انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل مقتول نادر مرکنڊ ۽ گدا مرکنڊ جا وارث.......!!!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل مقتول نادر مرکنڊ ۽ گدا مرکنڊ جا وارث.......!!!

    شرف الدين مرکنڊ طاهري / وارهه

    هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، هڪ طرف انسان ترقي جون منزلون طئي ڪري چنڊ تي پهچڻ ۽ اتي زندگي گذارڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف اهو ئي انسان پنهنجي ڪوڙي انا،دولت،عزت ۽ سياست خاطر بي گناه انسان جي قتل کان به نه ٿو ڪيٻائي، سنڌ ڌرتي امن، پيار، آشتي ۽ صوفين جي سرزمين آهي، هي ڌرتي پيار، محبت، ڀائيچاري جي ڌرتي آهي، هن ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترائي املهه انسان جنم ڏنا آهن، پر افسوس جو هتي به هر روز ڪنهن جي فريب ۽ دوکي سبب ڪارنهن جھڙي فرسوده ۽ ڪڌي رسمن عيوض ڪيترائي ڪونڌر ڪسجي وڃن ٿا، روزانو جي اخبارون پڙهي ڏسو، پر اهڙن واقعن ۽ ڪڌين رسمن کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪي به اپاءَ نه وٺي سگهي آهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن ۾ ملوث ظالمن، وحشي درندن کيعبرتناڪ انجام تي پهچايو ويو آهي، سنڌ ۾ ٿيندڙ روزانو دردناڪ واقعن تي ڪنهن جي اک ئي نه ٿي ٻڏي، اڄ کان اٽڪل 9 مهينا کن اڳ وارهه ڀرسان ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ بيگناهه قتل ٿي ويل ٻه ڳڀرو نوجوان نادر علي مرکنڊ ۽ گدا حسين مرکنڊ جي وارثن سان اڃان تائين انصاف نه ٿي سگھيو آهي، مقتولن جي وارثن جي گهرن ۾ چلهه به نه ٻري سگهي آهي، سندن معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، معصوم ٻارڙا پنهنجي پيارن کي ياد ڪندي ڳوڙها وهائيندي نظر اچن ٿا، ڪيترائي ڀيرا مختلف جاين تي احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن، پر گاجي کهاوڙ پوليس ٺلها ڪوڙا دلاسا ڏيندي رهي ٿي، مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته واقعي کي هن وقت تقريبًا 9 مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر گاجي کهاوڙ جي پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل ڏوهارين مان صرف ٻن کي گرفتار ڪري مقتولن جي وارثن تي ڄڻ وڏو ڪو احسان ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس مک قاتل جي ساٿاري بڻيل هجڻ ڪري کيس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،

    مقتول نادر علي مرکنڊ ۽ گدا حسين مرکنڊ کي ظالمن ان وقت بي گناه قتل ڪيو هو، جڏهن هو پنهنجي زمين تان ڪم ڪري واپس ڳوٺ طرف اچي رهيا ها ته ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن پنهنجن دوستن سان گڏجي پستول جا فائر ڪري ڄاڻايل ٻنهي ڳڀرو نوجوانن کي گولين جو بک بڻائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو، مقتول گدا حسين جي ڀاءُ جميل احمد مرکنڊ ۽ مقتول گدا حسين جي ننڌڙي پٽ سمير علي مرکنڊ (جنهن جي عمر اڃان 3 سال مس آهي ان معصوم ٻار کي به گولي لڳي هئي، جيڪو زخمي ٿيو هو، هن وقت زخمن جا نشان اڃان ظاهر آهن، واقعي کان پوءِ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ۾ 2 ڀيراايس ايس پي جي بدلي ٿي چڪي آهي، مان هڪ ڳوٺاڻي ۽ وارثن جي حيثيت سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعلى سنڌ، آءِ جي سنڌ کان پرزور لفظن ۾ مطالبو ٿو ڪريان ته گاجي گهاوڙ پوليس کي پابند بڻائي قتل ٿي ويل ٻنهي ڳوٺاڻن جي مک قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڦاسي ڏياري وڃي ته جيئن وارثن سان انصاف ٿي سگهي ۽ پوليس کي به گهرجي ته هو پنهنجي ڊوٽي ايمانداري، فرض شناسي ۽سهڻي طريقي سان ادا ڪري ڇو ته غريب عوام جي محنت مان اوهان کي سرڪار پگھار ڏئي ٿي ۽ اوهان کي غريب عوام جي دعا ئي ڪامياب ڪري سگھي ٿي ڇو ته خدا جي درٻار ۾ امير کان وڌيڪ غريب عوام جي عزت آهي. الله جي ذات پنهنجي محبوب کي غريب عوام ۾ آندو هو، ۽ غريب عوام ۾ رهايو هو ۽ الله کان سواءِ غريب عوام جو ڪير به ڪونهي ۽ الله به غريب عوام سان محبت ڪندو آهي، اهڙي طرح ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ به غريب عوام آهي، جتي 4 جنوري ته بي ڏوهه بي گناه نادر علي مرکنڊ ۽ گدا حسين مرکنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو