عورت جي نصيب ۾ رڳو ڀوڳنائون ڇو؟

'سنڌياڻي' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    عورت جي نصيب ۾ رڳو ڀوڳنائون ڇو؟ تحريرـ فهميده حيدر
    انسانيت جو پاڪ رشتو ئي ماڻهپي جو ڀرجهلو هوندو آهي، ظاهري طور ڀلي هڪ فرد پنهنجو پاڻ کي سٺو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر جيڪڏهن سندس دل ۽ ذهن انسانيت جي رشتي جا حامي ناهن ته سندس ڪيل سڀ عمل بي معنيٰ آهن، مرد جي ظلم جا داستان ڪي پراڻا ناهن پر اهي ظلم نئين نئين انداز ۾ ڪنهن خوفناڪ ۽ بدنما داغن جيان چٽبا ٿا رهن ۽ هن سنڌي سماج جي عورت ته صدين کان سور جي پاڇولن ۾ رهي آهي، هڪ عورت لاءِ سڀ کان اهم ۽ عزيز شيءِ ان جي عزت نفس آهي، هوءَ هر ظلم کي برداشت ڪرڻ جي همٿ ۽ قوت رکندي آهي پر پنهنجي عزت کي ڪڏهن به هٿن مان وڃڻ ناهي ڏيندي عورت سان لڄالٽ جي وڌندڙ واقعن ذهن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي، هر روز خبر ناهي ڪيتريون معصوم زندگيون مرد جي ان خوفناڪ سوچ جو شڪار ٿين ٿيون. ٻهراڙيءَ جي مجبور ۽ بيوس عورت ته ان ظلم تي ٻڙڪ به ڪڇي ناهي سگهندي، ڪنهن ٻئي جي ماءُ، ڀيڻ يا ڌيءَ جي لَڄَ لٽيندڙ اهي وحشي صفت ماڻهو اهو ناهن سوچيندا ته هو به ڪنهن ماءُ ڌيءَ ۽ ڀيڻ جا وارث آهن پر جيڪي ٻين جي ماءُ، ڀيڻ تي رحم نه ڪندا هوندا ته انهن وٽ خود پنهنجن رشتن جي ڪهڙي شناس هوندي، اهڙا ڪريل عمل ڪرڻ کان پوءِ ته هو جانور بڻجي ويندا هوندا، روز اخبارون اهڙن حادثن سان ڀريون پيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ اڍائي سالن جي معصوم نينگريءَ سان ٿيندڙ لڄالٽ جو ٻڌي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي، ٻڌو هيم ته اڳ ۾ مرد پنهنجي جان ڏئي به عورت جي عزت جي حفاظت ڪندو هو، پاڻ وٽ سام ٿي آيل عورتن جي حفاظت ڪندي هو پنهنجي حياتي گهوري ڇڏيندا هئا پر هاڻ ته اهي سڀ ڳالهيون ڪي ڏند ڪٿائون ٿيون لڳن، هاڻي ته عورت پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ ڪنڊون ڳوليندي ٿي وتي. ظلم جي انتها ته اها آهي جو ڏاڍ ڪندڙ اهي وحشي سرعام گهمندا ٿا رهن پر کين ڪير به سزا ڏيڻ وارو نه آهي، وري به هر طرح ان عورت کي ئي پيڙاءُ برداشت ڪرڻي پوي ٿي، سندس وجود تي لڳل انهن زخمن کي هر ڪوئي سواليه نظرن سان ڏسندي سندس سوچ کي لاچار ۽ اپاهج ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هوءَ مرد جي ان قهر خلاف آواز ئي نٿي اٿاري ۽ پنهنجي زندگي ڪنهن گمنام جيان گذاري ٿي، ٿيڻ ته ائين گهرجي جو اهڙي واقعي تي سماج جا سنڀاليندڙ وس وارا انهن ماڻهن کي اهڙي سزا ڏين جو ٻيهر ڪير به هڪ عورت جي عزت نفس ڏانهن اک کڻي نه نهاري، پر هي هتي جو سماج آهي، هتي هڪ عورت کي ڇا ڇا سهڻو ٿو پوي، ان جو اندازو هڪ عورت ئي لڳائي سگهي ٿي. هونئن به عورت ڏاڍي نازڪ هوندي آهي، اها هن طاقتور مردن واري معاشري ۾ پنهنجو تحفظ ڪيئن ٿي ڪري سگهي، افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي جو عورتن کي پنهنجي تحفظ لاءِ وري به مردن ڏانهن ڏسڻو پوي ٿو، پوءِ اهو مرد ڀاءُ، پيءُ يا مڙس جي روپ ۾ ئي کڻي هجي پر اجاراداري وري مرد تي ٿئي ٿي، خاص طور تي جيڪي گهر کان ٻاهر ڪم ڪن ٿيون، نوڪريون ڪن ٿيون، انهن عورتن کي ته ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا آهن، اهي پنهنجي تحفظ لاءِ ساٿي مرد ورڪر تي ڀاڙين ٿيون، آخر هن معاشري ۾ ڪيستائين ائين عورتن سان ظلم جاري رهندو؟ انهي سان گڏ اهو به سوال ڪر کڻي ٿو ته آخر عورتن کي تحفظ ڪير ڏيندو؟ ڇاڪاڻ ته عورتون وحشت جون نشانو بڻجي رهيون آهن پر حڪومت سميت ڪوبه ان جي تحفظ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙي صورتحال ۾ عورتن جي نصيب ۾ صرف ڀوڳنائون اچن ٿيون، ظلم جو شڪار ٿيل عورت اڄ به انصاف ۽ تحفظ جي گهرجائو آهي.
    (نارڪ ،ڪاوش جي ٿورن سان)
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عورت جي نصيب ۾ رڳو ڀوڳنائون ڇو؟

    جيتري تائين الله تعالي جي طرفان ڏنل قانون تي نه هلندا سون تيسين اهڙا ۽ انهن کان به وڌيڪ عذابن کي ڀوڳڙون پوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو