ناميارو مزاح نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس حليم بروهي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ناميارو مزاح نگار، ڪهاڻيڪار ۽ڪالم نويس حليم بروهي:
    فقير محمد سنڌي.

    سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو مزاح نگار ۽ليکڪ ۽ سندس شهرت جو ڪارڻ سندس منفرد قسم جي مزاح نگاري آهي. دلچسپ ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪرائڻ جي غير معمولي ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ، سنڌ جو هي اڪيلو ۽ انوکو مزاح نگار، 5 آگسٽ1935ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ عبدالعزیز بروهي جي گھر ڄائو .حليم بروهي جو اصل نالو عبدالحليم هو، سندس تعليم بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. سندس هيل تائين ڇپيل ڪتابن جو خاصو تعداد موجود آهي جنهن ۾، انگريزي ۾ nothing in particular 1967،ٻيو ڪتاب به انگريزي ۾ solo decayed جيڪو به 1967ع تي شايع ٿيو، ٽيون ڪتاب به حليم بروهي انگريزي ۾ لکيل آهي Nothing in Earnest جيڪو به 1967ع تي منظر عام تي اچي سگهيو، هٽلر جي ڪهاڻي 1972ع، هٽلر لکيو 1972ع، اوڙاھ ناول 1975ع، حليم شو، رچنائون 1983ع، شعر بازي 1976ع، سنڌي ٻوليءَ ۽جيڪي مون لکيو 2003ع شامل آهن. حليم بروهي جو مزاح ۽ حياتي پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڪاميڊ ۽ ٽريجڊي جو خوبصورت سنگم موجود رهندا آيا.
    حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ جو حامي هو، جنهن لاءِ سندس خاص نقطئه نظر هو، جيڪو ڪافي سالن کان بحث هيٺ رهندو پيو آيو . ان کان سواءِ سندس سوين ليک سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هو حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين توڙي جو عمر ۽ صحت جي اعتبار کان ڪمزور ۽ ضعيف ٿي چڪو هو، پر ساڳيءَ سگهه سان لڳاتار لکندو رهيو.
    جيڪو سڄي عمر قرت العين حيدر جي ان وصف تي هر وقت آماده رهيو، هن جي نظر ۾ اديب هميشه مس فٽ هوندو آهي، حليم بروهي ڪينيڊا جي جڳ مشهور مزاحيه ليکڪ اسٽيفن جي دور ۾ تقريبن 40 سالن جو فرق آهي پر حليم جو خيال هو ته زندگيءَ اسان ٻنهين جي هڪ جهڙو ۽هڪ جيترو خوار خراب ڪيو.
    سنڌي، اردو۽انگريزي تي هڪ جيترو عبور رکندڙ ڪمال جو ليکڪ هو، حليم بروهي پنهنجي مزاج ۾ انمول شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجي راءِ ڏيندي چوندو هو ته :در اصل جنهن کي اديب چئبو آهي سو مان نه آهيان. جي مان مذاح نگار هجان ها ته اڪيلو نه هجان ها، ڪو ٻيو مذاح نگار به هجي ها. سٺو ليکڪ پنهنجي وقت کان ڪجهه اڳتي هلندو آهي، سٺو مذاح لکندڙ جي مذاح کي گهڻو دير سان مذاح سمجهيو ويندو آهي، ۽جڏهن سندس مذاح کي سچ پچ مذاح سمجهڻ شروع ڪيو ويندو آهي تڏهن سندس سيريس لکڻين ۾ به لڪل ڪاميڊي به آهي ۽ ٽرئجڊي به. حليم بروهي جا خيال تمام برجستا آهن، ڪٿي پنهنجي اندر جو اظهار هن نموني سان ڪيو اٿائين ته : ڇو ته مان ادب جي عام وهڪ کان ڪجھ الڳ ئي رهيو آهيان، تنهن ڪري مون سان ٽريجڊي هي آهي ته مون کي اهي به پڙهن ٿا جن کي مان نٿو وڻان. انهي لاءِ پنهنجي قبر جي ڪتبي تي هي اکر لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو حليم جو بهترين تعارف پنهنجي لاءِ سمجهيو.
    Jack of all Trades, Man Animal, legend - Abdul Haleen Brohi.
    حليم بروهي جي، ٻار پالڻ واري ڪهاڻي ڏاڍي لاجواب آهي ڪهاڻي سڄي نٿو لکي سگهان، پر انهي ڪهاڻي جو هڪ جملو به پنهنجي اوچائي ظاهر ڪري ٿو، عورتن کي ٻار پالڻ بابت ڪجھ سمجهائڻ ائين آهي جيئن سج کي ميڻ بتي يا ٽارچ يا لالٽين ڏيکارڻ، تنهنڪري هن مضمون کي فقط مردن لاءِ محدود سمجهيو وڃي.
    حليم بروهي جا ڪالم روزانه ڪاوش ۾ هڪ عرصي کان لڳاتار ڇپجندا رهن رهيا . سنڌ جي هن عظيم مذاح نگار شخصيت 28 جولاءِ 2010ع تي زندگي کي الوداع چيو، سنڌي ادب ۽سنڌي سماج کان هميشه لاءِ ڏور هليو ويو .​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حليم بروهي: هڪ نرالو شخص

    شوڪت حسين شورو

    حليم بروهي جو گذاري وڃڻ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو. سنڌ ۾ اڳي وڏا چرچائي ۽ ڀوڳائي هوندا هئا، پر سنڌي معاشري ۾ جيڪا بدحالي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انارڪي پيدا ٿي آهي، تنهن ۾ چرچو ڀوڳ ختم ٿي ويو آهي. ”خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري“ وانگر سنڌي ماڻهو پنهنجي هڻ پٽ ۾ ڄڻ مزاح جي حس کان محروم ٿي ويا آهن. جتي روئڻ پٽڻ روزمرهه جو معمول ٿي ويو هجي، اتي مزاحيه ادب لکڻ جوکم جو ڪم آهي. حليم بروهيءَ اهڙي مايوسي واري خشڪ ماحول ۾ اهو جوکم جو ڪم ڪيو ۽ بنان ڊپ جي ڪيو. هو عام پڙهندڙن ۾ برابر مقبول ٿيو، پر اسان جا عالم، اديب ۽ دانشور، جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڳنڀيرتا طاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، تن کي حليم بروهيءَ جي اها حرڪت نه وڻي. جيڪڏهن اهي حليم بروهي کان الرجڪ رهيا، ته حليم پاڻ انهن کان ٻه رتيون ڪثر کانئن الرجڪ رهيو. هن جا خيال ۽ لکڻيون تڪراري رهندا آيا. هو سنڌي ٻوليءَ سان سندس دشمني نه هئي. حليم جنهن پنهنجائپ واري انداز ۾ اهي تڪراري ڳالهيون لکندو هو، ان تي سندس پڙهندڙ ڪڏهن چڙيا ڪو نه. ڪن اديبن ۽ عالمن حليم جي خيالن سان اختلاف ظاهر ڪيا، ته اهو اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته موجوده عربي-سنڌي صورتخطي کي بدلائي رومن اسڪرپٽ اختيار ڪيو وڃي. پر اها ڳالهه ايتري سولي ڪونهي، ڪنهن ٻوليءَ جو صدين کان مروج اسڪرپٽ بدلائڻ معمولي ڪم ڪونهي، سو به موجوده سياسي حالتن ۾ جڏهن سنڌ سان هر معاملي ۾ ناانصافي ۽ بي واجبي ڪئي پئي وڃي. اسڪرپٽ بدلائڻ ۽ سڄي ادبي ذخيري کي ان ۾ ڇپرائڻ وڏي خرچ جي ڳالهه آهي، جيڪو ڪهڙي حڪومت ڀريندي!


    حليم بروهي ذاتي طور هڪ نرالو شخص هو، مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ واري دور ۾ هو سڀني کان الڳ ۽ اڪيلو هو. هن لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي راضي ڪرڻ، خوش ڪرڻ لاءِ مصلحت کان ڪم نه ورتو. حليم جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو، ان جو اظهار ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ ڀلي ڪنهن کي نه وڻي يا ڏکي لڳي، اها پرواهه ڪرڻ حليم بروهي سکيو ئي ڪو نه هو. هن جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ حليم بروهي اهو ئي ساڳيو ۽ هڪڙو هو. فقط حليم بروهي ئي ڪنهن کي کل کل ۾ چئي سگهيو ٿي ته، ”تون مون کي نٿو وڻين“. حليم وٽ وڻڻ ۽ نه وڻڻ جا ڀلي پنهنجا ماپا هجن، پر ان ۾ رک رکاءُ يا منافقي نه هوندي هئي. حليم کي جيڪو ماڻهو نه وڻندو هو، ڀلي ان جا سبب ڪهڙا به هجن، هو ان کان هميشه الرجڪ رهندو هو. سندس لکڻ ۾ به اها ساڳي جولاني هوندي هئي. سنڌ يونيورسٽي جا پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر سڏائيندڙ استاد، خاص طور سنڌي شعبي جا پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر حليم بروهي جي طنز ۽ مزاح جي نشاني تي رهيا. ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته حليم سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ انهن پروفيسرن/ڊاڪٽرن کي ذاتي طور سڃاڻندو هو ته منجهن علمي اهليت ڪيتري آهي. ٻي ڳالهه اها هئي ته خود اهي پروفيسر صاحبان حليم بروهي جي خيالن ۽ ڳالهين کي ”چريو آهي“ چئي مذاق ۾ اڏائي ڇڏيندا هئا. نتيجي طور حليم بروهي به انهن سان ڪڏهن گهٽ نه ڪئي. ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته حليم بروهي جو سنڌي ادب ۾ قدر ڪو نه ٿيو. حليم جيڪڏهن انگريزي ۾ لکي ها ته کيس نوبل پرائيز ملي ها ۽ جيڪڏهن اردو ۾ لکي ها ته سندس وڏو قدر ٿئي ها. اصل ۾ حليم بروهي پنهنجي لکڻ جي شروعات انگريزي ۽ اردو ۾ ئي ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ ته هن گهڻو پوءِ لکڻ شروع ڪيو. اردوءَ جا اهلِ زبان ٻي ڪنهن ٻولي ڳالهائيندڙ کي اردو جو اديب فقط ان حالت ۾ مڃيندا آهن ته هو ڄمڻ سان ئي پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي چڪو هجي. پنجابي ۽ پٺاڻ، جيڪي اردو جا ناميارا شاعر ۽ اديب آهن، تن پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي اردو کي هينئين سان لاتو، ان ڪري کين قبول ڪيو ويو. ائين ته ڪجهه سنڌي اديب اردوءَ ۾ لکندا رهيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو ۽ نوالهديٰ شاهه کي اردو ڊراما ۽ امر جليل کي اردو ۾ ڪالم لکندي سال ٿي ويا آهن، تڏهن به هنن کي اردوءَ جو نه، پر سنڌيءَ جو ليکڪ ئي سمجهيو ويندو آهي. حليم بروهيءَ کي سنڌي ۾ لکڻ سبب پنهنجا پڙهندڙ مليا، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا، کيس عزت ۽ نالو مليو، ڇا اها ڳالهه ڪنهن ايوارڊ يا وڏي عهدي کان گهٽ آهي! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان احساس ڪمتريءَ جي هيءَ بيماري خود سنڌي ليکڪن ۾ آهي.

    حليم بروهي هڪ سچو ۽ خوددار شخص هو، هن کي ڪنهن انعام اڪرام يا عهدي جي ضرورت نه هئي، نه وري هن ڪڏهن سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته سندس سار سنڀال لڌي وڃي، يا سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو وڃي. هن وقت سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌ ثقافت کاتو يا سنڌي ادبي بورڊ حليم بروهي جي سمورن ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪري. ڪنهن ليکڪ کي ان کان وڌيڪ بهتر نموني سان خراج تحسين پيش ڪري ئي نٿو سگهجي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حليم بروهي -

    گوبند مينگهواڙ

    اڄ ان ماڻهوءَ کي وڇڙئي ڀريا ٽي سال ٿيا آهن، جنهن پنهنجي مُني صديءَ جيتري حياتي گوتم جي اڪيلائيءَ جيان گذاري هئي. هُو، جنهن کي عطائين سان ڀريل هن سماج ۽ ادب جي ذري ذري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. هُو، جيڪو سنڌ ۾ هڪ عرصي تائين Sanity(هوشمندي/ سياڻپ) جو نمائنده آواز هو، تنهن لاءِ ڪرشن کٽواڻيءَ چيو هو ته، ”هر سنڌي ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو هُن سان ضرور ملڻ کپي“ ۽ جنهن لاءِ نڀور جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويل سنڌ جي انتهائي ذهين ليکڪ گنهور جتوئي لکيو هو ته، ”هيءَ حياتي، جنهن ۾ وڇوڙا آهن، اڪيلائيون آهن ۽ دوست نما دشمن آهن، ان ۾ هُن جهڙي جينيئس جو هئڻ جيئڻ لاءِ وڏي وٿ آهي“ ۽ جيڪو سڄي ڄمار قرت العين حيدر جي ان وصف تي پورو لٿو هو ته، ”اديب هميشه مِس فِٽ هوندو آهي“ ۽ جنهن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي لاءِ لکيو هو ته، ”جيتوڻيڪ منهنجي ۽ ڪينيڊا جي جڳ مشهور مزاحيه ليکڪ اسٽيفن ليڪاڪ جي دور ۾ لڳ ڀڳ ۴۰ورهين جو فرق آهي پر زندگيءَ اسان ٻنهي کي هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو خوار خراب ڪيو“. ۽ جنهن مرڻ کان گهڻو اڳ ۾ چيو هو ته، ”منهنجي قبر جي ڪتبي تي هي اکر لکيا وڃن“، جيڪو شايد هن جو سڀ کان بهترين تعارف پڻ آهي؛

    Jack of all trades,
    Man, Animal, Legend
    Abdul Haleem Brohi.
    سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جيتري دسترس رکندڙ هن من موجي ليکاريءَ جي۱۹۳۶ع کان ۲۰۱۰ع تائين جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل زندگيءَ جي ڪهاڻي سندس لکڻين جيان ئي نرالي آهي. حليم بروهيءَ جي سنڌ ۾ نمايان سڃاڻپ توڻي جو هڪ مزاحيه ادب جي ليکڪ جي هئي پر سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ هُن جيتري سنجيدگي هُن کان پوءِ ورلي ئي نظر اچي ٿي. هُن جا مُخالف سندس ان سڃاڻپ جي حساب سان کيس ”مشڪرو“ سڏيندا هئا، پر هن جو مزاح ۽ حياتي پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڪاميڊي ۽ ٽريجڊيءَ جو خوبصورت سنگم هئڻ ڪري ڪنهن مزاحيه ادب جي ليکڪ جي ان ڳالھه تي پورا ٿي لٿا ته، ”منهنجو مزاح مڪئي جي سنگن جيان آهي، جن کي جيئن سيڪ اچي ٿو ته اهي ڦُلا بڻجن ٿا“. پر حليم کي گهڻو سيڪ سندس سنجيده ڪم جي عيوض آيو ۽ دنيا جي هر مزاحيه ادب جي ليکڪ جي شڪايت جي ابتڙ هو شايد ان قسم جو اڪيلو ليکڪ هو، جنهن کي هن جي ڪيترن ئي همعصرن نه رڳو ”سيريس“ ورتو پر ساڻس آخر تائين وير به جاري رکندا آيا. هو پاڻ چوندو هو ته منهنجو مزاحيه ادب جي ليکڪ هجڻ وارو پاسو حالتن جي پيداوار آهي. ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ مان ون يونٽ وارو طوق تازو ٽُٽو هو ۽ سنڌ جو قومپرست لڏو سنڌ جي قديم تهذيبي ورثي کي اُجاگر ڪرڻ واري مهم تي لٿل هو، ته حليم پنهنجي پهرين ”بغاوت“ ڪندي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب تي بنھه غير جانبدار انداز سان لکي سنڌ جي ”سڄاڻ ڌرين“ کي ڪاوڙائي وڌو هو. گهڻو پوءِ ”حليم بروهي ريويوز“ جي سِري سان ڪتابي شڪل ۾ آيل سندس اهي مضمون اڄ به سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافيءَ جو اڻ ڌريو تجزيو آهن. پنهنجي نالي جي معنيٰ جي ابتڙ حليم پنهنجي زندگيءَ ۽ لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ۽ آخر تائين پنهنجو هڪ باغي ليکڪ وارو اميج برقرار رکيو.
    ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل تاريخ کي سچ جي ساهميءَ ۾ رکي ادبي دنيا جي بُتن کي ڀور ڀور ڪندڙ، ڪاوش جي هن صفحي تي ورهين تائين تواتر سان ڀرپور مزاحيه ڪالم لکندڙ ۽ سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ هئڻ کان وٺي سنڌ جي ادبي لڏي جي ”پرسونا نان گريٽا“ هئڻ تائين حليم جي سڃاڻپ جا سوين حوالا هئا، جن کي هن پاڻ به گهڻو ”انجواءِ“ ڪيو. هو واقعي ئي هر فن مولا هو. هڪ بهترين ناول، ڪيترائي شاندار افسانا ۽ ٻولي، ساهت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي ڪيل هن جو Extensive (وسعت وارو/ جامع) ڪم ڏسي حيرت ٿئي ٿي. حيرت ته هاڻي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۾ رومن سنڌيءَ ۾خوشي ۽ آسانيءَ سان پنهنجو ڪار وهنوار هلائيندڙن تي به ٿئي ٿي، جن حليم کي حياتيءَ ۾ ڪٿان جو نه ڇڏيو هو. ڪنهن به قسم جي نظرياتي ڇاپ کان آجي ۽ هڪ مڪمل ماڊرنسٽ سوچ واري قلمڪار هئڻ جي ناتي هن سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سماج جي انهن سڀني لاڙن کي شدت سان رد ڪيو، جن موجب اسان جهڙو ”باڪمال“ دنيا ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي! هن جو سڄو سنجيده توڻي مزاح وارو لٽريچر حقيقتن سان رُوشنائي ۽ انهن ڏانهن فراخدليءَ سان هٿ وڌائڻ جي دعوت آهي. هاڻ ته سوشل ميڊيا جو زمانو آهي، جتي هر ماڻهوءَ جي هر نئين ڳالھه، هر نئين خيال تائين نه رڳو رسائي آهي پر هر ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو به حق حاصل آهي ۽ جتي ان ڳالھه جي آجيان ڪرڻ وارا به ڪجھه ملي ئي وڃن ٿا پر حليم پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان دور جي ٻولي ۽ ادب جي ”ٽارزنن“ کي منهن ڏيندي اهڙي اڪيلائيءَ ۾ گذاريو، جڏهن ڪجھه ”سر ڦرين“ نوجوانن کان سواءِ ڪير به سندس ڳالھه جي تائيد ڪرڻ وارو نه هو. گهڻو پوءِ جڏهن موسمون مهربان ٿيون ته هُن لکيو؛ ”هڪ زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.“ حليم بروهي هليو ويو پر سنڌي ادب ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ جنهن عقليت پسنديءَ لاءِ هن اڪيلي سر جهيڙيو هو، تنهن جا اولڙا اسان کي هاڻ هتي هُتي نظر اچي ٿا وڃن. سدائين مُخالف هوا جي سامهون بيٺل حليم جي زندگيءَ ۾ به اهو سڀ ڪجھه هو، جيڪو هر جينيئس ۽ وَکري ماڻهوءَ جو مُقدر بڻايو ويندو آهي پر انهن سڀني ڏکيائين، پيڙائن ۽ ڌڪار باوجود هُن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ مثالي مستقل مزاجيءَ سان سنڌي ساهت جي کيتر ۾ جديد لاڙن کي متعارف ڪرائيندي ان کي دنيا سان هم آهنگيءَ جي دڳ تي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو وقت پري ڪونهي جڏهن سنڌ پنهنجي هن ”سودائي“ پٽ جي ڪم تي ناز ڪندي.
    پنهنجي حياتي مرضيءَ موجب ۽ هڪ وڏي ”سيليبريشن“ سان گذاريندڙِ حليم پنهنجي موت کي انتهائي ”لو پروفائل“ ۾ رکڻ جي تاڪيد ڪئي هُئي ۽ اطمينان جي ڳالھه آهي ته ان ئي ڪيفيت ۾ هن جي ورسيءَ جا ڏينهن ايندا ۽ گذرندا ٿا وڃن. هُن جيان ئي سڄي ڄمار مِس فِٽ رهندڙ دهلي درٻار جي شاعر مرزا نوشا جون سٽون هن مُنفرد انسان ۽ يگاني ليکاريءَ جي حياتيءَ جو خوبصورت احاطو ڪن ٿيون؛
    نه جانون نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي،
    جو گُل هون تو صحرا مين، جو خس هون تو گُلشن مين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو