آخر ڇو اسان جو اسپتالون جديد ناهن ٿي سگھيون؟ تحرير: شرفالدين مرکنڊ طاهري

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    آخر ڇو اسان جو اسپتالون جديد ناهن ٿي سگھيون؟ تحرير: شرفالدين مرکنڊ طاهري

    اسان جي ملڪ جون اسپتالو بدقسمتيءَ سان کڻي چئجي ته دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ علاج جي حوالي سان تمام گھڻو پوئتي پيل آهن. جيڪي اڄ صرف اخبارن جي سونهن ۽ مان شان بڻيل آهن. جن جو اسان صرف مطالعو ڪري انهن کي پنهنجن ڪمن ۾ استمعال ڪندا آهيون. جنهن ملڪ ۾ اسان رهون ٿا ان ملڪ ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪمي ته ناهي جڏهن ته اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ هر شيءِ موجود آهيان جي باوجود به اسان جي ملڪ جي اسپتالن جي اندر ته ڪافي وڏين وڏين بيمارين جي مرض جو علاج ته ٿئي ئينٿو، جيئن جگر جي پيوندڪاري آهي يا ٻيون به ڪافي کوڙ سارين بيماريون آهن،جنهن جي متعلق اسان جي ملڪ جا اڪثر ڊاڪٽر چوندا آهن ته فلاڻي فلاڻي بيماريءَ جو علاج هن ملڪ ۾ ناهي؟ آخر ڇو نه آهي ان جو سبب هي آهي ته اڄ جي حڪومت انهن ماڻهن کي عهدا ڏئي ٿي جنهن کي الف با تا جي به خبر ناهي ته پوءِ اهو وري ڪئين وڏي بيماريين جو علاج ڪري سگھندا.اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جو امير طبقو ته بنا ڪنهن پريشانيءَ بنا ڪنهن سبب جي ٻاهر ملڪ هليو وڃي ٿو، اتي وڃي ڪري علاج ته ڪرائي موٽي اچي ٿو، پر غريب عوام ۽ غريب عوام جا معصوم ٻار جن وٽ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ به آهي ته اهي ڪاڏي وڃي سگھن ٿا، جيڪي هڪ ويلو کائين ٿا ته ٻيو ويلو نه ٿا کائين،اهي ڪٿان وري ٻاهري ملڪ مان علاج ڪرائي سگھن ٿا،اسان جي ملڪ جي اسپتالين جي صورت حال تمام خراب آهن، پر خاص ڪري اسان جي صوبي سنڌ جي اسپتالن جي حالت ڪنهن کان لڪيل ناهي،جٿي اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته مريضن کي دوا صحيح طور تي نه ملندي آهي، جڏهن ته اسپتالن جي اندر نه ڪا سهولت آهي، نه ڪا دوائون جي سهولت آهي، نه ڪي سٺا ڊاڪٽر موجود آهن ، نه سٺي کاڌي جي سهولت آهي، نه ڪا پاڻي جي سهولت آهي، نه ڪا صفائي جي، پوءِ ڪهڙي طرح بيمار ماڻهون خوش ٿين.يا وري ان جو ٻيو سبب هي به آهي ته اڪثر ڊاڪٽر پنهنجي ڊوٽي ته صحيح نموني سان ته نه ٿا ڪن ۽ نه وري اسپتالن ۾ رهن ٿا جنهن جي ڪري مريض هلڪي هلڪي بيمارين مان وڏي بيماري تي پهچن ٿا. .جڏهن ته ڪجھ سرڪاري ڊاڪٽر صاحبان صرف پنهنجن نالن تي صحي ڪري پنهنجن نالن سان کليل ڪلينڪ تي وڃي ويهن ٿا ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ صرف اهي ماڻهو ويهن ٿا جن جو ڪم صرف اسپتال جي صفائي ڪرڻ آهي. جن کي اسان پنهنجي ٻولي ۾ پٽيوالو چئون ٿا. هاڻي اسان ۽ اوهان کي سوچڻ گهرجي ته جنهن جو ڪم صرف اسپتال جي صفائي ڪرڻ آهي اهو وري ڪٿان مريض کي صحيح طريقي سان دوا ڏيندا. ۽ ٻيو ته رات جو ڊاڪٽر مان ڪوبه هڪ ڊاڪٽر نه هوندو آهي جنهن ۾ صرف چوڪيدار هوندا آهن اگر چه اهي اسپتال جو در به کولين ته ڇا ٿيندو.مجبورن غريب عوام پنهنجي شهر جي اسپتال کي ڇڏي ڪري ضلع جي اسپتال ۾ وڃن ٿا اتي به 8.00 بجه اسپتالون کولن ٿيون، جن کي پٽيوالا اچي ڪري اسپتال کولين ٿا، ۽ ڊاڪٽر وري ان کان بعد ۾ اچن ٿا.ته ڇا جيڪو رات کان وٺي ڪري هن بيماري ۾ آهي ان جو ڇا حال هوندو ان تي اسان پاڻ سوچي سمجھي سگھون ٿا.

    جيڪڏهن اسان ڪيترو به حقيقت کان منهن موڙيون پر اها ئي سچائي آهي ته اسان جون اسپتالون جديد ناهن. انهن اسپتال جي ڪري مريض بهتر علاج حاصل ڪرڻ جي بدران ويتر ڀوڳي ٿو، جڏهن ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جو ڪم صرف اسپتالن جو دورا ڪرڻ هوندو آهي. ۽ رڳو ميديا سان ڳالهين جي مٿان ڳالهيون هونديون آهن.عمل ٽڪي جو به نه. ڇا انهن جي ڳالهين سان ملڪ جي اندر تبديلي ايندي.ڪاش جيڪڏهن اسان جا حڪمران ۽ ڊاڪٽر هڪ دفعو پنهنجي گهر ڀاتين کي انهن غريبن جي جگھ تي پاڻ کي رکي ٿورو سوچين ته کين احساس ضرور ٿيندو ته پنهنجن پيارن عزيزن جو بهتر علاج نه ڪرائي سگھندڙن جي دل تي ڇا گذرندو آهي. خدارا ڪجهه غريبن جو احساس ڪريو جن جي ڪري اوهان اعلى عهدن تي موجود آهيون.صحت اسان سنڌ واسين جو بنيادي حق آهي اسان کي اسان جو حق ڏيو
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو