ٽماٽو انتھائي مفيد سبزي ۽ مفيد ميوو

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽماٽو انتھائي مفيد سبزي ۽ مفيد ميوو

    اصغر ساگر

    ٽماٽو واحد ميوو آھي جنھن کي سبزي ۽ ميوي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ ھر گهر جي زينت رھي ٿو. ٽماٽو ڪيترن ئي بيمارين کان محفوظ رکندو آهي. ماهرن مطابق روزانو 3 ٽماٽر کائڻ سان فالج ۽ ٻين بيمارين جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي. جڏهن تہ ٽماٽر جو باقائده استعمال چمڙي جي ڪينسر کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ٽماٽر ۾ لائسوپين ۽ اينٿوسائنس جو ڀرپور مقدار موجود هوندو آهي جيڪو نظر جي ڪمزوري، ڪينسر ۽ دماغي مرض جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
    ٽماٽي جي حوالي سان پوري دنيا ۾ تحقيق ۽ مطالعو ڪيو ويو ۽ ميڊيڪل سائنس ماڻهن کي ڪافي ڪجھ ٻڌائي چڪي آھي مگر اڃان گهڻي ڪجھ کان بي خبري رھي آھي. مطالعي مان صرف ھي آگاھي نٿي ملي تہ ٽماٽو ڪينسر ۽ دل جي مرضن کان بچائي ٿو پر ڪوليسٽرول کي بہ اعتدال ۾ رکي ٿو گڏوگڏ صحت تي مثبت اثر مرتب ڪري ٿو. ٽماٽي بابت روز ڪجھ نہ ڪجھ نئين معلومات ملي ٿي.
    ٽماٽي جي رس ۾ غذابخش جزا ٿين ٿا. ٽماٽا ڀلي مختلف ھجن پر اثر ۽ خواص ۾ ساڳا رھن ٿا. ٽماٽي جي پراڊڪٽ بنائڻ وقت ان کي گرمي مان گذاريو وڃي ٿو پر لائڪوپين ۾ کوٽ بجاء اڃان اضافو ٿي وڃي ٿو. ٽماٽي جا ڪيترائي فائدا آھن. ٽماٽي ۾ اھڙا مرڪب شامل آھن جيڪي ڪينسر ۔ دل جي مرضن ۔ موتيي ۔ ٿولھ ۽ ٻين مرضن ۾ مفيد ثابت ٿيا آھن پر انهن مرضن جي خلاف سخت مزاحمت ڪن ٿا ۽ جراثيمن جي افزائش کي روڪن ٿا. ابتدا ۾ ٽماٽي جي باري ۾ سمجهيو ويندو ھو تہ ھن جي استعمال سان دماغ تي بخار چڙھي ٿو ۽ ڪينسر جو شڪار ڪري ٿو. اڳئين دور ۾ ٽماٽي جي استعمال کي خطرناڪ سمجهيو ويندو ھيو پر پوء پتو پيو تہ اھڙي ڪابہ ڳالھ ناھي ۽ ٽماٽي جي باري ۾ ڪيل منفي ڳالھين ۾ ڪابہ صداقت ناھي.
    ٽماٽي ۾ وٽامن اي - وٽامن بي ۽ وٽامن سي وافر مقدار ۾ ٿئي ٿي. سڄي دنيا ۾ ھن کي سلاد طور کاڌو وڃي ٿو. ٽماٽي جا ٻہ قسم آھن.
    (1) ميداني
    (2) پھاڙي
    ميداني ٽماٽو گول ۽ پھاڙي ڊگهيرو ٿئي ٿو. سبزي ھجي يا گوشت ٽماٽو ھر ڀاڄي ۾ پوي ٿو جنھن سان ذائقو کڙي پوي ٿو. ھن جي جزن ۾ فولاد بہ آھي. ٽماٽي جو مزاج سرد تر آھي. ھي واحد سبزي آھي جنھن کي اڪيلو نہ پچايو ويندو آھي. ھن جي مٺي چٽڻي تيار ڪئي ويندي آھي جنھن کي ٽميٽو ساس چئبو آھي جيڪو ھر گهر ۽ ھوٽل جي زينت بنجي ٿو.
    ٽماٽي ۾ وٽامن سي جي ڀاري مقدار ٿئي ٿي. ھڪ انسان کي روزانو جنھن قدر ھي وٽامن کپي اھا 40 فيصد ٽماٽي مان حاصل ڪري سگهي ٿي. ان جي ذريعي وٽامن اي 15 فيصد ۔ پوٽاشيم 8 فيصد ۽ 7 فيصد آئرن عورتن کي فولاد ملي ٿو جڏھن تہ مردن کي ان مان 10 فيصد فولاد ملي ٿو.
    ويجهين تحقيقن ۾ ٽماٽي کي سپر فوڊز ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آھي.

    ٽماٽي جي تاريخ :-
    ٽماٽي جو آغاز پھرين جنوبي آمريڪا کان ٿيو جتي پھريون ڀيرو ان کي اڳايو ويو. اتان کان ھي ميڪسيڪو ۾ آيا ۽ ان کان پوء مغربي ملڪن ۾ پکڙبو ويو. نباتاتي سائنس مطابق ٽماٽو ھڪ ميوو آھي جڏھن تہ سڄي دنيا ۾ ھن کي سبزي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. دراصل قديم ايزٽڪ زبان ۾ ٽماٽيڌجو نالو ٽوماٽل آھي جنھن جي معنا آھي سڄيل ميوو
    ٽماٽي جي يورپ ۾ آمد بابت ڪئي نظريا پاتا وڃن ٿا جن مان ھڪ مقبول نظريي مطابق آمريڪا دريافت ڪرڻ واري سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس 1943 ع ۾ ٽماٽي کي اسپين آندو. اسپيني حڪومت جڏھن ڪيريبين ۔ فلپائن ۽ ايشيائي ملڪن تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ اتي پھچڻ تي وڏي عرصي تائين ٽماٽي کي عوامي مخالفت جو سامڻو ڪرڻو پيو.

    ٽماٽي کي زھريلي ڄاڻڻ جا تصور ۽ ڪورٽ جو فيصلو :-
    اڄ کان ٻہ صديون اڳ ٽماٽي کي مغربي ملڪن ۾ ڪوبہ ھٿ نہ وجهندو ھيو. انهن جي خيال مطابق ٽماٽو زھر آھي ۽ جيڪو کائيندو سو مرندو.
    1800ع تائين آمريڪا ۾ ٽماٽو استعمال نہ ڪيو ويندو ھيو.
    ويب سائيٽ ھسٽري چينل مطابق ٽماٽي جي باري ۾ افواھن ايترو زور ورتو جو ھڪ ڏينھن ماڻھن عدالت جو در کڙڪايو تہ ٽماٽي تي پابندي ھنئي وڃي. ھي 1820 جي ڳالھ آھي تہ برطانيہ جي ھڪ عدالت ۾ ٽماٽي جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ لاء مقدمي جي ٻڌڻي ٿي رھي ھئي. عدالت ۾ ڪرنل رابرٽ گيبون جونسن نالي شخص اھا ڳالھ مڃڻ لاء تيار نہ ھو تہ ٽماٽو زھريلي شي آھي. ھن ٽماٽي جي وڪالت واسطي 28 جون 1820 تي عدالت ۾ سڀن سامهون ٽماٽن جا ڍير لڳايا ۽ ڪافي ٽماٽا کائي ڏيکاريا.
    عدالت ۾ ھر شخص خوف خوف مان ھن جي موت جو انتظار ڪري رھيو ھو پر ھي سڀن جي سامهون ٽپي ڪڏي رھيو ھو. ڪافي وقت کان پوء بہ ھن کي ڪجھ بہ ٿيو. سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئجي رھيا ھئا.
    منظرنامو ڏسڻ کان پوء عدالت ٽماٽن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ قانوني طور تي ٽماٽي کي کائڻ جي شي قرار ڏنو. ان کان پوء رابرٽ گيبون جونسن آمريڪا 26 سيپٽمبر 1820 تي رابرٽ گيبون پنھنجي اباڻي شھر سليم ۾ سون ماڻھن آڏو ٽماٽن کائڻ جو مظاھرو ڪيو ۽ ٽماٽن جي پوري ٽوڪري کائي ويو. ماڻھو انهي انتظار ۾ ھئا اجهو ٿو مري پر ھن کي ڪجھ بہ ڪونہ ٿيو.
    جڏھن ھڪ وار ثابت ٿي ويو تہ ٽماٽو زھريلو ناھي مغربي دنيا ۾ ھن جو استعمال شروع ٿي ويو ۽ ٽماٽو مقبول ترين غذائن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

    ٽماٽو سبزي يا ميوو :-
    ٽماٽو 10 مارچ 1983 تائين پوري دنيا ۾ ميوو سمجهيو ويندو ھيو. سپريم ڪورٽ جو ھڪ حڪم جاري ٿيو ۽ ٽماٽو پوري دنيا ۾ سبزي ٿي ويو. ھن دلچسپ ڪيس جو پسمنظر ھن ريت آھي تہ 1983ع ۾ آمريڪن ڪانگريس ھڪ ٽريف جاري ڪيو. ان ايڪٽ تحت حڪومت آمريڪا درآمد ٿيڻ وارين سبزين تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي ڇڏي. ان وقت جان ڊبليو نڪس نالي ھڪ تاجر ليٽن سبزيون ۽ ميوا درآمد ڪندو ھيو.
    ھو ٽماٽا بہ گهرائيندو ھيو. ھڪ ڏينھن ڪنھن ڳالھ تي ھن جو نيويارڪ پورٽ تي ٽيڪس ڪليڪٽر ايڊورڊ ھڊن سان جهڳڙو ٿي پيو. ھڊن انتقامي طور تي ٽماٽي کي سبزي قرار ڏنو ۽ ٽماٽي تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي ھڻي ڇڏي. نڪس ھڊن جي خلاف عدالت ۾ دعوا دائر ڪئي. نڪس جو ڪيس تقريبن 10 سالن تائين ننڍين عدالتن ۾ ھلندو رھيو. 24 اپريل 1984ع تي ھي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ پھتو. ان وقت مل ويل فولر آمريڪي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ھيو. چيف جسٽس جان نڪس ۽ ايڊورڊ ھڊن کي طلب ڪري ورتو.
    ايڊورڊ ھڊن کان پڇيو ويو ”تون ٻڌاء تون ڪھڙي نموني ٽماٽي کي سبزي چئي رھيو آھين“.
    ھڊن جواب ڏنو
    ”جناب عالي ٽماٽر سبزين ۾ پيدا ٿئي ٿو“.
    جان نڪسن کان پڇيو ويو ۽ تون ھن کي ميوو ڇو چئي رھيو آھين.
    جان نڪسن سڄي عدالت ۾ تمام ڊڪشنرين ۽ انسائيڪلو پيڊيا جا ڍير لڳائي ڇڏيا جن ۾ ٽماٽي کي ميوو قرار ڏنو ويو ھو. جان نڪسن نباتاتي رپورٽ بہ پيش ڪئي.
    عدالت دلچسپ ڪيس ٻڌايو ۽ آخر ۾ ٽماٽي کي سبزي قرار ڏنو. ھن ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ٽريف ايڪٽ 1983 جي پوري پوري وڪالت ڪئي پر عدالت ٽماٽي کي ميوي جي جڳھ بدران سبزي جي حيثيت ڏني. اڄ ٽماٽو نباتاتي يا سائنسي لحاظ کان ميوو آھي پر اڄ پوري دنيا ۾ سبزي سڏيو وڃي ٿو. پر ڇو؟
    ڇوجو سپريم عدالت ان کي سبزي قرار ڏنو.

    ٽماٽي ۾ وٽامن سی، وٽامن ڪي، آئرن، پوٽاشیم ۽ ٻيا ڪيترا جز موجود آھن، ھتي ھنجا ڪجھ فائدا بيان ڪجن ٿا.

    لائڪوپین :-
    ٽماٽي ۾ ھڪ اینٽي آڪسیڊنٽ لائیڪوپین موجود ٿئي ٿو جو جلد کي سرخ و سفید رکڻ ۾ ئي مدد نہ ٿو ڪري پر ڪولیسٽرول جي سطح ۾ ڪمي، بینائي ۾ بھتري اور جلدي صحت جي لاءِ فائديمند ٿئي ٿو۔

    پوڙھائپ دور ڪندڙ :-
    روزانو ۽ ھڪ صوف يا ٽماٽو استعمال ڪرڻ پوڙھائپ جي اثرن کي روڪي ٿو. ھي ڳالھ آمريڪا ۾ ٿيڻ واري نئين طبي تحقيق ۾ اڳيان آئي آھي. آئيووا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ صوف جي کل ۽ ٽماٽي ۾ ھڪ اھڙو ڪيميائي مادو دريافت ڪيو ويو آھي جيڪو عمر وڌڻ جي اثرن کي روڪي ٿو گڏوگڏ پٺاڙن ۾ اچڻ واري تنزلي جي روڪ ڪري ٿو. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ عمر وڌڻ سان گڏ لائڪوپين جي کوٽ جي ڪري پٺاڙن ۽ مشڪن ۾ ڪمزوري اچڻ شروع ٿي وڃي ٿي جنھن جي وجھ جينن ۾ اچڻ واري تبديلي ٿئي ٿي ان ڪري ٻن مھينن تائين صوف يا ٽماٽي جو استعمال ان جي روڪ ڪري ٿو. ٻنهي جا اثر پوڙھائپ کي اچڻ کان روڪن ٿا. ان حوالي سان ڪوئن تي ٿيڻ وارن تجربن ۾ عمر وڌڻ سان پٺاڙن جي ڪمزوري ۽ ناڪاراپن ۾ ڊرامائي تبديلي ڏسڻ ۾ آئي. صرف ٻن مھينن ۾ جي نشونما ۾ 10 سيڪڙو ۽ طاقت ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. ھي تحقيق طبي جريدي جنرل آف بايولاجيڪل ڪيمسٽري ۾ شايع ٿي.

    ٽماٽو بطور مشروب :-
    ٽماٽي کي هر کاڌي ۾ استعمال ضروري سمجهيو ويندو آهي. هڪ تازي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ٿڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ انرجي ڊرنڪس (توانائي وارا مشروب) جي ڀيٽ ۾ ٽماٽي جو جوس وڌيڪ فائدي وارو آهي. اهو ڪينسر ۽ دل جي بيمارين کان بہ ڪنهن حد تائين بچائي ٿو. تحقيق مان خبر پئي آھي تہ ٽماٽي ۾ موجود لائڪوپين مردن ۽ عورتن جي ڪينسر جي خطري کي گهٽ ڪري ٿي. لائڪوپين معدي ۽ آنڊي جي ڪينسر کان بہ بچائي ٿو. لائڪوپين ڪينسر جي گهرڙن جي افزائش کي روڪي ٿو. مزي جي ڳالھ تہ ڪچي ٽماٽي جي مقابلي ۾ پڪل ٽماٽي ۾ وڌيڪ لائڪوپين موجود ھوندي آھي ان ڪري ٽماٽي جو جوس پيئڻ کپي. ٻن مهينن تائين لاڳيتو هي جوس پيئڻ سان جسم ۾ پروٽين جي کوٽ بہ ختم ٿي سگهي ٿي.
    ٽماٽي جو رس طاقت ۽ توانائي ڏئي ٿو ان ڪري ئي ٽماٽي کي Energy drinks توانائي وارن مشروبن ۾ شمار ڪيو ويو آھي. ٽماٽي جو رس الٽي ۔قئي ۽ آت جي ڪيفيت کان نجات ڏئي ٿو

    ٿولھ ختم ڪندڙ :-
    ٽماٽي جو رس ٿولھ ڳارڻ ۽ ڪينسر جي خلاف مدافعت وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. تائيوان يونيورسٽي جي صحت جي ماھرن طرفان ڪيل تحقيق مطابق ٽماٽي جو رس اضافي چرٻي ڳاري ٿو. تحقيق ۾ زيادھ وزن وارين عورتن کي روزانو 250 ملي لٽر ٽماٽي جو رس 2 مھينن تائين پياريو ويو. نتيجا تعجب خيز ھيا جو انهن عورتن جو وزن گهٽجي ويو. تحقيق جي آغاز ۽ اختتام تي انهن عورتن جي رت جا نمونا ورتا ويا ۽ ھي ڳالھ سامهون آئي تہ انهن جي ڪوليسٽرول جي سطح گهٽجي وئي ۽ رت ۾ ھڪ مادو لائڪوپين وڌيو جيڪو ڪينسر جي خلاف مزاحمت وڌائي ٿو.

    ھڏين جي افزائش ۽ مرمت ڪندڙ :-
    ٽماٽي ۾ وٽامن ڪي ۽ ڪيلشم خاصي مقدار ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي ھڏين ۽ ھڏين جي ٽشوز لاء اھم آھن. ٽماٽي ۾ موجود وٽامن اي ڏندن ۔ چمڙي ۔ وارن ۽ ھڏين لاء مفيد آھي. وٽامن اي ھڏين جي افزائش ۽ مرمت ڪري ٿي. جيڪڏھن ڪنھن جو حادثو ٿي پوي يا ڪنھن جي ھڏي ٽٽي پوي تہ ان کي ٽماٽي جو رس پيارجي تہ ان جا ھڏا جلدي مڙي ويندا ۽ مريض جلدي صحتياب ٿي ويندا.

    قبضي ختم ڪندڙ :-
    ٽماٽو وٽامن سي ۽ اي سان ڀريل هوندو آهي جيڪو قبضي ختم ڪرڻ لاءِ بهتر آهي ان ۾ شامل جزا جسم کي روزانو گهربل فائبر جو 10سيڪڙو حصو فراهم ڪندا آهن.

    ڦڦڙن کي طاقت ڏيندڙ :-
    آمريڪا ۾ ٿيل ھڪ تحقيق مطابق ٽماٽو ڦڦڙن لاء انتھائي مفيد آھي. تماڪ نوشي جي ڪري ڦڦڙن کي پھتل نقصان کي صرف ٽماٽو کائي دور ڪري سگهجي ٿو.
    یورپین ریسپائریٽري جرنل ۾ شايع تحقیق مطابق آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ ھاپڪنز يونيورسٽي چيو آھي تہ ٽماٽرن جو استعمال نہ صرف ڦڦڙن کي تندرست ڪري ٿو پر سگريٽ نوشي جي ڪري پھتل نقصانن جي ڪافي حد تائين تلافي ڪري ڦڦڙن جي فعل کي بھتر بنائي ٿو.
    ماھرن مطابق ٽماٽر جو مسلسل استعمال ڦڦڙن لاء بيحد مفيد آھي.
    يونيورسٽي جي ماھرن 650 بالغ ماڻھن جو جائزو ورتو ۽ ان دوران انهن جي غذا ۽ انهن جي صحت کي پھرين نوٽ ڪيو ويو. ان کان پوء 10 سالن بعد ٻيھر انهن ماڻهن سان رابطو ڪري ان جو معائنو ڪيو ۽ ۽ سوال پڇيا.
    انهن ۾ جرمني ناروي ۽ برطانيہ سان تعلق رکندڙ ماڻھو شامل ھيا. انهن ماڻهن جي غذائي عادت ۽ انهن جي ڦڦڙن ۾ آڪسيجن جذب ڪرڻ واري صلاحيت کي ماپيو ويو. ان کان سواء انهن ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ڪيفيت - عمر - جنس - قد - ورزش ۽ ڪيلرين جي مقدار کي بہ نوٽ ڪيو ويو.
    سروي مطابق سگريٽ نوشي ترڪ ڪندڙن جن روز ٻن کان وڌيڪ ٽماٽر کاڌا انهن جا ڦڦڙ انهن ماڻهن کان بھتر ھيا جن گهٽ ٽماٽا کاڌا. ٽماٽر کائيندڙن جا ڦڦڙ ڪارڪردگي سان گڏ بھتر ٿيندا ويا. ماھرن جو خيال آھي تہ ٽماٽر سبزي ھجڻ سان گڏ ميوو آھي جيڪو ساھ جي نالي ۽ ڦڦڙن کي فائدو ڏئي ٿو ۽ کين صاف ڪري ٿو.
    ھن مطالعي جي مرڪزي ڊاڪٽر وينسيا گارشيا لارسن جو چوڻ آھي تہ ٽماٽو ڦڦڙن جي مرمت ڪري ٿو جيڪا تمام مثبت ڳالھ آھي.
    ماھرن مطابق ڦڦڙي بيمارين ۽ سي او پي ڊي جي روڪڻ لاء ٽماٽو بھترين ڪردار ادا ڪري ٿو.

    ڪينسر ختم ڪندڙ :-
    ڪينسر خاص ڪري غدودن جو ڪينسر ۔ رحم جو ڪينسر ۔ آنڊن جو ڪينسر ۔ پيٽ جو ڪينسر ۔ غذائي نالي جو ڪينسر ۔ عورتن جي چمڙي جو ڪينسر ۔ آنڊن جو ڪينسر سڀن ڪينسرن کي روڪڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ ۾ ٽماٽي ۾ موجود Lycopene وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو ھڪ طاقتور دافع تڪسيد جز Antioxident آھي. لائڪوپين ڪينسر جي گهرڙي کي بنجڻ کان روڪي ٿو ۔ پھرين کان موجود ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪري ٿو ۽ پوء بعد ۾ پيدا ٿيندڙ ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪري ٿو. انساني جسم ۾ موجود آزاد تڪسيد جز Free radicals لائڪوپين سان گڏ خارج ٿيندا رھن ٿا جيڪي گهرڙن لاء نقصانڪار آھن ۽ گهرڙن کي ڀڃ ڊاھ جو شڪار ڪن ٿا.
    ٽماٽي ۾ جا ڳاڙھاڻ ٿيندي آھي ان کي لائڪوپين سڏبو آھي ۽ آزاد تڪسيدي گهرڙن Free radical cells کي غيرجانبر ڪري ٿو جيڪي انساني گهرڙن کي نقصان پھچائين ٿا.
    ھاڻي ھاڻي حال ۾ مطالعي مان پتو پيو آھي تہ ھڪ ڄاتل سڃاتل بيٽا ڪروٽين Beta carotene جي مقابلي ۾ لائڪوپين ٻيڻي طاقت رکي ٿو. ھارورڊ يونيورسٽي جي تحقيق مطابق جو شخص 10 ٽماٽا ڏينھن ۾ کائي ٿو ان شخص ۾ 45 سيڪڙو ڪينسر جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا.
    ھڪ تحقيق مان پتو پيو آھي تہ جيڪو شخص روزانو ٽماٽو سلاد طور استعمال ڪري ٿو ان مان 60 سيڪڙو ڪينسر جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. اسرائيلي تحقيقڪارن مطابق لائڪوپين ڦڦڙن ۔ ڇاتي ۽ رحم جي ڪينسر جي خلاف سخت مزاحمت ڪري ٿو ۽ لائڪوپين جي ڪري وڏي عمر ماڻي سگهجي ٿي.
    جيڪڏھن ڪو ماڻهو ٽماٽي جو جوس روز پيئندو رھي تہ اھو ماڻھو سڄي زندگي صحتمند رھي سگهي ٿو.
    اڪثر ڪري ٻين ميون ۽ سبزين ۾ ضروري صحت بخش جزا ٿين ٿا مگر لائڪوپين جي معاملي ۾ جنھن قدر ٽماٽو مالامال آھي ٻيو ڪوبہ ناھي.

    دل ۔ دماغ ۽ ھڏين لاء مفيد :-
    ٽماٽي ۾ وٽامن ڪي ۽ ڪيلشم خاصي مقدار ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي ھڏين ۽ ھڏين جي ٽشوز لاء اھم آھن. ٽماٽر ۾ پوٽيشم جي موجودگي دماغ کي تيز ڪري ٿي. ٽماٽي جو جوس پيئڻ سان جسم کي وڏي تعداد ۾ ڪيلشم ۽ وٽامن ملي ٿي جيڪا ھڏين کي بھتر انداز ۾ مرمت ڪري ٿي ۽ ھڏين کي بيمارين کان بچائي ٿي.

    دائمي بيمارين کي ختم ڪندڙ :-
    ڪروميم جي موجودگي جي ڪري ٽماٽر شگر کي ڪنھن حد تائين درست ڪري ٿو ۽ انسولين جي خلاف مزاحمت ڪري ٿو. رموٽائيڊ آرٿرائٽس جي بيماري ۾ ٽماٽر جي استعمال سان سنڌن ۽ پٺاڙن جي درد کي آرام ملي ٿو.

    تماڪ نوشي مان ڦڦڙن کي پھچندڙ نقصان جو ازالو ڪندڙ :-
    جيڪڏھن 2 ٽماٽا روز کائجن تہ تماڪ نوشي کان جان ڇڏائي سگهجي ٿي. ڦڦڙن کي تماڪ نوشي جي ڪري جيڪو نقصان ٿئي ٿو روز ٻن ٽماٽن جي کائڻ سان ڦڦڙن کي تازو توانو ڪري سگهجي ٿو. تحقيق ۾ سائنسدانن چيو آھي جيترو ڦڦڙن کي ٻين ميون مان فائدو ٿئي ٿو اوترو ٻن ٽماٽن کائڻ سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    آمريڪي رياست ميري لينڊ جي شھر بالٽي مور ۾ قائم جانز ھاپڪنز يونيورسٽي جي صحت جي شعبي سان تعلق رکندڙ محقق مصنف وينسيا گارسيڪا لارسين مطابق ٽماٽو تماڪ نوشي مان پھچندڙ ڦڦڙن جي نقصان کي ختم ڪري سگهي ٿو بشرطيڪ تماڪ نوشي کي مڪمل طور تي ڇڏيو وڃي.

    ٻارن جا ھٿ ڦرڻ :-
    جيڪڏھن ٻارن جا ھٿ پير ڦري وڃن تہ ٽماٽي جو رس لڳاتار پيارڻ سان جلدي آرام اچي وڃي ٿو.

    سائي کي فائديمند :-
    ٽماٽو مزاج ۾ سرد تر آھي ان ڪري جيري جي گرمي ختم ڪري ٿو - صفرا کي خارج ڪري ٿو ۽ جسم ۾ رت پيدا ڪري ٿو. رت جي ڪمي - سائي - بڪين جي سوڄ - شڳر ۽ ٿولھ ۾ روز نيرانو ڳاڙھو ٽماٽو کائجي.

    گرمي ختم ڪندڙ :-
    ٽماٽو گرمين جي موسم ۾ گرمي ۽ گرمي پد ختم ڪري ٿو ۽ جسم جي خشڪي کي دور ڪري ٿو ان ڪري ھن کي سلاد ۽ شربت طور استعمال ڪيو وڃي.

    ٻارن جا ڏند مضبوط ڪندڙ :-
    ٽماٽي ۾ وٽامن ڪي ۽ ڪيلشم خاصي مقدار ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي ھڏين ۽ ھڏين جي ٽشوز لاء اھم آھن. ٽماٽي ۾ موجود وٽامن اي ڏندن ۔ چمڙي ۽ ھڏين لاء مفيد آھي. ٽماٽي جي رس ۾ اھي تمام جزا پاتا وڃن ٿا جيڪي ٻار جي پرورش لاء ضروري آھن ان ڪري ٻارن کي ٽماٽي جو رس روز پياريو وڃي. تازن ڄميل ٻارن جا ڏند جلدي ڦٽي ايندا - ڏند مضبوط ٿيندا ۽ ٻارن ۾ قوت مدافعت وڌندي.

    ھميشہ صحتمند رھڻ لاء :-
    ھميشہ صحتمند رھڻ لاء ضروري آھي تہ منجهند جي کاڌي سان گڏ مولي ۔ چقو ۔ بصر ۽ ٽماٽي جو ضرور استعمال ڪجي. ائين ڪرڻ سان بک لڳندي ۔ کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۔ ھاضمو صحيح رھندو ۔ صحت ٺيڪ ٺاڪ رھندي ۽ توانائي ملندي.

    نظر درست رکندڙ :-
    ٽماٽي ۾ موجود وٽامن اي نظر کي درست رکڻ ۾ مددگار آھي.

    رت جي داٻ کي معتدل رکندڙ :-
    ٽماٽي۾ موجود وٽامن بي رت جي داٻ ۽ ڪوليسٽرول کي متوازن رکڻ ۾ مفيد آھي. ان کان علاوه فالج ۽ دل جي دوري کان بچائي ٿو.

    چھري کي رونق بخشيندڙ :-
    ٽماٽر چمڙي جي حفاظت ڪري ٿو. ھن ۾ موجود لائڪوپين مادو چمڙي کي تازو رکي ٿو. ٽماٽي کي ڪٽي منھن تي ھڻڻ سان مھن جي چمڙي جا مئل گهرڙا پيشاني تان لھي وڃن ٿا ۽ تازا گهرڙا منھن کي رونق بخشين ٿا.

    وارن جي سفيدي روڪيندڙ :-
    ٽماٽي ۾ موجود وٽامن اي وارن کي مضبوط ۽ چمڪدار رکي ٿي. ٽماٽي ۾ لائڪوپين مادو وارن جي گهرڙي ميلان Melanin کي طاقت بخشي ٿو ۽ وارن کي سفيد ٿيڻ کان روڪي ٿو.

    دل جو دورو ۽ تيز ڌڙڪو ختم ڪندڙ :-
    ٽماٽي ۾ موجود وٽامن اي ۔ وٽامن بي ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن ڪي دل لاء مفيد آھي. روزانو 50 گرام ٽماٽي جو رس پيئڻ سان دل جي بيمارين دل جي دوري ۽ دل جي تيز ڌڙڪي کان بچي سگهجي ٿو.

    چمڙي لاء مفيد :-
    روزانو ناشتي ۾ ٽماٽو کائڻ جلد جي لاءِ مفید آھي. امریڪي سائنسدانن ٽماٽي کي جلد، چھري ۽ وارن جي لاءِ تمام مفید قرار ڏنو ويو آھي ڇوتہ ھن ۾ ڪیروٽین، لیوٽین اور لائیڪوپین جھڙا جز موجود ٿين ٿا۔ لائیڪوپین سج جي مضر شعاعن کان جلد کي بچائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو۔
    ٽماٽو صرف غذائي جزن سان ڀرپور ناھي پر چمڙي کي نکيڙيندڙ آھي. پوٽاشيم ۔ وٽامن سي وغيرھ مئل چمڙي کي تبديل ڪري ان کي جڳمڳائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو جڏھن تہ ان ۾ موجود دافع تڪسيدي جز لائڪوپين جسم ۾ گردش ڪندڙ زھريلي جزن سان وڙھي انهن کي جسم مان خارج ڪري ٿو. اھڙي طرح سج کان پھچندڙ چمڙي کي نقصانن کان بچائي ٿو ۽ چمڙي جي ڪينسر کان محفوظ رکي ٿو.

    پيٽ وارين عورتن لاء :-
    جيڪڏھن ڪنھن عورت کي قي ۔ الٽي يا آت اچن تہ صبح جو پڪل ٽماٽي جو رس پيئڻ کپي فائدو ٿيندو ۽ معدو غذا کي بھتر نموني ھضم ڪندو. پيٽ واري ماء جي ٽماٽي جيرس پيئڻ سان پيٽ ۾ ٻار يا ڄاول ٻار کي بہ فائدو پھچي ٿو ان ڪري پيٽ وارين عورتن کي بہ ٽماٽي جو رس استعمال ڪرڻ کپي.

    ڏندن مان گند يا رت اچڻ لاء :-
    وٽامن سي جي کوٽ جي ڪري ڏندن ۾ خرابي ٿئي ٿي ۽ بڊن ۾ گند اچي ٿو. جيڪڏھن ڏينھن ۾ ٽي بار ڳاڙھي ٽماٽي جو رس آنو پيتو وڃي تہ ڏند صحتمند ٿي وڃن ٿا. ان سان گڏ جيڪڏھن تنتي سرشتي ۾ خرابي ۽ خون جي بيماري لاحق ھجي تہ ڏينھن ۾ ٽماٽي جو رس 2 تولا 3 دفعا پيئجي.

    رت جي دٻاء کان بچاءُ :-
    روز جي غذا ۾ ٽماٽي کي شامل ڪري ھاءِ بلڊ پریشر جھڙي خاموش قاتل مرض کان بچي سگهجي ٿو جنھن جي وجھ ان ۾ موجود پوٽاشم آھي۔ غذا ۾ مناسب مقدار ۾ پوٽاشم چھري کي سوڄ کان بہ بچائي ٿي۔

    احتياط :-
    - ٽماٽو بادي ۽ بلغم پيدا ڪري ٿو.

    - ٽي بي ۽ تپ دق جي مريضن لاء ٽماٽو فائديمند ناھي.

    - جن جو سينو ۽ ڳلو خراب رھي ٿو انهن کي ٽماٽو استعمال نہ ڪرڻ کپي.

    - گردي جي پٿري وارا ٽماٽو استعمال نہ ڪن.

    - جن کي زڪام رھي ٿو اھي ٽماٽو استعمال نہ ڪن.

    - ڪچي ٽماٽي کائڻ جي صورت ۾ ڪجھ دير کان پوء پاڻي پيئڻ گهرجي ڇوجو ان ۾ موجود تيزابي مادا معدي ۾ بنا پاڻي پيئڻ جي پنھنجو ڪم بخير خوبي سان ڪري سگهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو