ڪالم نگار، ايڊيٽر ۽ سماج سڌارڪ سانوڻ راڄڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2018۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪالم نگار، ايڊيٽر ۽ سماج سڌارڪ سانوڻ راڄڙ

    منهنجي اکين جو ٺار آهين تون ،
    يار سڄو سينگار آهين تون.

    چوڻي آهي ته:جڏهن توهان زندھ انسانن جي خدمت ڪرڻ جا اهل ناهيو ته پوءِ انهن جي روحن جي خدمت جي خدمت ڪيئن ڪري سگهندو؟ انھي قول کي پنهنجي زندگيءَ جو مرڪز بڻائي اڇڙي ٿر کي سماجي رابطن جي حصول لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخص سانوڻ راڄڙ به هڪ آهي.
    سانوڻ راڄڙ ضلعي سانگهڙ جي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ اڀرندڙ نئون ستارو آهي. اڇڙي ٿر جي مهڪندڙ خوشبودار مٽي مان ضلعي سانگهڙ جي تاريخي ڳوٺ ٽنڊو مٺا خان ۾ 7 سيپٽمبر 1981ع ۾ حضور بخش راڄڙجي گهر ۾ جنم وٺندڙ سانوڻ راڄڙ اڇڙي ٿر جي ادب ، ثقافت ،تاريخ ۽ جاگرافي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. سانوڻ راڄڙ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري مسجد اسڪول حاجي محمد حسن راڄڙ ، مڊل جي تعليم مڊل اسڪول ٽنڊومٺاخان ، جڏهن ته ميئٽرڪ گورنمنٽ هاء اسڪول چوٽياريون مان پاس ڪئي ۽ انٽر ڊگري ڪاليج کپرومان آرٽ ۾ پاس ڪري .2000ع۾سرڪاري نوڪري سانگي پاڪ آرمي کي جوائن ڪيائين .
    اڇڙي ٿر جي لاء جاکوڙ ۽ تحقيق عملي ڪمن ۾ سڀ کان پهرين پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڪي مسجد شريف جوڙائي ۽ ان ۾ ديني تعليم جو بندوبست ڪرڻ ان کان سواء پنهنجي تر ۾ اڇڙوٿر سنڌي ادبي فورم قائم ڪري ادبي سرگرميون وڌائڻ ۽ دلچسپي پيداڪرڻ ۽ فورم ۾ شامل ميمبرن جا ڪتاب ڇپائڻ ۽ ادبي گڏجاڻيون ڪرڻ
    ان کان سواء اڇڙي ٿر متعلق چونڊيل نمائندن جو ۽ ضلعي انتظامياجو ڌيان ڇڪائڻ اڇڙي ٿر تي تحقيق ڪندڙن جوساٿ ڏيڻ پڻ شامل آھي. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون آهن ته، انسان ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙن کي ڇائي ڇڄ ۾ هوندي آهي، جڏهن ته ٻين کي لوئيء ۾ لڄ. لوئيء جي لڄ جو محافظ سانوڻ راڄڙ جنهن جي مسلسل ڪوشش مان اڇڙي ٿر سان گڏوگڏ سڄي ملڪ جا ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. سانوڻ راڄڙ هڪ ئي وقت، ملڪ جو محافظ، ڪالم نگار، سماج سڌارڪ ۽ليکڪ آهي. اها خوبي تمام ٿورن ماڻهن ۾ موجود هوندي آهي. سانوڻ راڄڙ تي لکڻ لاءِ پروفيسر ممتاز لغاري جي مضمون مان گهڻي مدد ورتي وئي آهي، پروفيسر ممتاز لغاري، سانوڻ راڄڙ تي جامع نموني سان لکيو آهي. جنهن جي ڪري سانوڻ راڄڙ جي زندگي جو هر پن سائو ٿو نظر اچي.
    سانوڻ راڄڙ لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي.علمي ، ادبي ۽ تاريخي عنوانن خاص طور تي اڇڙي ٿر ۽ حر تحريڪ تي تحقيقي مضمون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ عبرت ميگزين، روزانه مهراڻ،روزانه ڪاوش،روزانه ارادو،روزانه عوامي آواز،روزانه ڪلياڻ،روزانه واڪا،روزانه جيجل،روزانه سنڌ ايڪسپريس،هفتيوارسانگهڙ سماچار،نئون صبح،سنڌ سرواڻ، نئين زندگي،سنڌ مهراڻ، سوجهرو، همرچو، ادب، هزار داستان ،اڇڙوٿر،وغيره ۾لکيا آهن.سندن لکڻين ۾ خاص ڪري اڇڙوٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي جي لاء عملي جدوجهد۽ حرتحريڪ تي تحقيق شامل آھي.اڇڙي ٿر جي ثقافت، تاريخ ، ادب ۽اڇڙي ٿر جي مشڪلاتن ۽ مسئلن کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ” اڇڙو ٿر پبليڪيشن“ قائم ڪري ”سلسليواراڇڙوٿر“ رسالو جاري ڪيو آهي جنهن جا هن وقت تائين ٻه شمارا آڻي چڪو آھي ، جنهنجو ايڊيٽر پڻ آهي ۽ گڏوگڏ اڇڙي ٿر ۾ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ اڇڙي ٿر جي سرگرم نوجوانن ۽ ادب دوستن سان گڏجي ”اڇڙوٿرسنڌي ادبي فورم“ جو بنياد پڻ رکيو آهي ۽ ان جا باني چيئرمين پڻ آھن. ۽ هن فورم ۾ شامل ادب دوست ساٿين ۽ شاعرن جو گڏيل ڪتاب ”اکين جي پاند ۾ “ ترتيب ڏئي مارڪيٽ ۾ آندواٿس ان کان علاوه سندس ٻه اڻ ڇپيل ڪتاب (1)ڀِٽُن جاڀُڻَڪا ۽(2)ٽنڊومٺاخان جي تاريخ پڻ آھن جيڪي سنڌي ادب ۾ بهترين اضافوٿي سگهن ٿا،دنيا جو خيل عجيب آهي انهيءَ لاءِ ته ڪولن هاءِ لوئر کي دنيا مان سڌ پئي ته چيائين، ماڻهو ورلي مشهور ٿيندا آهن، انهيءَ لاءِ نه ته هو، پنهنجي دور ۾ ڇا چئي ويا؟ ليڪن انهيءَ ڳالھ لاءِ ته، هنن ڇا ڪري ڏيکاريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو