شاعر ۽ ليکڪ اصغر علي جمالي / دادو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    نظم
    شاعر =- اصغر علي جمالي

    سنڌو ۾ مان موجون آڻيان
    جيجل چپن تي مرڪون آڻيان
    ٿر بر ۾ سڪار اچي پوء
    خوشين جي بهار اچي پوء
    ڳيت خوشي جا ڳايان ويٺو
    تارن کي به ٻڌايان ويٺو
    ڪو نه اچي غم ڪنهن ويجهو
    ساٿي هر ڪو ٿي پئي سوکو
    محبت جو مان ميهن وسايان
    دشمنن لاء ديوار ٺهيان مان
    پاڻي ويرين لاء ٿئي گولي
    قائم رکبي سنڌوء ڇولي
    ٻاٽ ظلم مٽائيندوس مان
    سنڌو کي باغ بڻائيندوس مان
    انقلاب جو مان جهنڊو آهيان
    ڪانئير اک ۾ ڪنڊو آهيان
    هر ڪنهن هت حق وٺي ڏيان
    غاصب ماري پڪ وٺي ڏيان
    جيجل جي مان ٿڃ ملهايان
    سنڌو جا ويري ڳولي ماريان
    قوم جو "اصغر" هيرو بڻجي
    تاريخن ۾ پوندوس چمڪي
    -----------------------------------------------------------------

    نظم
    شاعر =- اصغر علي جمالي

    نه رڪيون يادن سنديون مرتيون
    وري تنهنجي سوچن جي آئي فضا
    وري ننڊ ديوي وئي ڏور ٿي
    وري دل دکائي اوهان جي ادا

    اسان ڪئين مندر مان نڪرون ڀلا
    جتي مورتيون تنهنجون آهن پيل
    اسان بڻجي پڄاري جهڪندا رهون
    اسان پيار تنهنجي جا آهيون پڙهيل

    هوائون ڇڏيو رخ مٽائي جڏهن
    تڏهن ياد تنهنجي جا ڏئيا ٻريا
    تڏهن ڳوٺ منهنجو هي روشن ٿيو
    وري ڏينهن الفت جا آهن وريا

    وري موسمون ذڪري ڇيڙيو سندء
    وري خواهشون پڻ وڌي وڻ ٿيون
    وري سوچ جو آهي تالو کليو
    صنم پيا مئڪدي ۾ پيو ٿا پيون

    اصغر علي جمالي ڳوٺ فضل خان جمالي
    ------------------------------------------------------------------

    غزل
    اصغر علي جمالي

    سبز کتين کي هتي ڪو ته کڙي ٿو
    روز نئون ظالم ڪو قانون جوڙي ٿو

    ٿو ٽهڪ ڏئي کل غدار مالهي پنهنجو
    چوءطرف باغ پنهنجو جڏهن سڙي ٿو

    تاريخ جا هن ڌرتي تي قتلام ڪرائي
    قوم جي جذبن کي ڇو ته ڇڙي ٿو?

    سنڌو ڪنٺ تي ڪئين ٻارا ٻڌون ?
    پاڻي ٺاھ جا قانون سڀ ٽوڙي ٿو

    درياء کي ٿي ڏانور جو هي لڳو آهي
    پنهنجي رياست ڊيم سان ٻوڙي ٿو

    اُماس چانڊوڪي صحرا سبز ٿو لڳيس
    سنڌ جي سورن کي وري به روڙي ٿو

    او موهن دڙا تهذيبون روئين ٿيون
    ظالم ظلم ڪري آنا ۾ هتي ڊوڙي ٿو

    ديپ ٻاري اصغر قوم کي ٿو جاڳايان
    ۽ هاڻ هو ماس هڏن تان به روڙي ٿو
    ------------------------------------------------------------------
    نظم
    شاعر ==--- اصغر علي جمالي

    مالھين جو مجاز پٿر هو ڃاتو
    مگر تنهنجي گلشن جو نکار ساڳيو
    شهر جي هر فرد کنيان ها خنجر
    سڀ لاء تنهنجو هو پيار ساڳيو

    هي مورتيون تراشي صورتون ٺاهين
    تنهنجي سيرت و مُک محرابن جيان
    هي سنڌو ڪنٺ تي سينگاريل ٻيڙي
    ۽ مهڪ تو ۾ آ پاتي هت گلابن جيان

    تون صبح جي ٿدڙي هير کي ٻکين ٿو
    اسان ٽهڪي به ٽاڪ ۾ اُڀريو اچون
    تنهنجي مخمور نيڻن جو قسم پرين
    تنهنجي هر لُوڏ تي سر اڏي رکيو اچون

    او سسئي جيڏو حوصلو رکندڙ پرين
    اسين پنهون جيئن اُٺ تي واڙيا وڃون
    ڪو ڏسي نه تو کي بد نگاهون سان
    اسين شهر اجنبي ۾ نه ساڙيا وڃون

    بد بخت قدم جڏهن اُلجهن ۾ ها پيا
    سلجهل شهرين هٿن ۾ به ها ڀالا ڏٺا
    سي پيار جي پريتم سان ويا ميٽجي
    اڄ قدمن ۾ پيل هتي جلاد نرالا ڏٺا

    او پرين صدا عظمت جي بلندين تي هج
    آسمان جي ستارن جو نور ميڙي ڏيان
    بادلن کي ٿو ڍڪيندو دلبر اچان اڄ
    سُر سارنگ ڇو نه تو کي ڇيڙي ڏيان
    ================================
    نظم
    اصغر علي جمالي

    سنڌوء ڪپ تي ٻيڙين جي
    لائين ڪڏي لڳل آهي
    ملاح مايوس سڀ آهن
    ته سنڌوء ڇو روٺل آهي

    وهيو سنڌوء نه پاڻي سان
    منهنجي رت سان وهي هلندو
    مٿان رت جي ٻيڙيون هلنديون
    سفر سڀ ڪو ڪندو رهندو

    هاري رت کي سمجهي پاڻي
    ڇڏيندا پنهنجن ٻارن ۾
    اُپائيندا سڀئي هو فصل
    چانڊوڪين ۾ انڌارن ۾

    نه ڪي ڌاريا هتي رهندا
    نه پنهنجن وٽ رسي سگهندا
    پيڙهيون تن جون ڪندوس ختم
    نه هو اڳتي وڌي سگهندا

    هجان ها اگر سٺو شاعر
    اچي اتهاس ۾ ها نالو
    مٿان سنڌو جي سر گهوريم
    ڏنو اٿم خون جو پيالو

    لحد ۾ روح جيڪر آيو
    سنڌو آهي وچن تو سان
    اوهان ڏانهن تنهن کي موڪلبو
    ڪفن رکبو ته سيني سان
    ------------------------------------------------------------------
    نظم اصغر علي جمالي

    مالھين جو مجاز پٿر هو ڃاتو
    مگر تنهنجي گلشن جو نکار ساڳيو
    شهر جي هر فرد کنيان ها خنجر
    سڀ لاء تنهنجو هو پيار ساڳيو



    هي مورتيون تراشي صورتون ٺاهين
    تنهنجي سيرت و مُک محرابن جيان
    هي سنڌو ڪنٺ تي سينگاريل ٻيڙي
    ۽ مهڪ تو ۾ آ پاتي هت گلابن جيان



    تون صبح جي ٿدڙي هير کي ٻکين ٿو
    اسان ٽهڪي به ٽاڪ ۾ اُڀريو اچون
    تنهنجي مخمور نيڻن جو قسم پرين
    تنهنجي هر لُوڏ تي سر اڏي رکيو اچون



    او سسئي جيڏو حوصلو رکندڙ پرين
    اسين پنهون جيئن اُٺ تي واڙيا وڃون
    ڪو ڏسي نه تو کي بد نگاهون سان
    اسين شهر اجنبي ۾ نه ساڙيا وڃون



    بد بخت قدم جڏهن اُلجهن ۾ ها پيا
    سلجهل شهرين هٿن ۾ به ها ڀالا ڏٺا
    سي پيار جي پريتم سان ويا ميٽجي
    اڄ قدمن ۾ پيل هتي جلاد نرالا ڏٺا



    او پرين صدا عظمت جي بلندين تي هج
    آسمان جي ستارن جو نور ميڙي ڏيان
    بادلن کي ٿو ڍڪيندو دلبر اچان اڄ
    سُر سارنگ ڇو نه تو کي ڇيڙي ڏيان
    ================================

    نظم
    اصغر علي جمالي /دادو

    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين
    اندر پيو لڇان حال ڪنهن سُجهي به ڪئين


    جنهنجي ٽهڪن جي خوشبوء فيضائن ورتي
    منهنجي من مندر جي اها ئي هئي مورتي
    وساريان ڪيئن جن زلفن ۾ اڱريون ڦريون
    جنهن ادائون کي ڏسي رشڪ ڪن پريون
    هرڻي جي چال واري پياري کي وساريان ڪئين
    تنهن جي يادون جا پوپٽ هتي اُڏاريان ڪئين
    هو ڳالهائي جڏهن ڀٽائي جي دنبوريء جيان
    ڏور منهنجو من ٿو مچي ڪنهن کوريء جيان



    نه پنهنجو ٺڪاڻو ۽ ٻئي وڃان اجهي به ڪئين
    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين


    هوء ڪينجهر جي ڪناري ڇرڪي به هئي
    ڪارونجهر جي چوٽي مٿان مرڪي به هئي
    مون کي هن جي پاڪ آھي حجابن جو قسم
    سنڌ جيان پياري مون کي محرابن جو قسم
    ورا جڏهن گهٽائون کوليا ان گهٽائون جو قسم
    سونهن سڀ کان ڀلي اعقابي نگاهون جو قسم
    ها حرم جو قسم , مون کي قلم جو قسم
    ڪو نه هن جهڙو آ مون کي صنم جو قسم
    رات جي سناٽي ۾ جڏهن به سڏڪي پوان ٿو
    دڳن تي پير هن جا ڳوليندي ڇرڪي پوان ٿو


    هاڻ وار چاندي ٿيا هوء رجهي به ڪئين
    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين


    ڏور ان کان ٿو محسوس ائين ڪيان
    درياء وچ ۾ هجان ڪنهن لاشي جيان
    جئين جهنگلات کي وڪوڙي ٿي باھ
    وڇوڙي جي دردن ڪئي اهڙي آ ڪاھ
    ڄڻ هنُ پٽي ڪنهن پکي جا آهن پر ڇڏيا
    منهنجا احساس اڌما جڏهن ھُن ٿوڏيا
    وڇوڙي جي واچوڙي آهي اهڙو سٽيو
    پاگلن وانگر آهيان هت هُت ڏاڍو ڀٽڪيو


    عشق ۾ حال فقيري بڻايا رانجهي به ڪئين
    منهنجي عشق جي آتش اُجهي به ڪئين
     
    آخري ترميم: ‏25 جنوري 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو