اصحابي سڳوري جو اخلاق......! شرف الدين مرکنڊ طاهري

'تعارف' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    اصحابي سڳوري جو اخلاق......!

    شرف الدين مرکنڊ طاهري

    حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي خلافت جي زماني ۾ هڪ اصحابي سڳوري کي ڪنهن علاقي جو گورنر مقرر ڪيو ويو،ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ان اصحابي جي باري ۾ شڪايتون ڪيون ويون، حضرت عمر رضي الله عنه کي عرض ڪيو ويو ته هي ڪهڙو گورنر موڪليو ويو آهي، پاڻ فرمايائون ته ڪهڙي ڳالهه آهي؟ عرض ڪيو ته اهو صبح جو پنهنجي گھر کان ٻاهر دير سان نڪرندو آهي ۽ اسان پنهنجي شڪايت لاءِ انتظار ڪندا رهندا آهيون، رات جو گھر کان ٻاهر ناهي نڪرندو، حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو انصاف و عدل وڏو مشهور هيو، پاڻ پيغام موڪليائين اهو حاضر ٿيو. معلوم ڪيائون ڇا اسان توهان کي ان لاءِ گورنر ڪري موڪليو جو اوهان جون شڪايتون ٻُڌون، زاروقطار روئڻ لڳو، عرض ڪيائين ته اي اميرالموءمين! راز جون ڳالهيون آهن توهان انهن کي ظاهر نه ڪيو، پاڻ فرمايائون شڪايتون پهتيون آهن،اوهان کي حقيقت بيان ڪرڻي پوندي، امير الموءمنين حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي گھڻي اصرار تي اصحابي رسول ﷺ ٻڌايو ته مان ۽ منهنجي گھرواري گھر ۾ اڪيلا هوندا آهيون اسان وٽ ڪو غلام، نوڪر ناهي اتفاقاً منهنجي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي، مان پاڻ اٽو ڳوهي ماني پچائي پنهنجي گھرواري کي کارائيندو آهيان جنهن جي ڪري مون کي اچڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي، امير الموءمين پاران غلام ڇو نه ٿو رکين؟ جي جواب ۾ چيائين ماڻ پاڻ ئي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ٿيو آهيان، مان پنهنجي گھر ۾ ڪيئن ٿو غلام رکي سگھان! اهڙي ريت مان ڏينهن مخلوق جي حوالي ۽ رات خالق جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.ڏينهن جو مخلوق جي خدمت ۽ رات جو الله جي عبادت ڪندو آهيان. مونکي پائڻ جي لاءِ هڪ جوڙو آهي، جڏهن جمع ايندو اهي ڪپڙا ميرا ٿيڻ ڪري مان پاڻ ڪپڙا ڌوئيندو آهيان ته مون وٽ ٻيو جوڙو پائڻ جي لاءِ ناهي هوندو، ان اصحابي جي عمل، اخلاص ۽ ڪردار ڏسي اسان کي به تڪبر، وڏائي، غرور نه ڪرڻ گھرجي.(الاصلاح رسالي ۾ منهنجو هي مضمون شايع ٿيل آهي آڪٽومبر 2016 شمارو نمبر 20)
     
    آخري ترميم: ‏27 آگسٽ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو