مطلب ته مال جو بار وڌي ويو هيس، پر يار هڪ ڳالهه چئبي ته ڪراچي جا اهي علائقا جن ۾ اردو ڳالهائيندڙ گهڻا رهنٿا، انهن کي ٺاهي سينگاري ڇڏيائون، بيشڪ مال ڪجهه پنهنجن گهرن ڏانهن اڇلايو هوندائون پر وري به ايترو ڪجهه ڪيائون جو نظر اچي ٿو ۔۔۔ باقي پاڻ وارا سٻاجهڙا سنڌي، مولائي ويچارا، نشا پتا ڪري سڪون سان جيترو ملي اوترو ئي گهر موڪليو ڇڏين يا وري ايترو وٺن ئي ڪون جو خرچ ڪرڻو پوي، سندن مطالبو هوندو آهي ته ايترو ڏيو جيترو اسانجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ مناسب لڳي ۔۔۔ اسان وارا ويچارا مولائي لڏي جا ماڻهون، ڇا ڄاڻن ترقي ورقي مان ۔۔۔
ڪراچي جا اها علائقا ڏسو جت اردو ڳالهائيندڙ رهنٿا ۽ اهي ڏسو جت ٻين قومن جا ماڻهون رهن ٿا ۽ وري خاص اهي علائقا جت سنڌي سٻاجهڙا رهنٿا ۔۔۔ ڳالهه واضح ٿي ويندي ۔۔۔
تازو مثال؛
مون سچل ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر جي ٻاهران گلن جي ڪياري ٺهرائي، لوهه جي ڄاري لڳرائي، گل هڻايا، بس ڙي ادا اسانجا سنڌي سٻاجهڙا ويچارا مسڪين مارون، ٻه ڏينهن الائجي ڪيئن انهن گلن کي برداشت ڪيائون ٽين ڏينهن تي ٻوٽا پاڙن کان ئي غائب ۔۔۔ ؟؟؟ مالهي چيو ته سائين اسانجا ماڻهون ماشاء الله سڌريل آهن، ڪنڊن جو لوڙهو هڻايو جيستائين ٻوٽا وڏا نه ٿا ٿين، نه ته هتان جا ماڻهون پٽي وڃي پنهنجن گهرن ۾ هڻندا آهن، جو کين وٺڻ ڏکيو لڳندو آهي يا وري هو پريان گهر وارن جون ٻڪريون ڇڙيل هونديون آهن، اهي کائي وينديون ۔۔۔!!! مونکي عجيب لڳو ته ڪراچي جهڙي ماحول ۾ گهرن کي ڪنڊن جو لوڙها هڻائڻ سٺو نٿو لڳي انڪري مون کيس وڌيڪ ٻوٽن هڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۔۔۔ نه رهندو بانس نه وڄندي بانسري ۔۔۔
باقي اردو ڳالهائيندڙن جا علائقا ڏسو ته گل گلزاري لڳي پئي آهي، جي ماڻهون پاڻ نٿا هڻن ته بلديه وارا هڻائن ٿا، کوهه جون ۽ سيمنٽ جون سٺيون ڄاريون هڻائن ٿا ۽ روزاني پاڻي ڏيڻ جو بندوبست پڻ ڪنٿا ۔۔۔ صفائي اهڙي جو ڀان ته اجهو ڪو منسٽر لنگهڻ وارو آهي ۔۔۔
بس دعا ڪريو ته اسانجي ماڻهن ۾ به شعور اچي ۔۔۔ باقي حالت زبون آهي ۔۔۔