“ڪنڊين سڱري ٻٻر نه پلڙو” شوڪت لوهار

'ڪالم' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2018۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    اندر ۾ تير جيان چڀندڙ سِٽون جارج آرويل جي علامتي ناول اينمل فارما جون آهن، جن ۾ جانور پاڻ ۾ گفتگو ڪندي اهو چون ٿا ته سندن زندگيون ڏکيون ۽ ننڍيون آهن. سندن ساهه سدائين ٽياس تي ٽنگيل رهي ٿو ۽ انهن کان ايتري مزدوري ڪرائي وڃي ٿي جو انهن جي طاقت زندگي جي آخري اُڻي تائين رسي وڃي ٿي.

    اها ساڳي ئي ميار اڄ اسان کي ٿر جو اداس ۽ مرجهايل چهرو ڏيئي رهيو آهي. هن ديس جي اکين ۾ آيل سانوڻ ان ڳالهه جي ساک ڏيئي ٿو ته جيتوڻيڪ ٿر جي خشڪ سالي، سوڪهڙو ۽ ڪارو ڏڪار آهي پر سندن اکين ۾ لٿل لڙڪ انهن جي حياتي ۾ آيل آهنجن جو اولڙو بڻجي انهن جا ترجمان Spokes man بڻجي رهيا آهن.

    ٿر جتي هن وقت موت رقص ڪري رهيو آهي هي اهو ساڳيو ئي ديس آهي جتي مور ٽهوڪا ۽ پولڪا جي پڪار تي سڀ ٿريا جهومي اُٿندا هئا ۽ آگم جي مڙڻ جو سانگ بڻجندا هئا.
    ٿر جا مور ۽ انهن مورن جون ٻوليون، اِهي سڀ رنگ ٿر جي دلربا واريءَ کي ڪنهن فئنٽسي کان گهٽ ڪونه بڻائين ٿا. ٿر ٻاٻيهي جو ٻولڻ ۽ ڪنهن ٿاريلي جو ڪو گيت زندگي جي جمال کي ڪيڏو نه لڀائيندڙ بڻائي ڇڏين ٿا، پر هِن وقت اِهو ٿر اداس آهي، موت جو مسڪن بڻيل آهي، جتي بک وگهي ماڻهو توڙي مورن جي موت جو منظر جڳهه جڳهه ڏسي سگهجي ٿو. ٿر ٻاٻيهو خاموش آهي. ٻاٻيهي کي ٿر جي اُڃ اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي. هن جي ڪُٺل روح ۾ جيڪي ٻوليون آهن، اِهي سڀ چپ ٿي چڪيون آهن. ٿاريلن جا لوڪ گيت به پنهنجي معصوم ۽ ابهم ٻارڙن جي موت تي ردالين جو ڪو پار بڻجي ويا آهن. چوڏس هڪڙي اوندهه انڌوڪار آهي ۽ مٿان اڪيلو آسمان آهي، جيڪو ٿر جو ساکي بڻجي ان جي هن المئي تي نوحه خوان آهي.

    هي اِهو ٿر آهي جتي نم جي وڻ جي ڇانو جڏهن جهجهو پنڌ ڪري اچڻ کانپوءِ ماءُ جيان پنهنجي هنج ۾ وٺندي آهي ته مسافر جي مسافت ئي ختم ٿي وڃي ٿي. هي اهو ديس آهي جتي اڪن جون ڦلڙيون دنيا جي حسين ترين واس جو منظر پيش ڪنديون آهن. پر هاڻ هتان خوشيون موڪلائي ويون آهن. هتان ٽهڪ تري ويا آهن. هتان مرڪون موٽي ويون آهن اڳي مورن جو ناچ هوندو هو هاڻ موت جو ناچ آهي. مينهن جون ڪڻيون هن ديس کي جل ٿل ڪري ڇڏينديون هيون هاڻ هن ديس واسين جون اکيون انهن جي اندر جي ڀنين جا ڇاپڙ ڪيرائين ٿيون. واري جيڪا روشني ۾ چنڊ جي مِٽِي لڳندي هئي هاڻ ٿرين جي حالت زار تي شام غريبان ۾ محو آهي.

    ماڻهو مدعو ٿيل آهن، ٿرين جي بربادي ۽ اجتماعي موت جو منظر ڏسڻ لاءِ ”واهه واهه! ڪهڙو نه خوبصورت ۽ ونڊر فل منظر آهي. انهن بابوئن لاءِ انهن ممي ڊيڊي جنريشن لاءِ جيڪي کير ٿر جي سائي ۾ ويهي پنهنجون محروميون مٽائي بوتلون خالي ڪري، ٿوهر جهڙي خوددار وڻ جي ڪاٺي کي پنهنجي Frustration جو ساکي بڻائي پاليوٽ ڪرڻ لاءِ، هنن لاءِ هي سڀ تماشو آهي، هي کيل آهي.

    ٿر جي وجود ۾ لهي آيل هي ڪارو ڏڪار ۽ سوڪهڙو ڪا نئين ڳالهه ٿورو ئي آهي. هي ته هر وقت جا منظر آهن. هونئن ته سڄي سنڌ جيڪا آهي ته پرين جو پاڇو پر هي سڄي سنڌ هڪ وڏي ڪاري ڏڪار کي منهن ڏيئي رهي آهي؟

    سنڌ جي تعليم ۾ ڏڪر آهي، سنڌ جي صحت ۾ ڪارو ڏڪر آهي، سنڌ جي ادارن جي اندر قحط سالي ريهون پئي ڪري، سنڌ جي Law and order جي صورتحال ۾ سوڪهڙو پيوست ٿي چڪو آهي. سنڌ جي اندر ۾ بيمارين، روڳن، ڏکن ۽ آهنجن ائين ديرو ڄمايو آهي جيئن چٻرا قبرستانن جي پراڻن کي مسڪن ٺاهيندا آهن. هي خوبصورت کيل تماشو جاري آهي ۽ اسين سڀ تماشبين آهيون...! سنڌ جي موچاري صورت ۽ سنڌو جو ميٽوڙو پاڻي ڪارنهن الزام هڻي موت جي ننڊ سمهاريا ويا آهن. هتي هوا جي ڌيءَ غير محفوظ بڻجي ويئي.

    دهشت ۽ وحشت جي ديو سنڌ جي وشال ۽ ٻانهون ڦهلائي بيهندڙ صوفي وجود کي ڪند ذهنين ۽ برقعن جي بي پناهه واپار آهسته آهسته تصوف جي تناور ڏار کي ڍرڪائي ڇڏيو آهي. ماڻهو ماڻهو کي ماري رهيو آهي. موت آهي جيڪو هر لمحي هر ساعت اسان جو مهمان بڻيو ويٺو آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ عوامي ڀلائي هاڻ عام ماڻهو لاءِ هن چٿر ۽ ٺٺولي کان وڌ ڪجهه به نه رهيون آهن. ٿر جي ٿڌي واري هاڻ انتهائي گرم ٿي چڪي آهي. هي محرومي ڪو وقت ته ناهي هي اداسي ڪو هن لمحي جي ته ڪونهي، هي ڪل وقتي ڏڪر آهي، هي روئاٺ جيڪو هڪ ٿري ٻار جي وجود جي توانائي جو آخري احتجاج آهي، اهو اسان کان ڪيئي سوال پڇي رهيو آهي پر ڇا ڪريون منافقت ۽ خود غرضي جا ماسڪ پاتل اسان جا چهرا، هر بل ميڪ سان سينگاريل اين جي او جي مڊمن ميمن جا چهرا سڀ ڪجهه ڪوڙ ۽ ٺڳي جي مٽي سان ڳوهيل اسان جي ڪنن ۾ شيها وڌا ويا آهن، اسين سڀ انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ٿي ويا آهيون صرف تاڙيون وڄائڻ لاءِ ئي پيدا ٿيا آهيون ٿر ۾ ڏڪار جو سبب تقدير سان گڏ اِها سرڪار سڳوري به آهي جنهن هن بدنصيب ماڻهن جي ديس تي ڪابه توجهه نه ڏني آهي. ٿر کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڄاڻي ٻجي هن دنيا کي هڪ الڳ دنيا ٻيٽ بڻايو ويو آهي. پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل سڌريل ۽ اڻ سڌريل آريا ۽ اڻ آريا جا سَنڌا وڌا ويا آهن. ٿر جيڪو صرف هڪ خطي هڪ علائقي جو نالو نه آهي پر هڪ زندگي جو نالو آهي جيڪا جيسلمير جو جوڌپور کان شروع ٿئي ٿي ۽ پنجاب جي روهي ۽ چولستان تائين پهچي ٿي.

    سرحد جي هن پار ماڻهو تفريح لاءِ ٿيئٽر ۽ سئنيما ۾ ويٺا آهن، روشنين جا جهرمٽ ۽ زندگي جي تازگي جو عجب احساس ٿر جي هن پار ٻاٻيهي جي نڙي مان وهندڙ رت ۽ اڪن جي اوٽ ۾ پاڻي ڦڙي لاءِ موت ڏانهن وڌندڙ مور خوشي بجاءِ ماتم ۾ مصروف آهن، ڇا هي سڀ اتفاق آهي؟ ڇا هي سڀ اها شيءِ آهي جنهن کي اسين قسمت جو نالو ڏيئي بند ڪري ڇڏيندا آهيون؟

    ٿرين ۽ ٿاريلين جو موڊ ئي پنهنجو آهي هي ماڻهو ڏکن ۽ ڏوجهرن کي پنهنجي نصيب ۾ لکيل ڪو لوهه قلم ڪلام سمجهن ٿا، هي ماڻهو پنهنجي زندگين ۾ لهي آيل بک، اُڃ، بدحالي، ٻارڙن جو موت، جانورن جو موت سڀ ڪجهه انهيءَ پيئڻ بلاءُ جي وات ۾ زهر هاري وڃي ٿي، جڏهن ٿريا ننڊ ستل هجن ٿا، هي سمجهن ٿا شايد هن دفعي پيئڻ بلا پنهنجو وجود مٽايو آهي، شايد پيئڻ بلا جڙيون مٽايون آهن ۽ هاڻ پيئڻ بلا شايد سوڪهڙي ۽ ڪاري ڏڪر جي روپ ۾ انهن وٽ مهمان ٿي آهي. واقعي هن دفعي هن پيئڻ بلا جيڪا سرڪار جي لاپرواهي جي روپ ۾ جيڪا ڪامورن جي وڌيل پيٽ سان ڪيل پنهنجي ايمانداري واري خدمت جي روپ ۾ يا شايد ٿري عورت جو حال معلوم ڪندڙ انهيءَ اين جي او جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ گفتگو محل جنهن جي هٿن ۾ منرل واٽر جي بوتل آهي ۽ هو ان بوتل مان ڍڪ به ڀري رهيو آهي ٿاريلين جي ڏکن ۽ دردن جو داستان به سڻي رهيو آهي. سڀ پيئڻ بلا، پيئڻ بلا تنهنجا ڪيڏا روپ؟

    هر دؤر ۾ هنن ماڻهن جا ڏک ۽ مجبوريون ڪيش ڪرايون ويون آهن. ووٽ وٺڻ لاءِ ۽ ووٽ جي بي ست بي زبان مخلوق بڻائڻ لاءِ هنن ماڻهن کي هميشه اقتدار جي ٻلي تي چاڙهيو ويو آهي. هتان جا راڻا، سوڍا، ارباب ۽ سردار سڀ ئي سڀ ٿرين جي ووٽن تي اسيمبلين جي ٿڌڪار ۾ بيلٽ تي ٿر سفاري رانديون کيڏندي ڪڏهن ميڊيا ته ڪڏهن ڪنهن مخالف جي بيانن تي واڪا پيئي ٿيا آهن. هتان ووٽ وٺي ويندڙن جون زندگيون ته بدلجي ويون پر نه بدليون آهن ته ٿر واسين جون زندگيون نه بدليون آهن. ٿر مان ڪامياب ٿيندڙ خبر ناهي ڪٿي وڃي رسيا آهن. پر لڳي ٿو ٿرين جي زندگي جو ٽائيم پيس اُتي ئي اتي بيٺو آهي. ساڳيو کوهه آهي جنهن جو رسو ڇڪي ٿر جون ناريون پنهنجي ٻچڙن جي خشڪ ۽ نيم بيهوش سُڪل چپن تي پاڻي ڦڙا رکي انهن کي جيئڻ جو احساس ڏين ٿيون پيون. صاحب! جيپ ۽ پيجارو ۾ شيشي اندر ويٺو آهي ٿري ساڳيو کيکڙي ۾ ائين پيو هلي جيئن سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ موهن جي دڙي جي نشاني ڏاند گاڏي، ٿرين جي زندگي ايڏي آهسته ۽ ووٽ وٺندڙ جي ايڏي تيز ايڏو تفاوت ايڏو فرق، منافقت جي به ڪجهه ته اخلاقيات هجڻ گهرجي! ٿر صرف مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڇاڇرو تائين ختم ڪو نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ننگرپارڪر آخري حد آهي، ڦوڏي سر کان اڳتي به ماڻهو رهن ٿا. ان ڪري جيڪي پري پري ڳوٺ آهن انهن ۾ موت پنهنجو وارو وڄائي چڪو آهي ۽ انهن بي پهچ ماڻهن وٽ ڪو به نه پهچي سگهيو آهي انهن وٽ امداد جي نالي ۾ ملندڙ خيرات نه پهچي سگهي آهي. ڏورانهن علائقن ۾ ڳوٺن ۾ ماڻهو مرڻ شروع ٿيا آهن ٻارڙا بک ۽ اُڃ جي تڙپ نه سهي مري چڪا آهن پر اسان وٽ صرف 109 رپورٽ ٿيا آهن جيڪي ٿر جي هيڏي ساري وشال وجود ۾ آيل هن دهشتگرد ڏڪار جي قهر جي اڳيان تمام ٿورا انگ آهن. امداد جي ورڇ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جي ضرورت آهي پر حڪومت کي پنهنجي مصروفيت کان فرصت ملي ته پوءِ ڏسي ٿا وٺون ٿر کي به جهڙي مجرماڻي غفلت آهي.

    سنڌ ۾ جڏهن به ڏڪار ۽ مصيبتون اينديون آهن ته عوام ۽ انهن جا وسيلا مرندا آهن پر ڪامورن جي بئنڪ بيلنس ۽ انهن جي منهن تي موچاري رونق اچي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته ڏڪار ته ايندا ويندا رهندا پر هي موقعا وري هٿ ڪو نه ايندا آهن، تنهن ڪري هاڻ ڪامورا پنهنجي اهل عيال سان گڏ يارن دوستن کي پڻ اڏي ڇڏيندا ۽ باقي جيڪا امداد بچي سا گودامن جي حوالي ڇاڪاڻ ته ڪيڙن ماڪوڙن کي پڻ کاڌ خوراڪ گهرجي نه؟

    هونئن ته اسان وٽ خير جي نه خبر آهي ۽ خير جا ڪم به اسان جيڪي ڪيا سي ڪيا پر هي گهڙي آزمائش جي آهي، انهن سرندي وارن ماڻهن لاءِ جيڪي وڏيون وڏيون پلازائون ٺهرائي پئسا گڏ ڪن ٿا، روڊ ۽ رستن تي ناقص مٽيريل استعمال ڪري پنهنجي بئنڪن جي انگن اکرن کي وڌائين ٿا، انهن بيبوئن ۽ ميڊمن لاءِ جيڪي پنهنجا ڦلترو ۽ بل ڊاڪ ڪُتا مهانگي اگهه تي اٽلي مان گهرائين ٿا، انهن لوڪل چي گويرا ۽ چيگويراڻين لاءِ جيڪي ڊگها ڀاشن ڏيئي سهڪي پون ٿا، جن جو مذهب انسانيت آهي هي انهن ماڻهن لاءِ آزمائش جي گهڙي آهي، جيڪي دانشور عقل جا اڪابر ۽ يورپ جي منڊين ۾ پنهنجي دانش ۽ عقل جو وڪرو ڪري مال ميڙي وري پين هٿن ۾ جهلي ڏاڍن خوبصورت کنڊ لڳل لفظن سان اسان کي لطيف جا بيت ٻڌائين ٿا.

    هن وقت ٿر مري رهيو آهي، ٿر جي وجود ۾ جيڪي سائون گولون هيو اهي ختم ٿي چڪيون آهن. ٿر جون ڀٽون سڪتي ۾ آهن، ٿر جا ٿاڪ سڀ ويران ٿي چڪا آهن، ٿر جي خوبصورتي دغدار ٿي چڪي آهي، ٿر اسان کي ميار ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهي. ڇو ته ٿري ماڻهو نه احتجاج ڪن، نه هاءِ ويز بلاڪ ڪن، نه جلاؤ گهيراءُ ڪن، هي مسڪين مارو ماڻهو اسان جا پنهنجا آهن هي اسان جي وجود جو حصو آهن، جيڪڏهن اسان منافقن جي عينڪ لاهي ڏسون ۽ اسان کي ٿرين جو اڇو اجرو وجود نظر اچي ته اسين انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا.

    سرڪار کي پڻ ٿر ۾ مستقل بنيادن تي وڏيون حڪمت عمليون جوڙڻ گهرجن ٿر جو ڪارو سون (ڪوئلو) ٿر جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ٿيڻ گهرجي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جڏهن اسين پنهنجي ضمير جي درٻار ۾ ٿرين جي مدد جو ڪو فيصلو ڪنداسين.


    روزاني سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو