امن امان تمام وڏي نعمت آهي

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    امن امان تمام وڏي نعمت آهي

    شرف الدين مرکنڊ طاهري


    • امن امان انسان هر جي ضرورت آهي، هر عقل مند ان ڳالهه سان متفق آهي، ۽ ان جي ڪوبه مخالفت نٿو ڪري سگھي.قرآن مجيد ۾ الله تعالى امن جي نعمت کي بطور احسان به بيان فرمايو آهي،امن امان تمام وڏي نعمت آهي،ڇو ته ان جو زوال تمام وڏي سزا آهي،امن ئي آهي جنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجي جان،مال،عزت،۽ خاندان جي باري ۾ پر اطميان رهندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته تعمير ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو،ان ۾ ذهني سڪون ۽ حالتن جي درستگي رکيل آهي. پرسڪون زندگي امن ۾ آهي ۽ طاقتور فوج گھرو ٿا ته عدل ڪريو.ٻيو قول آهي ته:“امن هجي ته انسان اڪيلائي م به وحشت محسوس نه ڪندو آهي،جڏهن ته خوف جي ڪري انسان مجلس ۾ به مايوس ٿيندو آهي،۽ هڪ قول هي به آهي ته :“بدامني جي تنگري کان امن جي تنگدستي بهتر آهي”اسان جي معاشري جي موجوده حالتن کي ڏسجي ته هڪ عجيب قسم جي افراتفري ۽ هنگامي حالت نظر ايندي.اسانجو معاشرو،اناپرستي،قوم پرستي،تعصب،حسد،نفاق،۽ انتشار جي انتها تي نظر ايندو.قبائلي جھيڙا جن ۾ ڪيترائي قتل ٿي چڪا آهن،جن جو نبيرو نٿو ٿئي يا طاقتور ۽ وس وارا نٿا چاهين ته انهن جو سرچاءُ ٿي وڃي،برادرينجي اندر ناچاڪيون ۽ نااتفاقيون نظر اچن ٿيون ته وري ويجھن قريبن عزيزن جي حالتن کي ڏسبو ته انهن ۾ ٿورين ٿورين ڳالهين تي ممڙ متل نظر ايندو.سڱاوتي تڪرار تي قتل ٿين ٿا ۽ قطن رحمي جو رحجان جام هوندو آهي لساني ۽ مذهبي گروه بندي الڳ نظر ايندي،انهن ڳالهين جو سبب ڇا آهي؟۽ انهن جو حل ڇا آهي؟جيڪڏهن ٿورو به غور ۽ فڪر ڪنداسين ته اسان کي ان جو حل اسان جي گھر ۾ پيل پاڪ مقدس ڪتاب جنهن کي اسان قرآن مجيد چئون ٿا ان ۾ نظر ايندو ۽ ٻيو سنت رسول اللهﷺ ۾ نظر ايندو پر افسوس جواسان قرآن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ رسول الله ﷺ جي سنت مطهره کي يڪسر ٿلائي ڇڏيو آهي .قرآن ڪريم فرقان حميد جھڙو حڪمت ڀريو ڪتاب اسان المارين ۽ گھر ۾ مٿاهين جاءِ تي وڏي عزت ۽ احترام سان سينگاري سنواري رکي ڇڏيو آهي ۽ ان کي پڙهون ڪونه ٿا پر جي پڙهون ٿا ته سمجھون ڪونه ٿا جيڪڏهن ترجمي سان پڙهون ٿا ته ان جي تفسير کي نٿا پڙهون.اسان ان کي پڙهڻ سمجھڻ ۽ ان جي تعليمات تي عمل ڪڙڻ صرف علامن جي کاتي ۾ وجھي ڇڏيو آهي ٻيو ته اسان الله وارن جي صحبت به اختيار نٿا ڪريو جتي اسان کي هر وقت پيار،محبت ۽ انسانيت جو درس يپو ملندو آهي.عام طور تي گھريلو ۽خانداني فسادن ۽ ناچاڪين جو سبب غلط فهمين جي بنياد تي هوندو آهي.شيطان طبيعت جا ماڻهو بغير سوچڻ سمجھڻ جي اهڙا افواھ يا صرف ٻڌل ڳالهين کي ڦهلائيندا آهن پوءِ جذباتي ۽ تڪڙي طبيعت وارا ماڻهو بغير تحقيق جي صرف ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي اهڙا فيصلا ڪري ويهندا آهن جن جي نتيجي ۾ ممڙ مچي پوندا آهن انهن جي باري ۾ الله ڪريم ارشاد فرمايو آهي.ترجمه:اي ايمان وارو!جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ خبر آڻي ته تحقيق ڪريو ته ڪٿي ڪنهن قوم کي بي جا ايذا نه ڏئي ڇڏيو پوءِ پنهنجي ڪيل عمل تي پيشمان رهجي وڃو.مٿي بيان ڪيل آيت ڪريمه ۾ ڪهڙي نه سهڻي نموني سبق ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو خبر آڻي ته ان جي تصديق ڪرڻ کان سواءِ ڪو به قدم نه کڻڻ گھرجي نه ته پڇتائڻو پوندو. جيڪڏهن اسان قرآن شريف جي انهيءَ آيت تي عمل ڪريون ته شايد گھڻن مسئلن کان بچي وڃون.مٿي ذڪر ڪيل آيت شريف ۾ ايمان وارن کي حڪم آهي ته بدگماني کان بچجي.ڇو ته بدگماني جي ڪري ئي غلط فهميون پيدا ٿينديون آهن،عيب تلاش ڪرڻ کان سختي سان منع فرمايو ويو آهي ۽ گلا کي ايترو قبيح گناه فرمايو ويو آهي جو ان کي پنهنجي مئل ڀاءُ جي گوشت کائڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آهيقرآن مجيد جي آيت ۾ واضع طور تي فرمايو ويو آهي ته،جيڪو ڪو فتنو فساد يا جھيڙو ٿي پوي ته ان کي ڪهڙي طرح سان حل ڪجي.ترجمو:۽ جيڪڏهن مسلمانن جا ٻه گروھ پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو،پوِءِ جيڪڏهن هڪ (گروھ) ٻئي تي زيادتي ڪري ته ان زيادتي ڪرڻ واري سان (گروھ) سان وڙهو ايتري تائين جو هو اللھ جي حڪم جي طرف واپس موٽي اچي جيڪڏهن موٽي چي ته انصاف سان انهن ۾ صلح ڪريو.بيشڪ عدل ڪرڻ وارن سان الله محبت ڪري ٿو.مٿي بيان ڪيل آيت ۾ واضع نموني حڪم ڪيو ويو آهي ته مسلمانن جي وچ ۾ ڪنهن به صورت ۾ امن ۽ صلح قائم ڪرڻو آهي.اهو حڪومت وقت جي فرائض ۾ اچي ٿو ڇو ته حڪومتِ وقت کي اهڙي طاقت حاصل هوندي آهي ۽ ان وٽ وسيلا به هوندا آهن.پوليس،عدليه وغيره سڀ حڪومت جي تحت هوندا آهن.مٿي قرآن ڪريم ۽ حديثن ۽ دانشورن جي قولن مان بلڪل واضع ٿي وڃي ٿو ته امن امان ۽ پاڻ ۾ ڀائيچارو قائم ڪرڻ ڪيڏي نه وڏي الله جي نعمت آهي جنهن سان الله تعالي به راضي ٿئي ٿو ته ان جو پيارو رسول به راضي ٿئي ٿو ۽ دلين کي سڪون به ۽ اطمينان حاصل ٿئي ٿو.اللھ تعالي کان دعا آهي ته اسان کي هن دنيا جي امن ۾ رکي ۽ اسان کي پاڻ ۾ سک سلامتي سان گذاريون.(ماخذ: ٽي ماهي الاصلاح رسالو)


     
    آخري ترميم: ‏26 آگسٽ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو