پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس کي ليپٽاپ تي ھلايو

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿيندو آھي تہ اسان جي ائنڊرائيڊ ڊوائس (موبائل يا ٽيبليٽ) جو ٽَچ ڪم ڇڏي ويندو آھي يا وري ڊوائس جي اسڪرين ٽُٽڻ ڪري ڪُجهہ حصو نظر نہ ايندو آھي..
    پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس کي ليپٽاپ سان ڪنيڪٽ ڪرڻ (ڳنڍڻ) لاءِ توھان جي ائنڊرائيڊ ڊوائس ۾ ڊولپر آپشن آن ھُئڻ کپي.. ڊولپر آپشن بابت وڌيڪ معلومات ائنڊرائيڊ ڊولپر سائٽ جي ھِن لنڪ تي موجود آھي.
    ڊولپر موڊ آن ڪرڻ لاءِ

    1. 1. موبائل جي سيٽنگ وارِي ايپليڪيشن کوليو
      2. (جيڪڏھن توھان وٽ ائنڊرائيڊ ورزن 8.0 يا ان کان مٿي آھي تہ) سسٽم System تي ڪلڪ ڪريو
      3. ھيٺ اسڪرول ڪندؤ تہ آخر ۾ About Phone ھوندو اُن تي ڪلڪ ڪريو
      4. ھاڻ Build Number تي 7 ڀيرا لڳاتار ڪلڪ ڪريو.
      5. ھاڻ واپس Setting ايپليڪشن کوليندؤ تہ اُتي Developer Option اچي چُڪو ھوندو.
    ڊولپر آپشن ۾ سڀ کان مٿان ھڪ بٽڻ ڏنل ھوندو جنھن تي ڪلڪ ڪندي ڊولپر آپشن فعال ڪريو (جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آھي)
    ھاڻ توھان ھيٺ ڏنل آپشنز مان USB Debugging واري آپشن کي بہ فعال ON ڪرڻو آھي.
    پنھنجي ائنڊرائيڊ ڊوائس ۾ اھا سيٽنگ مڪمل ڪري پنھنجي ڊوائس کي ڪيبل ذريعي ڪمپيوٽر سان ڳنڍيو ۽ ھتي ڪلڪ ڪري ايڪسٽينشن انسٽال ڪريو.
    جيئن توھان ايڪسٽينشن انسٽال ڪندؤ تہ ھيٺ تصوير ۾ ڏنل آپشن ظاھر ٿيندو، جنھن مان Find Devices تي ڪلڪ ڪريو.. ھاڻ ڏِسندؤ تہ ائنڊرائيڊ ڊوائس توھان کان پاپ اپ نوٽيفڪيشن ذريعي ڪمپيوٽر سان ڳنڍڻ جي اجازت گهُرندو.. جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آھي، توھان کي Accept تي ڪلڪ ڪرڻو آھي..
    توھان ڏِسندؤ تہ توھان جو ائنڊرائيڊ ڊوائس ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ٿي چُڪو ھوندو ۽ ھاڻ ڪمپيوٽر تي ئي ائنڊرائيڊ استعمال ڪريو.

    نوٽ : جيڪڏھن توھان کي پنھنجو ڪميپوٽر ريسٽارٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪمپيوٽر ۾ وائزر جو آپشن نہ ملي تہ اُن کي برائوزر جي Apps ۾ ڳولھي سگهو ٿا.
    گوگل ڪروم لاءِ :

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو