سنڌ جي تعليم مان ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪهڙي طرح آڻجي؟

'مقالا' فورم ۾ وحيد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2009۔

  1. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    روزاني ڪاوش جي 18 مئي واري شماري ۾ ادا لياقت عزيز هڪ ڪالم لکيو آهي جنهن مان ڪجهه اقتباس هتي ڏئي رهيو آهيان، جيڪڏهن سندن تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ته اسان سنڌين جي تعليم تي کنيل آنڱر وڍجي سگهي ٿي۔

    1. ان لاءِ گزيٽيڊ سطح تي يونيورسٽي استادن ۽ ڪاليجي استادن کي اپ گريڊيشن ڏني وڃي ۽ تعليم لاءِ گهٽ ۾ گهٽ GNP 6 سيڪڙو مخصوص ڪئي وڃي.
    2. بورڊن مان رٽائرڊ ڪامورا هٽايا وڃن ۽ بورڊن کي تعليم کاتي حوالي ڪيو وڃي.
    3. تعليم کاتي ۾ گزيٽيڊ توڙي نان گزيٽيڊ استادن جي ڀرتي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ”لازمي“ قرار ڏنو وڃي ۽ ميرٽ کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ڪيو وڃي.
    4. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ نئين سر ڪئي وڃي
    .5. ”ڪوٽا سسٽم“ کي استادن جي ڀرتي لاءِ هر سطح تي ختم ڪيو وڃي. صرف نان گزيٽيڊ ملازمن لاءِ اهو ”سسٽم“ رکيو وڃي.
    6. تعليم جو سيڪريٽري بيوروڪريٽ بدران ڪنهن تعليمي ماهر کي رکيو وڃي.
    7. تعليم کاتي کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. ”هاير ايجوڪيشن“ ۽ پرائمري ايجوڪيشن، جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ شروع ڪيو ويو هو.
    8. تعليم کاتي مان ڪرپشن هر سطح تي ختم ڪئي وڃي.
    9. تعليم کاتي سان لاڳاپيل کاتن تي انتظامي عملدار ”سينيارٽي ۽ ميرٽ“ تي مقرر ڪيا وڃن.
    10. ڪاليجن مان او پي ايس جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.
    11. شهر ۽ ٻهراڙي ۾ استادن جي پگهارن ۽ الائونس ۾ فرق کي ختم ڪيو وڃي.
    12. سڄي ملڪ ۾ تعليمي سرشتو هڪ ڪيو وڃي.
    13. ملڪ جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.
    14. مدي خارج نصاب کي ختم ڪري، نئون نصاب جوڙيو وڃي ۽ ان لاءِ تعليمي ماهرن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي ۽ استادن کي C.O.T ٽريننگ لاءِ ٻاهر موڪليو وڃي
    .15. ٻارن لاءِ تعليم مفت ۽ لازمي قرار ڏني وڃي.
    16. تعليمي ادارن تان قانون نافذ ڪندڙن جو قبضو ختم ڪرايو وڃي.
    17. استادن کي سکيا لاءِ ”تربيتي ادارا“ نئين سري سان جوڙيا وڃن ۽ انهن جا سربراهه ”حاضر سروس“ استاد رکيا وڃن.
    18. ڪمپيوٽر سائنس جي تعليم هر سطح تي لازمي قرار ڏني وڃي. تعليمي ادارن کي ڪمپيوٽر ۽ ليبارٽريز لاءِ جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
    19. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪتاب، سائنسي سامان، فرنيچر آڊيٽوريم هال ۽ آڊيو، وڊيو سسٽم شروع ڪيو وڃي، گائيڊون ختم ڪيون وڃن.
    20. استادن کي مهانگائي مطابق پگهار ڏنو وڃي ۽ انهن کي مفت رهائشي پلاٽ تعلقي سطح تي فراهم ڪيا وڃن.
    21. استادن جي علاج لاءِ جديد اسپتالون ”پينل“ تي مقرر ڪيون وڃن
    .22 استادن کي ”تفريح الائونس“ فراهم ڪيو وڃي.
    23. استادن کي ڪاپي ڪلچر لاءِ هر سطح تي ذميوار قرار ڏنو وڃي. ڪنهن کي بخش نه ڪيو وڃي.
    24. پيپر آئوٽ ٿيڻ جو ذميوار انتظامي سربراهن کي قرار ڏنو وڃي. سڀ کان پهرين بورڊن ۾ ان تي عمل ڪيو وڃي.

    جيڪڏهن مٿئين ڏنل تجويزن تي سنڌ سرڪار عمل ڪري ٿي تعليم سڌري سگهي ٿي. ڪا به شيءِ ناممڪن ناهي. نيپولين چواڻي، All is possible in my dictionary (منهنجي ڊڪشنري ۾ ناممڪن نالي جو لفظ ناهي.)
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، تمام بهترين شيئرنگ آهي، اگر توهان جي ڏنل مشورن تي عمل به ڪيو ويو. پر ان هوندي به ڪجهه نه ٿيندو۔
    ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا جيڪڌهن ڪوشش ڪئي وڃي ته گهڻو ڪجهه ٿئي سگهي ٿو مٺا shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو