرين ختم ڪرڻ واري سازش آصف زرداري ئي ڪئي هئي ۽ آصف زرداري ڪنهن به طرح سان ججن جي بحالي نه ٿي چاهي۔
    نواز شريف وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جي نيت پهرين پهرين ته ٺيڪ هئي پر بعد ۾ ان ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي۔
    ياد رهي ته داتا درٻار تي ٿيندڙ حملن کان پوءِ نواز ۽ شهباز شريف جي مقبوليت جو گراف تمام تيزيءَ سان ڪري پيو آهي ۽‌ سندن ئي شهر ۾ سرِ عام ماڻهو کين نازيبا گاريون ڏئي رهيا آهن۔۔۔
    شهباز شريف کان جڏهن ماڻهن ۽ صحافين پڇيو ته توهان پنهنجي ذات جي حفاظت لاءِ جيڪا سيڪيورٽي رکي آهي اگر انهيءَ جي ڏهين حصي جيتري سيڪيورٽي به داتا درٻار تي رکي وڃي ها ته هي حادثو پيش نه اچي ها۔۔۔ انهيءَ جي جواب ۾ شهباز شريف بوکلائجي ويو ۽‌ نيٺ سندس مدد لاءِ نواز شريف کي ميدان ۾ اچڻو پيو آهي۔۔
    نواز شريف اچڻ ساڻ ئي ڪيترا ئي بي بنياد الزام موجوده حڪومت تي لڳائي چڪو آهي۔۔ جيئن ته انٽيليجينس ايجنسيون صوبن سان معلومات جي مٽاسٽا ڪن ها ته اهڙي نوبت نه اچي ها (جڏهن ته گهرو وزير جواب ۾ اهو چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف اهو ثابت ڪري ڏيکاري ته اسان پنجاب صوبي کي اهڙن حملن جي اڳ ۾ خبر نه ڏني هئي ته مان استعيفى ڏيڻ لاءِ تيار آهيان) ان کان علاوه دهشت گردن جو آپريشن وفاق ڪري ۽ قيمت صوبن کي ٿي ادا ڪرڻ پوي۔۔۔
    ۽ بنا ڪنهن دير جي طالبان اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون وڃن۔۔ (مطلب ته اهڙن ڪڍين ڪاروائين ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون وڃن۔۔ حيف آهه اهڙي سوچ وارن ماڻهن تي)
     
  2. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    ادا نواز برادران کان ڪڏهن به چڱائي جي اميد نه رکجو ڇو ته هي سنڌي قوم سان ڪڏهن به سچاڪونه ٿيندا۔ هي ڪڏهن نه چاهيندا ته ڪو سنڌي ايوان صدر ۾ هجي۔ ڪالاباغ ڊيم جا حمائتي آهن۔ ڪجه ڏينهن پهرئين ڪالاباغ ڊيم خلاف بل پاس ڪندڙ اسمبلين کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ جو به نواز سال تعلق هو۔ اگر جي سنڌسان سچو هجي ها ته اهڙن ماڻهن خلاف ايڪشن کڻي ها۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    ادا انهن جا سڀ پارلياماني ميمبر اڻ پڙهيل آهن۔۔ ڪوڙين ڊگرين جي مالڪ ميمبرن مان اڪثريت نواز ليگ جي آهي۔۔۔ روز خبر پوي ٿي ته فلاڻي ميمبر جي ڊگري ڪوڙي نڪتي۔۔۔ پوءِ هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جن جي ڊگري ئي ڪوڙي هوندي، انهن کان چڱائيءَ جي ڪهڙي توقع رکجي
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    ڀلا ڪتي جي بنڪڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    ادا علي اڪبر جن کي گذارش اهي ته فورم تي نازيبا الفاظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    واقعي لڳي ته ايئن ئي ٿو۔۔ پر ڪتن جو‌ ٽولو گڏجي ويو ته پوءِ۔۔؟
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    ادا طاهر اها ڳالهه ادا علي اڪبر شر صحيح پيو چوي پر واقعي هن فورم تي ايئن نه لکڻ گهرجي
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    پر يار سنڌ جا ڪتا ويچارا به مسڪين ۽ وفادار آهن، مون ننڍڙي لئه هڪ ڪتو پاليو هو، اهو ته وڏو وفادار هو جو مرندي مري ويو پر جڏهن به مونکي ڏسندو هو اچي پيرن تي ڪرندو هو ۔۔۔ ۽ گهر جي حفاظت اهڙي جو مجال آ ڪو ايرو گيرو گهر جي آسي پاسي ۾ اچي ۔۔۔!!!

    ڪتا ته ويچارا مالڪ سان وفادار هوندا آهن ۽ سمجهدار پڻ ۔۔۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آخرڪار دشمني کُلي سامهون اچي پئي۔۔

    سائين مٿي سنڌ جي ڪتن جو ذڪر نه ٿيل آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو