تــــــعــارف:- اڌڙ ستين ڪلاس جي شاگرد ۽ معاشري جي ٻيکيائي جي ور چڙھيل غريب جي ٻار جو ڪردار آھي اڌڙ: (گهر کان اسڪول لاء نڪري ٿو ۽ پئ سان ھم ڪلام آھي ) وه ابو وٺي ڏي کڻي هڪڙو بڪ روز ٿو مار کانوان رمضان: اڙي اڌڙ ھڏي اچ اڌڙ: ابو جهلينس جهلينس مانکي اڌڙ نه چوي نه ته مان به رمضو چوندو مانس اڌڙ جو پئ: پٽ تون ڪن نه ڏينس ڀلا ڇا ڪيونس ڀلي پيو وات هڻي...، رمضان: اڙي ڇورا ٻڌي ڪون ٿو هيڏي اچ وڃي ڍور ڇڏي آ اڌڙ جو پئ: ير هي ته اسڪول ٿو وڃي رمضان: ها سائين هي ڀي سڀاڻي ايم ئي چڙھندو هڪ آڱوٺي جيترو قد ٻيو وري ڏندو هيڏيون واڇان هاهاها... (ايتري ۾ رمضان جا ٻار رڪشه ۾ سوار اسڪول ويندي اتان گذرن ٿا اڌڙ پتڪڙين خواهشن سان ڀريل نظرن سان ڪڏھن ويندڙ رڪشي ڏي ڪڏھن رمضان ته ڪڏھن پئ ڏي نهاري وري ڪنڌ جڪائي ٿو ) اڌڙ جو پئ: ( دل ۾ ڳوڙھن کي پيندي گنگار نظرن سان پٽ ڏي ڏسندي زخمي ۾ لفظن ۾ چوي ٿو…) وڃ پٽ ڇڏي موٽ ڀلا هن جا ڍور ڇا ڪيون اڙي اُجهي ٻه چارڏوڪڙ ڏيندو آھي هي به نه ڏيندو ته ٿينداسين درپدر...، رمضان: ٻڌ وات ڦاٽا موٽ تي ننڍن ڦرن لاء گاه جي ڀروٽڙي کنيون آ آڌڙ: چاچا اسڪول کي دير ٿي ويندي استاد ماريندو (پڻس دل ۾ ڪجه ڀڻڪيو) رمضان :اڙي جيئن چوان ئي ٿو ائين ڪر ماستر کي منهنجا سلام ڏجان (ڦاٽل ڪپڙا حسرتون ليڙون ليڙون هٿ ۾ اڍ ٽٽل روغن لٿل سليٽ پاڻ سان معاشري جي ٿيندڙ ھر ناجائزي کان بي خبر رستي سان هلندو ڇڙٻون لوهون سهندو جهنگ ۾ پهچي ڍور ڇڏي ٻني مان ملڪ جون واڳون سمڀاليندڙ ھٿن جو ظالم معاشري جي ڪري غلط استعمال ڪندي پڙھڻ بجاء گاه ڪري پوئتي موٽيو ٻاراڻي ۾ ھِت ھُت بيهندو کيڏندو پهتو ته 11 ٿي ويا... اڌڙ: چاچا ڍور صفا وچ ٻني ۾ ڇڏي آيو آھيان پر منجهد ٿي وئي آھي استاد ماري ڇڏيندو رمضان: اڙي ڇورا مٿو ٿيو اٿئي خراب هي ڪو اسڪول جو ٽائيم آ ھاڻي اجهو اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻار موٽيا سڀاڻي وڃجان استاد سان مڙئي ڪوڙ ھڻجان. اڌڙ : (هڪ ٿڌڙي ساھ سان پنهنجي سوچن جي چادر کي ويڙھي) صحيح آ چاچا (چئي ٿورو اڳتي مس ٿئي ٿو)…، تحرير صدا ھلندڙ......