غزل. مجيب سنڌي آٿت ڏي ڪو نيڻن جي ڪشڪولن کي تون ظلم ڪري ته ڌڪار نه جهليل جهولن کي تون نازڪ آهيان نازڪ ڳالهيون منهنجون آهن ٻڌ ڀي منهنجي پيارن پيارن ٻولن کي تون ڏنگيل ڪيڏو اڳ ئي دنيا دارن کان مان ويتر يار وڌاءِ نه من جي رولن کي تون جيڪي قول ڪيا تو گڏجي هر دم مون سان پار مٺا تن پنهنجن پيارن قولن کي تون ڪو ساڙوٽو ڀلي سڙي پيو باھ ۾ پل پل ڪر برداشت زماني جي ته مخولن کي تون مان تنهنجو آهيان "مجيب" تون منهنجو آهين ھاڻ ٿڏي اچ رسمن جي ته ڪڙولن کي تون.