“تبديليء” جي خواب پويان!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڄ ڪلهه اسان مان هر ماڻهوء تي “تبديلي” جو اهڙو ته نشو چڙهيل آهي جو جنهن سان جيڪا به ڳالهه ڪر ته هو چوڻ لڳي ٿو ته “ هاڻي تبديلي اچي ويئي آهي.”جيڪر گھر ۾ ڪنهن کي چئجي ٿو ته جنريٽر صحيح ڪم نه پيو ڪري،ڪو مستري وٺي انهيء کي ته ٺيڪ ڪرائي ڇڏ ته اڳيان جواب اهو ٿو اچي ته “ جنريٽر ٺيڪ ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟هاڻي عمران خان اچي ويو آهي تنهن ڪري بجليء جا سڀ مسئلا ترت حل ٿي ويندا.”اهڙا جواب ٻڌي سمجهه ۾ نٿو اچي ته وڏيون واڇون ٽيڙي ٽهڪ ڏجن يا پنهنجو مٿو پٽجي.اسين عجيب قسم جي سوچن جا عجيب قسم جا ماڻهو آهيون.ڄڻ ته عمران خان کي جادوء جو ڪو لڪڻ هٿ اچي ويو هجي جو اچڻ سان ئي هو پوري پراڻي پاڪستان کي رات وچ ۾ نئون پاڪستان بنائي وٺندو.سالن جا مسئلا ۽ مونجھارا اک پورڻ ۽ پٽڻ جي وقفي ۾ حل ٿي ويندا ۽ تبديليء جو طاقتور جن هر شيء کي پاڙان پٽي بدلائي ڇڏيندو.اهڙن جادوئي ڪرتبن،تعويذن،ڦيڻن ۽ ڦوڪارن سان پوري جا پورا نظام تبديل ٿيندا هجن ته پوء واهه واهه!

    ادا! اهو صحيح آهي ته عمران خان تخت تي ويهي رهيو آهي،مڃيوسين ته هو گھڻو ڪجهه بدلائڻ به گھري ٿو،هن ۾ اهو عزم ۽ ارادو به هوندوپر عمران خان ڪا مافوق الفطرت مخلوق ته ناهي،هو به آخر هڪ انسان ئي آهي جنهنجي فطرت ۾ سوين ڪمزوريون،مجبوريون ۽ اوڻايون هونديون آهن.هو به ان معاشري جو هڪ فرد آهي جنهن معاشري ۾ اسان رهون ٿا.ٿورو اهو به ته سوچيو ته اهي مسئلا ۽ ڏکيائيون جن کي وڌڻ،ويجھڻ ۽ جوان ٿيڻ ۾ صدين جو عرصو لڳو هجي اهي رات وچ ۾رڳو عمران خان چٽڪي وڄائي ڪيئن ٺيڪ ڪري وٺندو؟مسئلو رڳو نيت ۽ ارادي جو ئي نه هوندو آهي پر ان ڪم لاء اهليت ۽ صلاحيت به گھربل هوندي آهي،ڪم ڪرڻ لاء هڪ نيڪ نيت،مخلص ۽ محنتي ٽيم به گھرجي.ان کان پوء توهان ڇا ٿا سمجھو ته اسان جي ملڪ جي نوڪرشاهي جيڪا مجموعي طور تي اڃا تائين عوام کي پنهنجو غلام ۽ پنهنجو پاڻ کي بادشاهه سمجھي ٿي سا عمران خان جي تبديليء واري پروگرام ۾ سندس ساٿ ڏيندي؟سياستدان ته گھڻو بدنام آهن يا بدنام ڪيا ويا آهن پر حقيقت ۾ ملڪ تي اصل حڪومت ته بيوروڪريسي ئي ڪندي رهي آهي.اهي سياستدانن کان به غلط ڪم وٺندا آهن ۽ پوء انهن کي بليڪ ميل ڪندا آهن.سو اها وڏي خطرناڪ مخلوق آهي جن عوام کي غربت ۽ بدحاليء جي اونهي اوڙاهه ۾ اڇلائي رکيو آهي.اها نوڪرشاهي ڪيئن خوشيء سان برداشت ڪندي ته سندن مفادن کي ڪو ڪاپاري ڌڪ رسي.مشهور چوڻي آهي ته شين کي ڦٽائڻ ۾ سيڪنڊ لڳندا آهن پر انهن کي جوڙڻ ۽ سنوارڻ ۾ سال لڳندا آهن.انهن شين کي ٺيڪ ٿيڻ ۽ بدلجڻ ۾ نه رڳو وقت پر پوري قوم جو تعاون ۽ سهڪار به گھربل آهي.اسان به عجيب ماڻهو آهيون.چاهيون اهو ٿا ته اسا جا حڪمران ايماندار ۽ ديانتدار هجن پر پاڻ اسان هيرا ڦيري ۽ ٻه نمبري ڪرڻ کان نٿا مڙون.خواهش اها آهي ته حڪمران هر ڪرپشن کان پاڪ هجن پرپاڻ ٽيڪس ڏيڻ لاء تيار ناهيون.گھرون اهو ٿا ته ملڪ رات وچ ۾ ترقيء جي آسمان تي پهچي وڃي پر اسان مان ڪوبه پنهنجي حصي جو مقرر ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهي.چاهيون اها ٿا ته قانون جي حڪمراني هجي پر اسان کي پاڻ جتي به موقعو ميسر اچي ٿو قانون جو جنازو ڪڍڻ ۾ دير نٿا ڪيون.تمنا اها آهي ته ملڪ ۾ سڀني کي هڪجهڙا ۽ برابر حق ملن پر پاڻ جتي به وس لڳي ٿو ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ کان باز نٿا اچون.چاهيون اهو ٿا ته ملڪ آمريڪا ۽ يورپ جيان صاف سٿرو هجي پر پنهنجي گھر جو سمورو گند کڻي ٻين جي گھرن سامهون يا روڊن رستن تي ڦٽو ڪندا آهيون.ياد رکڻ گھرجي ته حڪومتون ڪيترو به بدلجن پر جيستائين اسان جا سماجي ۽ اخلاقي رويا نه بدلبا ته ڪجهه به نه بدلبو.حڪومتون ڀلي ڪيترو به ايمانداريء سان ڪم ڇونه ڪن پر جيستائين عوام به پنهنجي ذميداري پوري نه ڪندو،تبديليء جو خواب رڳو خواب ئي رهندو. سٺي ڳالهه آهي جو هرڪو تبديلي چاهي ٿوپر هرڪنهن کي سوسيڪڙو تبديلي گھربل آهي ۽ سابه اک ڇنڀ ۾! گھڻن کي اهو چوندي به ٻڌو ويو آهي ته جيڪر عمران ڪجهه نه ڪيو ته کيس نه ڇڏينداسين.اهي اها حقيقت وساري ويهن ٿا ته عمران ڀلي ڪيڏي به محنت ۽ سچائيء سان ڪم ڇونه ڪري پر سوسيڪڙو تبديلي آڻڻ ڪنهنجي به وس جي ڳالهه نه آهي.ها البت ڪجهه سيڪڙو شيون ضرور درست ٿي سگھن ٿيون ۽ ايتري ئي اميد رکڻ گھرجي.ان ڪري سڀ ڪجهه تبديليء جي خواب پٺيان داء تي لڳائي ٽنگون دگھيري سمهي رهڻ پنهنجو پاڻ سان دوکو آهي.جڏهن سماج جي هر سر ڪمزور ۽ ڪچي هجي ته انهيء مان ٺهندڙ عمارت به اهڙي ئي جڙندي.هر فرد جون جيڪي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداريون سماج طرفان مٿس عائد ٿين ٿيون انهن کي پورو ڪرڻ بدران رڳو حڪمرانن مان اميدون رکڻ هڪ غير فطري ۽ غير عقلي سوچ آهي.اسان مان هر ڪنهن کي پاڪستان ته نئون کپي پر ڪوبه پنهنجا پراڻا رويا بدلائڻ لاء راضي ناهي.اسان کي بحيثيت قوم پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي رويا ۽ سوچون به بدلائڻيون آهن ۽ اهو ڪم ڪنهن حڪومت کي نه پر اسان کي پنهنجو پاڻ ڪرڻو آهي.جيڪر اسان سماج کي ڪرپشن کان آجو ڏسڻ گھرون ٿا ته انهيء مهم جي شروعات اسان کي پنهنجي ذات کان ڪرڻي پوندي.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان ته پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي،ڪاروبار، نوڪري، ملازمت، ڏي وٺ،هلت چلت ۽ ڪار وهنوار ۾ ٻين سان دوکو ۽ خيانت ڪندا رهون ۽ اميد اها رکون ته ملڪ مان بدديانتي ۽ خيانت جو خاتمو ٿي وڃي.روزمرهه جو سامان وڪڻندڙ،ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو ڪندڙ،دوائون ٺاهيندڙ ۽ وڪڻندڙ،استاد،وڪيل،جج ۽ ڊاڪٽر قوم سان ڪهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهن؟ڇا کير ۾ پاڻي ملائيندڙن ۽ کاڌي جي شين ۾ ملاوت ڪندڙن پنهنجن گناهن کان توبه ڪري ورتي آهي؟ ڇا اسان مان هر ماڻهوء آئنده ايمانداريء جي هلت هلڻ جو قسم کائي ورتو آهي؟ڇا اسان مان هر ڪنهن هر قسم جي چوري ۽ سينا زوريء کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪرڻ جو وعدو ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان مان هر ڪنهن قانون تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪري ورتو آهي؟ڇا اسان مان هرڪنهن پنهنجي ديس سان وفاداري ۽ پنهنجن قومي ادارن کي مضبوط بنائڻ جو عزم ڪري ورتو آهي؟ جيڪر ايئن آهي ته پوء يقين سان تبديلي اسان جي اڱڻ تي بيٺل آهي پر جيڪر ايئن ناهي ۽ پڪ سان ايئن ناهي ته پوء جنهن کي جيترو وڻي تبديليء جي خوبصورت خيال سان پنهنجي دل وندرائيندو رهي،انهي سهڻي سپني سان من ريجھائيندو رهي ۽ پنهنجي ان خودفريبيء سان کيڏندو رهي پر تبديلي نالي ڪنهن شيء جو ان واديء مان ڪو گذر ناهي ٿيڻو جتان جا رهاڪو سڀ ڪجهه بدلجڻ جي آس ته ضرور رکندا هجن پر پاڻ بدلجڻ لاء بلڪل تيار نه هجن.

    اسان چاهيون ته اهو ٿاته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي پر جيڪي قانون پهريان کان جڙيل ۽ نافذ آهن انهن تي اسان مان ڪير ڪيترو عمل ڪري ٿو؟ ٽريفڪ جي قائدن ۽ قانونن جي روزمرهه خلاف ورزي ڪندي اسان نه رڳو پنهنجون پر ٻين جون زندگيون به خطري ۾ وجھندا رهون ٿا.اهو ئي سبب آهي جو روزانو جا حادثا معمول بڻجي ويا آهن.روڊ تي اسان مان هرڪنهن کي ٻين کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ جي جلدي آهي.بنان سبب جي هارن وڄائڻ ۽ گاڏين جا سالنسر کولي ڇڏڻ ته ڄڻ اسان جو وڻندڙ قومي مشغلو هجي.پوء ٿوري ٿوري ڳالهه تي گاريون گند ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي ڳچي پڪڙڻ به اسان جو قومي مزاج بڻجي ويو آهي.اسان جي زبانون عام طور تي اسان جي قابوء کان ٻاهر رهن ٿيون.صبر،تحمل ۽ بردباري ته ڄڻ اسان جي ملڪ مان ئي موڪلائي ويئي هجي.هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشي ڪرڻ.ٻين جي ذات تي گند اڇلائڻ ۽ ٻين تي بنان ڪنهن ثبوت جي الزام تراشي ڪرڻ به اسان جي بهترين وندر بڻيل آهي.اسان پاڻ رشوت ڏيئي پنهنجو ڪم آئوٽ آف ٽرن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پوء وري رڙيون اهي ڪندا آهيون ته ميان ! ڏسو رشوت جي بازار ڪيڏي گرم آهي.اسان قومي ۽ اجتماعي طور تي قول ۽ فعل جي تضاد جو شڪار قوم آهيون.جيڪي چئون ٿا ان تي پاڻ عمل نٿا ڪيون ،اندر ڪجهه ٻيو آهيون ته ٻاهر ڪجهه ٻيو.جن کي صبح جو گاريون ڏيون ٿا رات جو ساڳين ماڻهن جون چاپلوسيون ڪيون ٿا.جيستائين اسان بحيثيت قوم پنهنجي اندر موجود انهن اخلاقي برائين ۽ ڪمزورين کي درست ڪرڻ لاء سندرو ٻڌي نٿا بيهون ڪجهه به بدلجڻ وارو ناهي.صرف ڏنڊي جي زور تي سماج ۾ ڪا پائيدار تبديلي آڻي نٿي سگھجي اهو هڪ مڃيل تاريخي اصول َآهي.جڏهن قومون بدلبيون آهن تڏهن ئي سندن حاڪم بدلبا آهن،جڏهن سوچون بدلبيون آهن تڏهن ئي رويا تبديل ٿيندا آهن ۽ جڏهن ذهن بدلبا آهن تڏهن ئي سماج بدلبا آهن.عمل جي هن بي رحم دنيا ۾ رڳو چاهڻ سان پنهنجي مرضيء جا نتيجا حاصل ڪري نٿا سگھجن.
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪو ته آهي جيڪو هن سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿو،،،،،، اچو ته گڏجي ان جو ساٿ ڏيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو