.علم جي ضرورت ۽ فضيلت..............! شرف الدين مرکنڊ طاهري

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    .علم جي ضرورت ۽ فضيلت

    شرف الدين مرکنڊ طاهري

    حضور نبي اڪرمﷺ جن جي حديث مبارڪ آهي، ته”پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو.“ علم جو مطلب آهي ڄاڻ. جنهن ان کي ڄاتو ۽ ان تي عمل ڪيو ته سمجھڻ گھرجي ته ان الله تعالى کي ڄاتو. علم جي افاديت ۽ اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي علم سان ئي دنيا مان جهالت ختم ٿئي ٿي. علم جو مثال ان خزاني جيان آهي جنهن کي چورائي نه ٿو سگھجي بلڪه خرچڻ سان وڌي ٿو. انسان جي سڀ کان وڌي بدقسمتي سندس علم کان دوري آهي. الله تعالى انسان کي اشرف المخلوقات بنايو آهي ۽ انسان کي صرف اهو شرف علم ۽ عقل جي ڪري ئي عطا ڪيو ويو آهي. پياري نبي ڪريمﷺ جن علم کي وڏي اهميت ڏني آهي. سندن قول مبارڪ آهي، ته ”پنگهي کان وٺي قبر تائين علم پرايو. علم جي طلب ڪيو چاهي ان لاءِ اوهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي.“ يعني علم جي راه ۾ ايندڙ تڪليفن کي پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو. قرآن ڪريم ۾ الله جل شانہٗ پاڻ سڳورنﷺ کي دعا سيکاري آهي، ته ”رب زدني علماںن“
    يعني”اي منهنجا پالڻهار! اسانجي علم ۾ واڌارو فرماءِ.
    انهيءَ کان وڌيڪ علم جي اهميت ڇا ٿي سگھي ٿي جو آسمان ۽ زمين جو خالق ۽ مالڪ خود حبيب ڪريمﷺ کي علم جي اضافي لاءِ چئي ٿو.“ان کان علاوھ نبي اڪرم جن پاڻ علم حاصل ڪرڻ جي وڏي تاڪيد فرمائي آهي. حضور اڪرمﷺ جن جو قول مبارڪ آهي، ته ”علم آبِ حيات جو چشمو آهي ۽ عمل ڪندڙ ان مان سيراب ٿيندڙ ۽ جنهن عمل ڪري ان مان پاڻي پيتو ان جو ناتو ساڻن هميشه قائم رهي.حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني، امام غزالي، شيخ سعدي حضرت پير مٺا سائين حضرت سهڻا سائين رحمةالله عليهم اجمعين. جهڙن مشهور ۽ معروف شخصيتن ان مان پنهنجي اڃ اُجھائي پنهنجي نالي کي هميشه لاءِ لافاني ڪري ويا.حضور اڪرمﷺ جن جي حديث مبارڪ آهي، ته ”جيڪو ماڻهو طالب علمي دؤران پرهيزگاري اختيار نٿو ڪري، ته پوءِ ان کي الله سائين ٽن عذابن ۾ مبتلا ڪري ٿو، 1. ان کي جواني ۾ موت ايندو 2. يا ڪنهن ظالم بادشاه جي خدمت ۾ مبتلا ڪري ٿو. 3. يا جبر ۽ ظلم واري علائقي ۾ سٽي ٿو ڇڏي.“ تنهنڪري شاگرد جيترو متقي ۽ پرهيزگار هوندو اوترو وڌيڪ علم مان فائدو حاصل ڪندو ۽ علم جو حصول سولو ٿيندس ۽ علم جافائدا گھڻا حاصل ڪندو.اها متقي ۽ پرهيزگاري پيٽ ڀري کائڻ گھڻو ڳالھائڻ ۽ بازار جي کاڌي کان پرهيز ڪرڻ سان ئي پيدا ٿئي ٿي. ڇو، ته بازار جو کاڌو پليدي ۽ خيانت جي ويجهو ۽الله جي ذڪر کان ڏور هوندو آهي. ان سان گڏ و گڏ بازار جي ماني تي فقيرن جي نظر هوندي آهي. پر اهي خريد نه ڪري سگھندا آهن جنهن ڪري کين تڪليف رسي ٿي ان ڪري ان کاڌي مان برڪت ختم ٿي وڃي ٿي.ڪتابن ۾ لکن ٿا، ته امام جليل احمد فضل رحمة الله تعالى عليه طالبِ علمي دؤران بازار جي کاڌي کان پرهيز ڪندو هو ۽ نه کائيندو هو. سندس والد صاحب ڳوٺ ۾ رهندو هو. اتان هر جمعي تي ماني تيار ڪرائي کڻي ايندو هو. هڪ دفعي سندس والد محترم امام صاحب جي ڪمري ۾ بازار جيماني ڏٺي، ته غصي ۾ پنهنجي پٽ سان ڳالھايائين به نه. صاحبزادي پنهنجو عذر بيان ڪيو، ته بابا! مون هي ماني ناهي ورتي ۽ نه ئي خريد ڪئي آهي. منهنجي هڪ ساٿي آڻي ڏني اٿم. ته سندس والد محترم ٻڌي فرمايو، ته پٽ جيڪڏهن تون اهڙي شيءِ کان پرهيز ڪرين ها، ته تنهنجي ساٿي کي اهڙي جرات نه ٿئي ها.جن شخصن جي پرهيزگاري اهڙي هجي جو پنهنجو پاڻ کي علم پرائڻ ۽ علم عام ڪرڻ واسطي وقف ڪري ڇڏين، ته پوءِ سندن نالو تاقيامت باقي رهي ٿو.زاهد، فقيهن مان هڪ فقيه هڪ طالب علم کي وصيت ڪئي، ته واتوڙي ماڻهوءَ کان ۽ گلا کان بچ. فرامايائينس، ته جيڪو توسان احوال ڪري ٿو ڄڻ ته تنهنجي عمر چورائي ٿو. ڳالھ ڪندا آهن، ته ٻه دوست ڇوڪرا طلبِ علم واسطي سفر تي نڪتا ڪجھ سالن کان پوءِ هڪ ته وڏو عالم ٿي نڪتو ۽ ٻيو عالم نه ٿي سگھيو. ان شهر جي عالمن سڳورن سوچيو ۽ ٻين کان به ان باري ۾ پڇا ڳاڇاڪئي. معلوم ٿيو، ته جيڪو عالم ٿي موٽيو ان جي اها حالتهئي جو هميشه پڙهائي يا تڪرار وقت قبلي جو خاص خيالرکندو هو. جنهن شهر ۾ هن علم حاصل ڪيو ان ڏانهن ڪڏهنپٺي به نه ڪئي ۽ جيڪو ڇوڪرو ناڪام ٿي نڪتو اهو ان جي ابتڙ ڪندو هو.عالم سڳورا ان نـتيجي تي پهتا جو پهريون ڇوڪرو قبلي ۽ان شهر جي رحمتن ۽ برڪتن جي فيض وارو بڻيو. ان شهروارن جون دعائون هن کي لڳي ويون ڇو ته ڪو به شهر عابدن ۽ زاهد فقيرن کان خالي ناهي هوندو.لڳي ٿو، ته ڪنهن عابد، زاهد راتين جي پهرن ۾ کيس دعا ڪئي اٿس. لهٰذا شاگردن کي گھرجي، ته ادب ۽ سنتن جو خيال ڪن ۽ سستي نه ڪن جيڪڏهن ادب ۽ سنتن ۾ سستي ڪندو، ته فيض کان محروم رهجي ويندو. جيڪو فرض ۾ سستي ڪندو اهو آخرت جي ثواب کان به محروم رهجي ويندو ۽ نمازون ۽ نفل ڪثرت سان پڙهي ۽ نياز نوڙت سان پڙهي حصولِ علم ۾ کيس مدد ملندي. الله تعالى جل شانہٗ اسان کي با ادب ۽ باعمل علم نصيب فرمائي. آمين.
     
    مومن ڏاهري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو