وارهه تعلقي جي عوام کي منهنجو سلام آهي....!!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    وارهه تعلقي جي عوام کي منهنجو سلام آهي....!!

    تحرير: شرف الدين مرکنڊ طاهري

    اڄ هن دجالي دور ۾ اسان کي چيو ويندو آهي ته تاريخ جي ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان سٺي ۽ بهترين تاريخي معلومات حاصل ٿيندي آهي، جنهن مان تاريخ جون ڳالهيون ۽ هر دور جي بادشاهه جي متعلق معلومات هر تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود هوندو آهن. جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان اسان کي اها معلومات حاصل ٿيندي آهي، پر اڄ اسان جي هن دجالي (جنهن کي اسان جديد دور به سڏيندا آهيون) دور جي معلومات روزاني شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ حاصل ٿيندي، جنهن ۾ ملڪ جي حڪمرانن جون خبرون، ملڪ ۾ رهندڙ وڏيرن جي ظلم ۽ ڏاڍ جون خبرون، ملڪ جي چور آفيسرن(يعني نوڪري نه وارا آفيسر) جون خبرون، ملڪ کي “يتيم” ڪندڙ ۽ ملڪ کي لوٽيندڙن حڪمرانن جون خبرون، ملڪ جي ويران ٿيندڙ شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون، اسان جي ملڪ جي عورتن سان ٿيندڙ بي انصافيون ۽ عورتن جي قتل جا ٿيندڙ واقعا، قتل ۽ خونن جا واقعا، معصوم ننڍڻ ٻارن سان ٿيندڙ ظلم ۽ انهن سان ٿيندڙ قتل جا واقعا، ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ ظلم جا واقعا. ۽ انهن سان ٿيندڙ واقعا، مطلب ته هر خبر اخبارن جي ذريعي اسان کي ضرور ملندي آهي، پر ان جي بجاء اڄ جا حڪمران انهن ڳالهين کي عام ڳالهيون سمجھي ڪري ان تي عمل ڪرڻ جي بجاء انهن کي وساري ڇڏيندا آهن، ۽ نه وري ان تي ٿورو ڌيان ڏيندا آهن. اسان ۽ اوهان کي اها اخبار ڪجھ منٽ جي لاءِ اسان جي اکين مان لڙڪ هارڻ تي مجبور ڪندي آهي، ان کان پوءِ وري اسان ان اخبار کي پنهنجي دڪان وغيرهه جي ڪم ۾ استعمال ڪندا آهيون.

    اڄ مان ان شهر تي قلم جي ذريعي لکڻ چاهيان ٿو ته جنهن شهر کي اڄ جي حڪمرانن ويران شهر جي مثل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن شهر جي روڊ رستن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن شهر جي تعليم ۽ اسڪولن، درسگاهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن شهر جي بجلي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جيڪا 24 ڪلاڪن مان صرف چار ڪلاڪ هلي ٿي باقي ويهه ڪلاڪ بند آهي، جنهن شهر جي اسپتالن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته تعلقي جي اسپتال عوام جي فائدي جي بجاءِ نقصانڪار بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ نه سٺا ڊاڪٽر موجود آهن نه وري عورتن جي ويم گھر جي لاءِ ڪا سٺي ڊاڪٽرياڻي موجود آهي صحت کاتي جي لاپرواهي جي ڪري اڄ غريب ماڻهن کي ڪا به سهولت ميسر نه ٿي ملي، جڏهن ته تعلقي جي اسپتال مان غريب عوام کي هڪ به گوري نه ٿي ملي، اسپتال ۾ بيمار ماڻهن جي پيئڻ جي لاءِ پاڻي به نه آهي ۽ نه وري بجلي آهي، ۽ نه صفائي جو بندوست ٿيل آهي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ۽ دوائن جي کوٽ هجڻ جي ڪري غريب عوام دربدر زندگي گذاري رهيو آهي، جنهن شهر جي شاخن ۽ واهن کي تباهه ۽ ختم ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب جي ڪري اڄ ان شهر جي علائقن جو پاڻي ڪوڙو زهر ٿيڻ لڳو آهي، جنهن مان ڪافي علاقن جي اندر ڪافي کوڙ ساريو بيماريون پيدا ٿيڻ لڳيو آهن، جنهن شهر جي صفائي سٿرائي کي خراب ڪري ڇڏيو آهي،جنهن شهر جي ماڻهن کي يتيمن جي مثل “يتيم” ڪري ڇڏيو آهي. اهو وارهه تعلقو آهي جيڪو ضلع قمبر شهدادڪوٽ جو تعلقو آهي.جنهن کي اڄ جي حڪمرانن “يتيم شهر” بڻائي ڇڏيو آهي هن شهر جي آبادي تمام گهڻي آهي. جنهن جو مان انداوزو نه ٿو بيان ڪري سگھان ۽ نه وري لکي سگھان ٿو. هن شهر جو عوام هميشه کان پ پ جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي، ۽ اڄ به ڏئيندو رهئي ٿو، ۽ هن شهر جا ماڻهون همشه پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندا رهيا آهن، جنهن جي اڄ به تاريخ گواهه آهي.جنهن جو تذڪرو هن طرح آهي ته 1985ء ۾ قاضي اختر ايم پي اي،1988ء ۾ نثار احمد کھڙو ايم پي اي،1997ء منور علي عباسي ايم پي اي، نجم الدين ابڙو، ايم اين اي، نواب سردار خان چانڊيو، نواب سلطان احمد چانڊيو، محترم بيگم اشرف عباسي،نواب شبير احمد چانديو،خالد اقبال ميمڻ، ، عامر خان مگسي ۽ هن وقت وارهه تعلقي جو ايم پي اي برهان خان چانڊيو آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي هيڏي وڏي تاريخ ھوندي به ۽ ھميشه پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائيندڙ ھي وارهه تعلقو سڀني بنيادي سھولت کان محروم، جھڙوڪ بجلي،گئس، روڊ رستا،نيڪال جي سهولت،تعليم،اسپتالون، پاڻي ۽ ٻين اهم سهولتن کان محرومي جو نشان بڻجي چڪو آهي.

    جيئن ته اخبارن جي معالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اڄ به وارهه تعلقي جي هارين ۽ آبادگارن کي زراعت جي لاءِ اڃا تائين پاڻي نه ملي سگھيو آهي. جنهن جي ڪري وارهه تعلقي ۾ اڌ کان گھڻيو زمينون غير آباد ۽ ربــڻ کان رهجي ويو آهن، وارهه تعلقي جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جو ڌڪ به موجود ناهي، جڏهن ته وارهه تعلقي سان هي شاخون ملن ٿيون، جيڪي هي آهن، نصير شاخ، نواب شاخ، ڪنور شاخ، پناه شاخ،حامد شاخ، ميرواهه شاخ ۽ ٻيو ڪافي ساريون شاخون آهن جيڪي وارهه تعلقي سان ملن ٿيون.جڏهن ته هي سڀ شاخون وارهه تعلقي سان پڇاڙي ۾ وڃي ڪري ملن ٿيون. جنهن جي ڪري وارهه تعلقي جي شاخن ۾ گھٽ پاڻي اچي ٿو، جنهن سان وارهه تعلقي جي آبادي کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. جڏهن ته وارهه تعلقي مان ڪامياب ٿيندڙ 25 جولاءِ 2018ء تي چونڊيل ايم پي اي برهان خان چانڊيو، ايم اين اي مير عامر مگسي به مسئلو حل ڪرڻ جي بدران هارين ۽ آبادگارن کي ڪوڙا آسرا ڏيندا رهن ٿا.آخر ڪيسيتائين هي وارهه تعلقي جي عوام کي آسرا ڏيندا.

    هن وقت وارهه تعلقو جي حالت پاڻي جي حوالي سان سنڌ جي سڀني شهرن کان وڌيڪ متاثر بڻجي ويو آهي. وارهه تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ ته ضرور آهي پر اصل مسئلو ڪرپٽ آبياشي ڪامورن جو آهي جيڪي پاڻي کي وڪڙو ڪري پنهنجي پيٽن کي ڀرن ٿا،مان انهن حڪمرانن ۽ آفيسرن کي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو قول مبارڪ ياد ڏياريا ٿو، انهن حڪمرانن کي کپي ته حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي زندگي مبارڪ ۽ سيرت جو مطالعو ڪيو ته اوهان کي خبر پوندي ته حضرت عمر فاروق رضي الله عنه ڪهڙي شخصيت هئي، جنهن جو فرمان عاليشان آهي ته اگر جيڪڏهن منهنجي حڪومت ۾ نيل ندي جي ڀر سان ڪنهن به جانورن جو ٻچو اڄ ۽ بک جي ڪري مري وڃي ۽ اهو حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو دور هجي ته ان جي متعلق مون کان ضرور پڇاڻو ٿيندو، اها ئي عوام سان محبت جو درس آهي ۽ اها ئي انسانيت جي سڃاڻپ آهي جنهن جو اسان کي سهڻي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه اسان کي سبق ڏنو. اگر جي اڄ جا حڪمران ان قول ته ڌيان ڏين ته اڄ اسان ملڪ سڌري وڃي.

    جڏهن ته وارهه برانچ جي مدئجي سب ڊويزن کي به پاڻي ملي ٿو، پر وارهه تعلقي کي پاڻي نه ٿو ملي جنهن جي ڪري هر پاسي تباهيءَ جا منظر سرعام نظر اچن ٿا. تنهن جي ڪري اڄ وارهه تعلقي مان ڪافي تعداد ۾ شهري لڏي ويا آهن ۽ ڪافي لڏڻ جي تيارين ۾ آهن. وارهه تعلقي سان تعلق رکندڙ هارين ۽ آبادگارن جو ڪجھ ڏينهن پهريان لاڙڪاڻي جي چيف انجنئير جي آفيس ۾ ويا هئا، جيڪي چيف انجنيئر اعجاز شيخ سان مليا هيا، جنهن ڳالهيون ته ٻڌيون هيو وارهه تعلقي جي هارين ۽ آبادگارن جون، پر ان وارهه تعلقي جي هارين ۽ آبادگارن کي پاڻي ڏيڻ بجاءِ کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، ۽ چيف انجنيئر جو چوڻ هو ته مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته بلوچستان جي پورت ڪئي وڃي. ان جو مطلب ته ڀلي مري وارهه تعلقي جو عوام، ٻيو ته جيڪو هن جواب ڏنو هو ان جو سبب هي آهي ته وارهه تعلقي جي حصي جو پاڻي واقعي بلوچستان جي طرف موڪليو وڃي ٿو جنهن جي ڪري اڄ وارهه تعلقي ۾ ڏڪار جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. وارهه تعلقي جي هارين ۽ آبادگارن جو چوڻ هيو ته اسان سان هر سال جيا هن سال به ڌوڪو ڪيو ويو آهي، ۽ اسان سان ڪوڙا واعدا ڪيا وڃن ٿا،جڏهن ته اسان سان چيف انجنيئر راند ڪري رهيو آهي ۽ هي بلوچستان جي بااثر سردارن ۽ وڏيرن سان ملي ڪري ڀڳت ڪري ٿو، جنهن جي ڪري اسان کي هر دفعي ڪوڙا آسرا ڏنا وڃن ٿا ۽ اسان کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.

    پاڻي جي کوٽ سبب وارهه تعلقي جي شديد متاثر ٿيندڙ ديهن ۾ حمل، چڪ، فريدآباد، مرزاپور، بشارت، ميرپور، جوڻاڻي، نانگ دوڙ، ڳرهي ماڪوڙ، گل ٻرڙو، کنڊو، ۽ ڳڙهي جاگير، ۽ ٻيو ديهو شامل آهن. وارهه سب ڊويزن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي جٿي 50 کان مٿي شاخن تي ٿيندڙ زرعي آبادي تباهه ٿي رهي آهي، ۽ هزارين ايڪڙڻ زمينون بنجر بڻجي ويو آهن. جيئن ته چيف انجنيئر اعجاز شيخ جو 31 جولاءِ تي وارهه تعلقي ۾ ڪانفرنس ٿي هئي، چيف انجنيئر اعجاز شيخ ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته وارهه تعلقي جي صورت حال ڏسي مون کي ڏاڌو ڏک ٿيو آهي، ۽ وارهه تعلقي جي عوام کي منهنجو سلام آهي جو توهان اهڙي زندگي بسر ڪري رهيا آهيون ،سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو،نادر خان مگسي عامر خان مگسي ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اپيل ڪندم ته خدارا وارهه تعلقي جي سنڀال لهو اهو وارهه تعلقو اڄ اهو نه رهيو آهي جيڪو پهريان هو.خدارا وارهه تعلقي جي عوام تي مهرباني ڪري زمينون آباد ڪرڻ جي لاءَ پاڻي ڏيو ته اسان پنهنجي فصلن کي پاڻي ڏيو.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو