• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غريب جو ٻار ۽ معاشرو

صدا حسين

سينيئر رڪن
تــــــعــارف:-
اڌڙ ستين ڪلاس جي شاگرد ۽ معاشري جي ٻيکيائي جي ور چڙھيل غريب جي ٻار جو ڪردار آھي

اڌڙ: (گهر کان اسڪول لاء نڪري ٿو ۽ پئ سان ھم ڪلام آھي ) وه ابو وٺي ڏي کڻي هڪڙو بڪ روز ٿو مار کانوان
رمضان: اڙي اڌڙ ھڏي اچ
اڌڙ: ابو جهلينس جهلينس مانکي اڌڙ نه چوي
نه ته مان به رمضو چوندو مانس
اڌڙ جو پئ: پٽ تون ڪن نه ڏينس ڀلا ڇا ڪيونس ڀلي پيو وات هڻي...،
رمضان: اڙي ڇورا ٻڌي ڪون ٿو هيڏي اچ وڃي ڍور ڇڏي آ
اڌڙ جو پئ: ير هي ته اسڪول ٿو وڃي
رمضان: ها سائين هي ڀي سڀاڻي ايم ئي چڙھندو هڪ آڱوٺي جيترو قد ٻيو وري ڏندو هيڏيون واڇان هاهاها...
(ايتري ۾ رمضان جا ٻار رڪشه ۾ سوار اسڪول ويندي اتان گذرن ٿا اڌڙ پتڪڙين خواهشن سان ڀريل نظرن سان ڪڏھن ويندڙ رڪشي ڏي ڪڏھن رمضان ته ڪڏھن پئ ڏي نهاري وري ڪنڌ جڪائي ٿو )
اڌڙ جو پئ: ( دل ۾ ڳوڙھن کي پيندي گنگار نظرن سان پٽ ڏي ڏسندي زخمي ۾ لفظن ۾ چوي ٿو…) وڃ پٽ ڇڏي موٽ ڀلا هن جا ڍور ڇا ڪيون اڙي اُجهي ٻه چارڏوڪڙ ڏيندو آھي هي به نه ڏيندو ته ٿينداسين درپدر...،


رمضان: ٻڌ وات ڦاٽا موٽ تي ننڍن ڦرن لاء گاه جي ڀروٽڙي کنيون آ
آڌڙ: چاچا اسڪول کي دير ٿي ويندي استاد ماريندو (پڻس دل ۾ ڪجه ڀڻڪيو)
رمضان :اڙي جيئن چوان ئي ٿو ائين ڪر ماستر کي منهنجا سلام ڏجان (ڦاٽل ڪپڙا حسرتون ليڙون ليڙون هٿ ۾ اڍ ٽٽل روغن لٿل سليٽ پاڻ سان معاشري جي ٿيندڙ ھر ناجائزي کان بي خبر رستي سان هلندو ڇڙٻون لوهون سهندو جهنگ ۾ پهچي ڍور ڇڏي ٻني مان ملڪ جون واڳون سمڀاليندڙ ھٿن جو ظالم معاشري جي ڪري غلط استعمال ڪندي پڙھڻ بجاء گاه ڪري پوئتي موٽيو ٻاراڻي ۾ ھِت ھُت بيهندو کيڏندو پهتو ته 11 ٿي ويا...

اڌڙ: چاچا ڍور صفا وچ ٻني ۾ ڇڏي آيو آھيان
پر منجهد ٿي وئي آھي استاد ماري ڇڏيندو
رمضان: اڙي ڇورا مٿو ٿيو اٿئي خراب هي ڪو اسڪول جو ٽائيم آ ھاڻي اجهو اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻار موٽيا سڀاڻي وڃجان استاد سان مڙئي ڪوڙ ھڻجان.
اڌڙ : (هڪ ٿڌڙي ساھ سان پنهنجي سوچن جي چادر کي ويڙھي) صحيح آ چاچا (چئي ٿورو اڳتي مس ٿئي ٿو)…،

تحرير صدا
ھلندڙ......
 
Back
Top