اطلاع ته۔۔۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ شخص ميونسپالٽيءَ جي آفيس ۾ فون ڪري ٻڌايو ته‌”منهنجي گهر جي اڳيان هڪ گڏهه مئو پيو آهي۔ ان کي هتان کڻائي وڃو“
    جواب مليو: ” بهتر اهو آهي ته اوهان انهيءَ گڏهه کي اتي ئي دفن ڪري ڇڏيو“
    شخص ڪجهه ساهيءَ کان پوءِ ڪاوڙ مان وراڻيو:” دفن ته مان ڪرائي ڇڏيان هان پر وري مان سوچيو ته مرحوم جي خاندان وارن کي اطلاع ته ڏئي ڇڏيان“۔۔۔۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    فون ٻڌڻ وارن ۾ ڪراچيءَ جي بلديه جو تازو لٿل ميئر ۽ سندس ساٿي هئا ڇا۔۔۔؟
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    شايد انهيء گڏه تي وزن وڌيڪ پئجي ويو هو ان ڪري هن کي هٽايو ويو باقي هن تصوير ۾ پاڻ ڏسو۔

    [​IMG]
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    مطلب ته مال جو بار وڌي ويو هيس، پر يار هڪ ڳالهه چئبي ته ڪراچي جا اهي علائقا جن ۾ اردو ڳالهائيندڙ گهڻا رهنٿا، انهن کي ٺاهي سينگاري ڇڏيائون، بيشڪ مال ڪجهه پنهنجن گهرن ڏانهن اڇلايو هوندائون پر وري به ايترو ڪجهه ڪيائون جو نظر اچي ٿو ۔۔۔ باقي پاڻ وارا سٻاجهڙا سنڌي، مولائي ويچارا، نشا پتا ڪري سڪون سان جيترو ملي اوترو ئي گهر موڪليو ڇڏين يا وري ايترو وٺن ئي ڪون جو خرچ ڪرڻو پوي، سندن مطالبو هوندو آهي ته ايترو ڏيو جيترو اسانجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ مناسب لڳي ۔۔۔ اسان وارا ويچارا مولائي لڏي جا ماڻهون، ڇا ڄاڻن ترقي ورقي مان ۔۔۔

    ڪراچي جا اها علائقا ڏسو جت اردو ڳالهائيندڙ رهنٿا ۽ اهي ڏسو جت ٻين قومن جا ماڻهون رهن ٿا ۽ وري خاص اهي علائقا جت سنڌي سٻاجهڙا رهنٿا ۔۔۔ ڳالهه واضح ٿي ويندي ۔۔۔

    تازو مثال؛

    مون سچل ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر جي ٻاهران گلن جي ڪياري ٺهرائي، لوهه جي ڄاري لڳرائي، گل هڻايا، بس ڙي ادا اسانجا سنڌي سٻاجهڙا ويچارا مسڪين مارون، ٻه ڏينهن الائجي ڪيئن انهن گلن کي برداشت ڪيائون ٽين ڏينهن تي ٻوٽا پاڙن کان ئي غائب ۔۔۔ ؟؟؟ مالهي چيو ته سائين اسانجا ماڻهون ماشاء الله سڌريل آهن، ڪنڊن جو لوڙهو هڻايو جيستائين ٻوٽا وڏا نه ٿا ٿين، نه ته هتان جا ماڻهون پٽي وڃي پنهنجن گهرن ۾ هڻندا آهن، جو کين وٺڻ ڏکيو لڳندو آهي يا وري هو پريان گهر وارن جون ٻڪريون ڇڙيل هونديون آهن، اهي کائي وينديون ۔۔۔!!! مونکي عجيب لڳو ته ڪراچي جهڙي ماحول ۾ گهرن کي ڪنڊن جو لوڙها هڻائڻ سٺو نٿو لڳي انڪري مون کيس وڌيڪ ٻوٽن هڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۔۔۔ نه رهندو بانس نه وڄندي بانسري ۔۔۔

    باقي اردو ڳالهائيندڙن جا علائقا ڏسو ته گل گلزاري لڳي پئي آهي، جي ماڻهون پاڻ نٿا هڻن ته بلديه وارا هڻائن ٿا، لوهه جون ۽ سيمنٽ جون سٺيون ڄاريون هڻائن ٿا ۽ روزاني پاڻي ڏيڻ جو بندوبست پڻ ڪنٿا ۔۔۔ صفائي اهڙي جو ڀان ته اجهو ڪو منسٽر لنگهڻ وارو آهي ۔۔۔

    بس دعا ڪريو ته اسانجي ماڻهن ۾ به شعور اچي ۔۔۔ باقي حالت زبون آهي ۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    ۽ سائين فون ڪرڻ وارو پڪ اسان وارو ڪراچي وارو ايڊمن هوندو۔۔۔ ها ها ها ۔۔۔ ڇو ته سائين کان وڌيڪ حاضر جواب ڪير آهي ئي ڪونه پاڻ وٽ۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    سائين ڳالهه ته توهان بلڪل صحيح آهي۔۔ ڪراچي ته ڇا پر حيدرآباد جو ئي مثال وٺو۔۔ ڪجهه ئي سالن ۾ انهن حيدرآباد ۾ سٺا ڪم ڪرايا۔۔۔ توڙي جو اهي انهن جي پنهنجي گهڻائي واري علائقي ۾ ٿيندا آهن پر انهيءَ سان گڏ ڪجهه حد تائين سنڌ ڳالهائيندڙن جي علائقن ۾ به ڪرايا اٿن۔۔ انهيءَ کان علاوه سنڌي يادگار جهڙوڪ هوش محمد شيدي جي يادگار ۽ اهڙيون ڪجهه ٻيون شيون ٺهرائي انهن ڪجهه حد تائين ڪرايو آهي۔۔
    ڀلي هو کائين به ٿا پر حد جي اندر کائين ٿا، پر انهيءَ سان گڏ هو پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن کي نوڪريءَ تي لڳاين به ٿا۔۔۔ اسان جي ڪنهن وس واري عملدار سان رڳو ٿورو سلام دعا ته ڪيوس، اهڙي انداز ۾ جواب ڏيندو جو وري توهان کي پنهنجي عرضي ٻڌائڻ تي دل ئي ڪانه ڪندي۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    سائين توهان سچ لکيو آهي، جنهن ۾ ڪا به ٻاڙائي ڪانهي​
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    ته پوءِ ڇا ڪيون
    وڃي چنڊ تي جايون وٺون؟!!
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    نه ادا طاهر، چنڊ جي سرزمين سنڌ جهڙي زرخيز ناهي، چنڊ کي نه پنهنجي روشني، نه پاڻي نه هوا ۔۔۔ اسان ڪيئن چونداسون ته اوهين چنڊ تي وڃو ۔۔۔؟

    ها سنڌ ۾ ئي رهو، ڌڻي اوهانجي آل ۽ اولاد کي سنڌ ۾ ئي رهڻ جي توفيق عطا ڪري، باقي سنڌ جي سڄڻ جي حيثيت ۾ جيڪي مشڪلاتون اوهانجي سامهون اچن انهن کي مڙس ماڻهون ٿي مهاڏو اٽڪايو ۽ وتواصوابالحق ۽ وتواصوابالصبر تي عمل ڪندي زندگي گذاريو ۔۔۔

    اهي ڳالهيون جي سنڌ جي مشڪلاتن جون ڪريون ٿا ان جو مقصد هرگز اهو ناهي ته اسين سنڌ ڇڏي هليا وڃون ، بلڪه ان جو مقصد اهو آهي ته پاڻکي ۽ پنهنجي قوم کي سنڀالي حق ۽ سچ جي راهه کي بچائي وٺون ۔۔۔

    رب سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔آمين
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    ها سائين ٺيڪ آ
    ٻيهران جزباتي نه ٿيندس
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    ادا طاهر جذباتي نه ٿيو بابا۔۔۔۔ ! الله سڻائي ڪندو۔۔۔
     
  12. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اطلاع ته۔۔۔۔

    واه سائين واه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو