سنڌ جو قومي دانشور ۽ قومي اڳواڻ سائين عبدالواحد آريسر

'مختلف موضوع' فورم ۾ سارنگ جويو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2018۔

  1. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    اڄ 11 آڪٽوبر سنڌ جي عظيم قومپرست اڳواڻ، قومي دانشور سائين عبدالواحد آريسر جو جنم ڏينھن آھي، سندس جنم ڏينھن جون سنڌي قوم کي لکين واڌايون.
    سائين عبدالواحد آريسر تقرير ۽ تحرير ۾ پنھنجو مَٽُ پاڻ ھو، جڏھن آريسر صاحب ڪنھن قومي ڪچھري ۽ اجلاس ۾ تقرير ڪندو ھو تہ ماڻھن تي سقطو طاري ٿي ويندو ھو. سندس تقرير توڙي تحرير ۾ ڪمال جي تشبيھن ۽ استعارن سان گڏ ڪمال جي رواني پڻ آھي.
    سنڌ اندر نثر ۾ ايتري رواني ۽ حسناڪي شيخ اياز جي لکڻين کان پوءِ جيڪڏھن ڪنھن جي لکڻين ۾ آھي تہ اُھوسائين عبدالواحد آريسر صاحب آھي، سندس نثر جي شاھڪار ڪتابن ۾ ” ٿي نہ محبت مات“، ” ڇا تہ شخص ھو“، ”وريا واھرو“، ” ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول“، ” اسان جيئن جيئي ڪو“ جيل ڊائري کان علاوہ سندس ٻيا ڪتاب بہ شامل آھن، جن جي آڌار تي سائين آريسر صاحب کي نثر جو بادشاھ قرار ڏئي سگھجي ٿو.
    ان کان علاوہ سائين آريسر صاحب ” سنڌي سماج جو جائزو“ ۽ ” قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون“ جھڙا ناياب ڪتاب لکي سنڌي سماج ۽ قومي تحريڪ جو بخوبي سماجي ۽ نفسياتي جائزو ورتو آھي، جن ڪتابن کي پڙھڻ سان اسان سنڌي سماج ۽ قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو وٺي قومي تحريڪ کي منظم ڪري ھڪ منظم ۽ مستقل مزاج جدوجھد ڪري سنڌ جي آزادي حاصل ڪري سگھون ٿا. سائين آريسر صاحب سائين جي ايم سيد جي فڪر جو شارح ھو، سندس لکڻين ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي فڪر جا تجلا جھلڪيون ڏيندي نظر اچن ٿا. سندس تبعزاد سياسي لکڻين کان علاوہ جڳ مشھور ڏاھي فرانز فينن جي جڳ مشھور ڪتاب جو ترجمو ” مٽي ھاڻا ماڻھو“ جي نالي سان ٿيل آھي، جيڪو پڻ ھڪ ناياب ۽ اھم ڪتاب آھي.
    سائين آريسر صاحب ڪکاون گھرن ۾ رھندڙ ۽ ھيٺئين طبقي مان اُڀري ايندڙ پھريون اڳواڻ ھو، جنھن جي ڪُل ملڪيت سندس ڪکاون پکڙن کان علاوہ سندس قومي ڪارڪن ھُئا، جن تي ھُن کي ناز ھو ۽ جن مان ھُن کي اُميدون ھُيون تہ اُھي ھڪ نہ ھڪ ڏينھن ھن سامراج جي ديوارن ٽوڙي انقلاب ضرور آڻيندا. ان ڪري اچو تہ سنڌ جي ھن عظيم قومي اڳواڻ ۽ قومي دانشور جي جنم ڏھاڙي تي کيس قومي سلام پيش ڪندي اھو وچن ڪيون تہ سنڌ اندر ھڪ مُنظم تنظيم جوڙي فڪر جي ايم سيد جي فڪر جي جھنڊي ھيٺ مستقل مزاجيءَ سان جدوجھد ڪري ھن پنجاب سامراج مان سنڌ وطن کي سياسي، سماجي، جاگرافي ۽ اقتصادي بُنيادن تي آزاد ڪرايون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو