سنڌي شاعري جو ڪجهه حصو بين الاقوامي معيار تي پورو لهي ٿو: انٽرويو وسيم سومرو

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ جي هڪ بهترين شاعر وسيم سومرو جوسنڌ ايڪسپريس لاءِ ڪيل انٽرويو

    سنڌي شاعري جو ڪجهه حصو بين الاقوامي معيار تي پورو لهي ٿو: وسيم سومرو


    ڳاله ٻوله: بخش علي جمالي

    سنڌ جي خوبصورت شاعر وسيم سومرو جنهن جو اصل نالو محمد خان آهي ۽ سندس والد محمد حسن هو، جيڪو ڪرت جي اعتبار سان ڌوٻي هو، جن لاءِ شاهه سائين فرمايو آهي ته، "ڌوٻي من جا نه ميرا، سڪ جو گهاٽ وسائين" ڌوٻي گهاٽ جي ماحول سان وسيم سومري جي ننڍپڻ جو تعلق رهيو آهي، وسيم سومرو 16 نومبر 1963ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ هندوستان کان هجرت ڪري آيل جهلاين جي ڪالوني ۾ جنم ورتو، ٻاروتڻ جا ڪي عڪس سندس ذهن ۾ اڄ به زندهه آهن، مزدورن جي ڪوارٽر ۾ جنم وٺندڙ وسيم کي سخت حالتون نوابشاهه کڻي آيون، جتي وسيم سومري پرائمري کان هائير تعليم جون منزلون مڪمل ڪيون. جڏهن نوابشاهه جو ذڪر اچي ٿو ته، ڪيترائي مهان ماڻهو ذهن تي تري اچن ٿا، جن نوابشاهه کي سڃاڻپ به ڏني ته، ڪي وري نوابشاهه جي سڃاڻپ جا محتاج رهيا، انهن مهان ماڻهن ۾ سائين ايڇ ايم خواجه، کاٻي ڌر جي هاري اڳواڻن قاضي فيض محمد، ماڻڪ سنڌي، سيد رشيد احمد شاهه، شعيب حميدي، شهمير خان ڀنگوار کان ويندي قومپرست شاگرد اڳواڻن مرحوم عزيز ڀنگوار، اسماعيل وساڻ سان گڏ، راڳ جي راڻي زيب انشاء، گهڙي نواز مٺا خان زرداري، الغوزي نواز مرحوم مصري خان جمالي ۽ استاد انور حسين وسطڙو جو هن ئي شهر ۽ ضلعي سان تعلق آهي. شاعرن ۾ مرحوم ضياء خياروي ۽ عبدالحڪيم ارشد لکمير جو اگر ذڪر نه ڪجي ته، نوابشاهه جي تاريخ اڌوري رهجي ويندي ۽ وسيم سومرو انهن ئي شخصيتن جو تسلسل آهي، ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هو ٻڌائي ٿو ته پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ والدين طرفان وڌيڪ پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ پوءِ مون غريب آباد ۾ غاليچن جي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم شروع ڪيو، غاليچن جي ڪم دوران ئي مون پنهنجي پڙهائي کي اڳتي وڌايو ۽ ڪجهه لکڻ جو ڪم پڻ شروع ڪيو، منهنجي لکڻين جي پروڙ پوڻ تي علي نواز ڦل مون کي سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه ۾ وٺي آيو، جتي هن سينئر ليکڪن حامد علي خانائي، بردي سنڌي، منظور قريشي، الهاج رحيم بخش قمر، پير ضياء خياروي، بشير ٻگهيو، مير عبدالرسول مير، اصغر خاصخيلي ۽ منهنجو محسن استاد عبدالحڪيم ارشد سان ملاقات ٿي، جن جي پيار ۽ سکيا کيس اعتماد سان اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو. وسيم سومرو ٻڌائي ٿو ته سڪرنڊ ۾ هن جي ڀيڻ جي شادي ٿي، ڪجهه عرصو ڀيڻ وٽ رهڻ دوران کيس سنڌ جي برک اديبن خاڪي جويي، مير محمد پيرزادي ۽ تاج جويي جي رهبري ملي، جن منهنجي آڱر پڪڙي سنڌ جي ادبي منظرنامي ۾ منهنجو نالو روشناس ڪرايو. قدرتي حسين منظرن کي سٽن ۾ سمائيندڙ تخليقڪار وسيم سومرو ٻڌائي ٿو ته، شاعري ۾ منهنجي شروعات وائي سان ٿي، پر هڪ نظم "لڙڪن جو ڏاج" ڪچڙي وهيء ۾ وڏي مڃتا ڏياري. "لڙڪن جو ڏاج" مون پنهنجي ڀيڻ جي بيجوڙ شادي تي لکيو ۽ اها وڏي هڪ درد ڪٿا هئي، هو ٻڌائي ٿو ته معاشي بدحالي ڪري سندس تعليمي سفر ڪجهه عرصي لاءِ رڪجي ويو پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجو سفر جاري رکيو. هو چوي ٿو ته، ننڍپڻ ۾ غربت جي ڪارڻ نانگن سان وڙهڻ جو حوصلو پيدا ڪيم ۽ اڳتي هلي مون ٻيهر پنهنجي تعليمي سرگرميون شروع ڪيون، ننڍپڻ ۾ ميداني رانديون ته ڪو نه ڪيون، بلڪه گهر ۾ بچيل وقت دوران پنهنجي هم عمر ڀيڻ روما سان گڏين واري راند ۽ گهٽيءَ ۾ ڇوڪرين سان پڪلي راند کيڏندو هئس، هتي به مون کي گڏين جي راند رنگن جي دنيا سان گڏ تصور جي دنيا ٺاهڻ جي وندر مان گذرڻو پيو، رات جو اڪثر پنهنجي وڏي ڀاڄائي سان ڀيڻ روما جي همراهه اوڙي پاڙي ۾ شادي جي ڪاڄن ۾ وڃڻ جو شوق رهندو هو، عورتن جي اسرار تي ڀيڻ سان گڏجي نه رڳو ڳيچ ڳايا، بلڪه پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي نچڻ جو شوق به پورو ڪيم، ايئن ئي هاڻ رنگن ۽ تصورن سان گڏ سُرن سان به لازوال رشتو جڙي پيو، ان احساس جي خوشبوءِ جڏهن شهر جي اسٽيج اداڪار حسين ٻگهيو تائين پهتي ته، هو کيس نوابشاهه جي پريت آرٽ سرڪل ۾ وٺي ويو، جتي هن کي رنگ ڀومي تي ويس ڌاري پرفارم ڪرڻ جو شاندار موقعو مليو، اڪثر هو هڪ نوخيز ڇوڪري جو روپ ڌاري پنهنجي اداڪاري سان ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. اسٽيج جي دنيا ۾ ايس ڀٽي، افضل ڀنڀرو ۽ جان جمالي هن جا سونها ٿيا، جڏهن ته، ساهتي دنيا ۾ هن جو چوڻ آهي ته سائين عبدالحڪيم ارشد، خاڪي جويو، مير محمد پيرزادو ۽ تاج جويو نه رڳو منهنجي لاءِ چار ادبي سونها آهن پر مون لاءِ ادب جون چار روشن ڏسائون به آهن، ايئن هي سڀ لقاءَ گڏجي هن جي هڪ سريلي شاعر بڻجڻ جو جواز بنيا هئا. اڃان ويهن سالن جو ڳڀرو هئس ته، قيد کان اڳ قيدي ٿي ويس، يعني 1983ع ۾ منهنجي شادي ٿي وئي، جيئن ته، منهنجي شادي سانگهڙ ضلعي جي هڪ ٻهراڙي واري ڳوٺ مان ٿي ۽ شهر جي دونهي واري زندگي مان نڪري ڳوٺ جي سرسبز زندگي سان سلهاڙجي ويس. هو چوي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعري ۾ شهر جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي جا حسين رنگ وڌيڪ آهن، وسيم سومري لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي ساڳي مهارت سان شاعري ڪئي آهي، هن جي ڇپيل مجوعن ۾ "ياد جي نيري ندي" گڏيل شاعري "دل جون لهرون"، "صرف غزل"، "پاڻي" طويل هائيڪو نظم ۽ "سچ جي چاندني" ڪتاب شامل آهن. جڏهن ته سندس هڪ مجموعو "رنگن جا اوجاڳا" عرصہ دراز کان شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. وسيم سومرو شاعر هجڻ سان گڏ سهڻو نثر نويس پڻ آهي. ان ڏس ۾ هن جي مضمونن کي جمع ڪبو ته هڪ ڪتاب ٿي ويندو. وسيم سومرو سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ اڄ ڪلهه هو شهر جي ايڇ ايم هاءِ اسڪول ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.
    وسيم سومري کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي شاعري عالمي معيار تي پورو لهي ٿي، جنهن جي جواب ۾ هو ٻڌائي ٿو ته هر دور ۾ گهڻي نه پر شاعري جو ڪجهه حصو هوندو آهي، جيڪو معيار جي لحاظ سان بين الاقوامي معيار تي لهندو آهي، پر گهڻي ڀاڱي شاعري رڳو مشق جي دائري جي شاعري آهي. آمريڪي شاعر ازرا پائونڊ چيو هو ته "هر دور جي شاعري هوندي آهي، ان ۾ معياري سان گڏ مقداري شاعري به هوندي آهي"، نئين شاعري جو اسرڻ تمام گهڻو ضروري آهي". هن کان پڇيو ويو ته شاعري جا ڪتاب ٻين مختلف موضوعن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وڪرو ٿي رهيا آهن، جنهن تي هو ڪجهه ڪجهه ياد ڪندي ٻڌائي ٿو ته اوهان جي سوال تان مون کي ياد اچي ٿو ته مان ڪراچي ۾ هڪ مڊل ڪلاس جي اسٽيبل خوبصورت گهر ۾ ويٺو هئس، ڪمري جي چوڌاري ڏٺو ته، مختلف تصويرون ته لڳل هيون، پر ڪٿي به ڪو بڪ شيلف نه هئي، اتفاق سان ميزبان مون کان سوال ڪيو ته سنڌي ڪتاب ڇو نه ٿا وڪرو ٿين؟ مون کيس مرڪندي جواب ڏنو ته اوهان وٽ سنڌي اخبار ايندي آهي؟، ڇا هن پوري چيپل سٽي ۾ سوين اهڙا سنڌي رهن ٿا، جن جون پگهارون ته لکن تائين آهن، اهي مهيني جي بجيٽ ۾ ڇا اوهان وانگر سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ڪجهه پئسا رکن ٿا؟. دراصل، مان سنڌي سماج جي شهر ۾ رهندڙ مڊل ڪلاس کي ان معاملي ۾ ڏوهي قرار ڏيان ٿو ته، اهي به پاڻ نه سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون خريد ڪن ٿا، نه وري پنهنجي اولاد کي نئين ادب ڏانهن لاڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ٻئي پاسي مان سنڌ جي انهن سجاڳ تحريڪ جي اڳواڻن کي به ڏوهي قرار ڏيان ٿو، جن دنيا يونيپولر ٿيڻ بعد قومي ۽ بين الاقوامي ادب پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري اهي پنهنجي ڪارڪنن کي به ادب پڙهڻ جي تلقين نه ٿا ڪن. ٽئين پاسي سنڌ جو باشعور لکندڙ ڪلاس به ڏوهي آهي، جيڪو هزارن جي تعداد ۾ آهي، پر اهو ادب پڙهڻ کان هزارين ڪوهه پري آهي. جنهن ۾ توهان جي اڳئين سوال جو جواب مضمر آهي. وسيم سومري کان سوال ڪيو ويو ته اڳ جي ڀيٽ اڄڪلهه مشاعرا گهٽ ٿي رهيا آهن، جنهن تي هو ٻڌائي ٿو ته سماج تبديل ٿين ٿا، سماج ۾ اظهار جا ذريعا بہ بدلجن ٿا، اسان اڄ جنهن سماج جي ڏاڪي تي بيٺا آهيون، ان ۾ ڪتاب، گڏجاڻين ۽ مشاعري جي ويهڪن کان وڌيڪ سوشل ميڊيا/فيس بڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان ڪري مشاعرا گهٽجي ويا آهن، پر اها ڳالهه اسان کي وري به ياد رکڻ کپي ته فيس بڪ جي ذريعي ڪتابن تائين رسائي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان ٿي وئي آهي. پر اسان آڱر جي ڪلڪ سان ڏنل ڪتاب کولڻ کان معذور آهيون، باقي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ منهنجي به خواهش آهي ته، مشاعرا ٿيڻ گهرجن ۽ ان سلسلي ۾ ثقافت جي نالي ۾ سنڌي ۾ جيڪي ادبي ميلا لڳي رهيا آهن، ان ۾ هڪڙو پاسو ميلا لڳائيندڙن جو معاشي مسئلو ضرور آهي پر ساڳئي وقت اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته، اتي ٿيندڙ مشاعرا شاعري کي طاقت وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ضرور ڪن ٿا. توهان جي شاعري جو محور ڇا آهي، ان سوال جي جواب ۾ وسيم سومرو ٻڌائي ٿو ته مون کي پنهنجي شاعري جو محور طبقاتي درد نظر اچي ٿو، مون کي ياد آهي ته، مون پهريون نظم پنهنجي ڀيڻ تي لکيو هو، جنهن جو عنوان "لڙڪن جو ڏاج" هو، يا مون هاڻ هڪ نظم لکيو آهي، "او رتيڪا ڀيڻ منهنجي" جيڪو هندوستان جي مائيگريٽ ٿيل (لڏي ويل) هڪ بيوس ڇوڪري تي آهي، جيڪا واشنگٽن جهڙي اجنبي شهر جي هڪ هوٽل جي ننڍڙي ڪمري ۾ پنهنجي معصوم پٽ سميت خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي ، طبقاتي درد جون هڪ کان وڌيڪ شڪليون آهن، بلڪه مان ته، سمجهان ٿو ته طبقاتي درد جنهن کي اسان ڪلاس وائيز Pathos چئي سگهون ٿا. جنهن تي ڪو گارشيا مارڪيز، ڪا ارون ڌتي راءِ ، جنهن تي ڪو عبدالقادر جوڻيجو، يا جنهن تي ڪو منور سراج هڪ عظيم ناول لکي سگهي ٿو. شاعري ڪيئن ٿا ڏسو يا شاعري ڇا آهي؟، واري سوال جي جواب ۾ هو مسڪرائيندي چوي ٿو ته شاعري هڪ داخلي معاملو آهي، جنهن جو انحصار دل جي دٻيل جذبي جي ان اڇل تي ٿئي ٿو جيڪا مختلف سماجي پابندين ۽ مجبورين جي ڪري ساڀيان جو روپ ماڻي نه سگهندي آهي، اها جذبي جي اڇل، جڏهن لاشعور مان ڇلانگ ڏئي ڪوري ڪاغذ تي ڪرندي آهي ته تخليق بڻجي ويندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو