هن ٽيمپليٽ جي حوالي سان آئون اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان. موضوع پڙهو هي ٽيمپليٽ جيڪو آئون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان اصل ۾ هي ٽيمپليٽ انگريزي ٽيمپليٽ جو ترجمو آهي. ٽيمپليٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ان لاءِ ڪيو جو ڇاڪاڻ ته سنڌي بلاگنگ لاءِ سٺا ۽ ريسپانسو ٽيمپليٽ نه هئڻ جي برابر آهن. ان ڳالهه کي مدنظر رکي هن ٽيمپليٽ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيم ته جيئن سنڌي بلاگنگ ۾ اضافو ٿئي. اميد ته هي ٽيمپليٽ اوهان کي ضرور پسند ايندو. بلاگر ٽيمپليٽ ڪيئن اپلوڊ ڪجي ۽ ان کي ڪسٽمائيز ڪيئن ڪجي. ان سوالن جا جواب اڳ ۾ ئي سنڌ سلامت فورم تي موجود آهن. تنهنڪري آئون هتي اهيو لکڻ مناسب نٿو سمجھان. جيڪڏهن توهان سنڌي بلاگنگ جي سکيا جا موضوع پڙهڻ چاهيو ٿا ته سنڌي بلاگنگ سيڪشن ۾ اچو. ٽيمپليٽ جو ڊيمو ٽيمپليٽ ڊائون لوڊ ڪريو
سڀ کان پهرين مٿي ڏنل لنڪ تان ٽيمپليٽ کي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ وري نئين سر اپلوڊ ڪريو. ڇاڪاڻ ته ٽيمپليٽ ۾ ڪجهه اهم تبديليون ڪيون اٿم. توهان جو مسئلو اها تصوير اصل ۾ فيويڪان آهي جنهن کي توهان آساني سان پنهنجي تصوير سان بدلائي سگھو ٿا. طريقو هيٺ ڏجي ٿو. لي آئوٽ تي ڪلڪ ڪريو. بلاگر جي لي آئوٽ ۾ سڀ کان پهريان فيويڪان ڏنل آهي. ايڊٽ تي ڪلڪ ڪري تصوير بدلايو.