سنڌ ۾ سياسي تبديلي جو ھوائون

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2018۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌ ۾ سياسي تبديلي جو ھوائون

    نديم ايف پراچا
    Dawn
    ترجمو : (عبد الحفيظ لغاري)

    تازو مڪمل ٿيل چونڊن ۾ ھڪ دفعو وري پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي.
    قومي اسيمبليءَ لاءِ سنڌ ۾ رکيل 61 سيٽن مان 43 پ پ کٽيون آھن، صوبائي اسيمبلي ۾ 74 سيٽون کڻي ٻيھر واضع اڪثريت سان پنهنجي حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ آھي. پر جيئن 1988ع کان ٿيندو اچي تہ اليڪشن کان پوءِ دانشور ۽ ميڊيا جا مبصر گھڻو ڌيان پنجاب جي نتيجن تي ڏيڻ لڳا آھن. اھو سمجھڻ جوڳو عمل آھي ڇو تہ پنجاب ملڪ جو وڏو صوبو آھي. پنجاب ۾ ڪا پارٽي اھو صوبو کٽي ٿي تہ اھو ئي کيس طاقت ۾ اچي حڪمراني لاءِ ڪافي ھجي ٿو.
    ھن ڀيري خيبر پختونخواہ پڻ دلچسپي جو باعث آھي ڇو تہ 90 جي ڏھاڪي کان پوءِ اھو پھريون دفعو آھي تہ ساڳي پارٽي تحريڪ انصاف لاڳيتو 2 دفعا ھي صوبو کٽيو آھي جيڪو ھر دفعي نوان آزمائيندو رھيو آ.
    صوبي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن جي اليڪشن جا نتيجا ھڪ دفعو وري گھٽ تبصرن جو موضوع بڻجي سگھيا آھن. صوبي پنجاب ۾ وؤٽر جي مزاج جي ارتقا تي ڳالھائڻ لاءِ گھڻو ڪجھہ ھجي ٿو پر صوبي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ان تناظر ۾ ڪجھہ بہ ناھي ھوندو. بلوچستان بابت پڻ جتي 1970 کان بلوچستان جي چونڊن تي بلوچ ۽ پختون قومپرستن جو ٽٽندڙ غلبو رھيو آھي.
    تنھن ھوندي بہ سنڌ جي راڄڌاني ۽ ڳتيل آبادي واري شھر ڪراچي کي مبصرن جي ڀرپور توجہ ملي ٿي. ڳولاڪندڙ کي ڪراچي جي سياست بابت گھڻو ڪجھن ڪتابن، مضمونن ۽ تحقيقي مقالن ۾ پڙھڻ لاءِ ملي ويندو پر ھوندو رڳو ڪراچي بابت.
    جڏھن باقي سنڌ جو تجزيو ڪجي ٿو تہ نتيجي ۾ اھو سمجھڻ ۾ ناڪامي ئي ملي ٿي تہ ڪراچيءَ کان اڳتي سنڌ وؤٽ ڏيڻ بابت 1971ع کان يڪو ھڪ ئي ڪار ڇو ڪندي ٿي اچي؟
    مون اخبارن ۽ ميگزينن ۾ سنڌ ۾ چونڊن بابت مزاج تي جڏھن آئي ڏينھن شايع ٿيندڙ مواد پڙھڻ شروع ڪيو تہ 1988ع کان بس اھو ئي پلئہ پيو تہ وڏيرا شاھي،سياسي ڪٽرپڻو،تبديلي خلاف مزاحمت ۽ تعليم جي کوٽ ئي اصل وجہ آھن.
    اڄ بہ اڪثر تجزيہ ڪار ۽ ڪالم نگار سنڌ کي (گھڻو ڪري سنڌي ڳالھائيندڙ) بابت اھا راءِ رکن ٿا تہ اھي اڄ بہ ھڪ ھنڌ بيھہ ويل آھن ۽ڀُٽن جي پ پ کان اڳتي نہ ٿا وڌن ۽ وڏيرن جي زور ھيٺان نٿا نڪرن. اھو نظريو شعوري سستي جي ور چڙھيل آھي.

    2013 جي اليڪشن ۾ ھڪ مشھور ٽي وي ميزبانن جي جوڙي ارادو ڪيو تہ ھلو ھلي ڪراچي کان اڳتي سنڌ ڏسي اچون. صوبي جي ڪجھہ شھرن ۾ خستہ حال روڊن ۽ نيڪال وغيره جو نظام ڏيکاري ھو وڃي ڪجھہ وؤٽرن وٽ انٽرويو لاءِ پھتا. مون کي ياد آھي انھن مان ھڪ ميزبان پنھنجي پريشاني لڪائي نہ سگھيو جڏھن وؤٽرن چيو "اسان جو وؤٽ پ پ کي ھوندو".
    پنھنجي ڪئميرا مين کي چيس تہ دادو شھر جو ھي اٿلي پيل گٽر ڏيکار ۽ وؤٽر ڏانھن مڙندي پڇڻ لڳو
    "اوھان کي ھي وھندڙ گٽر پ پ ڏنا آھن اڃان بہ پ پ کي وؤٽ ڪندؤ؟"
    نوجوان وؤٽر وراڻيس "ڀلا لاھور جي گٽرن ۾ شربت ٿي وھي ڇا؟"
    مسئلو اھو ئي آھي تہ مبصرن ۽ "ماھرن" جي اڪثريت انھي سنڌ ۽ سنڌين تي ڀاڙي ٿي جيڪي ڪجھہ ڏھاڪا اڳ جي قائم ٿيل آھي. سنڌين جي تبديل نہ ٿيندڙ حالت، غير متحرڪ ھجڻ ۽ وڏيرن جي عتاب ۾ نہ جھڙي زندگي جي شروعات تڏھن کان ٿي آھي جڏھن کان صوبي ۾ لکن جي تعداد ۾ مھاجر ڌوڪيا ويا آھن جيڪي 47 کان ايندا رهيا آھن.
    صوبي ۾ اڳ رھندڙ سنڌين ۽ ايندڙ اردو ڳالھائيندڙ مھاجرن وچ ۾ واضع ثقافتي ٽڪراءُ موجود ھو. ايندڙ مھاجر گھڻو تڻو شھري ھئا جيڪي وڻ وڻ ڪاٺي ٿي ھتي اچي گڏيا جڏھن تہ ھتي اڳ ۾ رھندڙ ھڪ ئي ثقافت جا مالڪ پنھنجي ڌرتي سان گھرو لڳاءُ رکندڙ صدين جا واسي ھئا. اھو ئي سبب ھو جو بلوچن،پختونن ۽ بنگالين جيان سنڌين پڻ اھو محسوس ڪيو تہ ايندڙ مھاجر ۽ نام نھاد پنجابي عوام الخاص سندن ثقافت کي دٻائي رھيا آھن.
    مھاجر ڪميونٽي پنھنجي خاص حيثيت تڏھن وڃائڻ شروع ڪئي جڏھن پختون ايوب جي دؤر (1958 کان 1969) ۾ مٿي قيادت ۾ اچڻ لڳا. سنڌي وري ساڳي طرح1971 ۾ مٿڀرا ٿيا. توڙي جو پ پ جو خالق ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي ھو پر 1970 جي اليڪشن ۾ کيس سنڌ کان وڌيڪ پنجاب وؤٽ ڏنو.
    1980 ۾ سنڌين جي قيادت ڍلي ٿيڻ لڳي جڏھن ضيا جي پاليسين مٿن ڏمر ڪيو. ضيا جي 88 ۾ موت کانپوءِ پ پ ٻيھر ساھہ کنيو ۽ قيادت بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ٻيھر مٿي آئي. توڙي جو ان مرحلي بابت ڪوبہ جاندار مواد نہ ٿو ملي پر ھڪ لحاظ سان ڳولڻ تي مختلف ڪمپنين جي سيلزمين جي رپورٽن ۾ ان بابت پڙھڻ لاءِ مليو وڃي. مثال طور ڪو 6 سال اڳ مون 2 رپورٽون ھٿ ۾ کنيون جن مان ھڪ جوس ڪمپني جي ھئي ۽ ٻي ڪار لاءِ بئٽري ٺاھيندڙ ڪمپني جي ھئي.
    اھي رپورٽ ڪمپني جي انھن سيلز مين ٺاھيون ھيون جيڪي سنڌ جي مختلف شھر ۾ سفر ڪندا رھيا ھئا. رپورٽن ۾ انھن ڳوٺن جو احوال ھو جيڪي ھاڻي ٽائون ۽ اھي ٽائون جيڪي ھاڻي شھر ٿيڻ لڳا ھئا. رپورٽن اھو پڻ ظاھر ڪيو تہ سنڌي مڊل ڪلاس شھرن ۾ ظاھر ٿيڻ ۽ پکڙجڻ لڳو آھي ۽ سندن شيون واپرائڻ جو انداز ڪراچي وارن جي مڊل ڪلاس جھڙو ئي ٿيڻ لڳو آھي.
    مذڪورہ تبديلي جو اھم مرڪزي جز پ پ رھي آھي.
    سياسي اقتصادي ماھر ايس اڪبر زيدي ۽ مرحومہ مؤرخ حميدہ کھڙو اڪثر اھو چوندا رھيا آھن تہ سنڌ ۾ جاگيرداري نظام تيزي سان ڪمزور ٿي رھيو آھي. سندن خيال ھو تہ جاگيرداري نظام جو صوبي جي چونڊ تي ھاڻي نالي ماتر وڃي اثر رھيو آھي. پ پ ان تبديلي کي ايئن منھن ڏنو تہ شھري ۽ جاگيرداري طبقي بدران وچولن ۽ اقليتي اميدوارن کي اڳيان آندو جن وڏن وڏن جاگيردارن کي چونڊن ۾ڪيرائي وِڌو.
    سياسي ماھر حارث گذدر 2008 ۾ هفتيوار Economics & Politics ۾ پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو ھو تہ سنڌين جي اڪثريت جو خيال آھي تہ "پ پ سندن علائقي مفادن کي قومي ليول تي پيش ڪرڻ ۾ آواز اٿاري ٿي". ساڳي ڳالھہ سياسي اقتصادي ماھر اسد سعيد پڻ ڪري ٿو، سندس چوڻ آھي تہ پ پ سنڌين جي قيادت کي مٿئين ليول تي آڻي وفاقي سطح تي سندن رسائي ڪرائي ٿي“.

    (ڊان ۾ 19 آگسٽ 2018 تي ڇپيل مضمون)
    مترجم جو متن سان متفق ھجڻ يا نہ ھجڻ ضروري ناھي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ سٺو ۽ سوچڻ جهڙو ڪالم ...

    مهرباني جو اوهان ڀلي ڪالم جي ترجمي جي چونڊ ڪئي ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو