ڇا مقتولن جي قاتلن کي زنده رهڻ جو حق آهي..؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڇا مقتولن جي قاتلن کي زنده رهڻ جو حق آهي..؟

    تحرير : شرف الدين مرکنڊ طاهري[​IMG]

    منهنجي پياري سنڌ ڌرتي هميشه امن، محبت ۽ پيار جو درس ڏنو آهي، ۽ اڄ به ڏيندي رهي ٿي. جنهن سان اڄ به سنڌي ماڻهون پيار ۽ محبت ڪن ٿا، ۽ اسان سنڌين جو ايندڙ نسل به ان پياري سنڌ ڌرتي سان پيار ۽ محبت ڪندو، ۽ پنهنجي جان به سهڻي سنڌ ڌرتي تان قربان ڪندو. (انشاءالله) اها سنڌ ڌرتي جنهن پنهنجي پيٽ ۾ بزرگن، الله جي پيارن ٻانهن کي، صوفين، شاعرن، عالمن، اديبن، سٺن لکيڪن ۽ سهڻي سوچ رکندڙ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. جن سنڌ ڌرتي سان پنهنجو عشق جو انداز سهڻي ۽ سٺي طريقي سان ملهائي ڏيکاريون، ۽ سنڌ ڌرتي جي نالي کي بلند ڪري ڏيکاريون. سنڌ ڌرتي سان سچي محبت رکي ڪري پنهنجي جان به سنڌ ڌرتي تان قربان ڪري ڏيکاري ۽ان سان گڏ پنهنجي اولاد کي به سنڌ ڌرتي تان قربان ڪري ڏيکاريون. پر اهائي سنڌ ڌرتي جنهن پنهنجي پيٽ ۾ اهڙن ظالمن، جابرن، جاهلن ،بيوقوفن ۽ قاتلن کي به جنم ڏنو آهي. جن سنڌ ڌرتي جي امن کي هميشه جي لاءِ تباه ۽ ختم ڪري ڇڏيو، جن سنڌ ڌرتي جي امن سان گڏوگڏ ان جي چاهيندڙن به ختم ڪري ڇڏيو، جن سنڌ ڌرتي جي نشانين کي به ختم ڪري ڇڏيو، جن سنڌ ڌرتي جي ماڻهن کي ماري قتل ڪري ڇڏيو، جن سنڌ ڌرتي جي زمينن کي رت جي مينهن سان ويجھاري ڇڏيو، جن سنڌ ڌرتي جي شهرن، ڳوٺن جي امن کي ختم ڪري ڇڏيو، جن سنڌ ڌرتي جي درسگاهن، اسڪولن کي تباه ۽ ختم ڪري ڇڏيو،جن سنڌ ڌرتي جي عورتن کي قتل ڪيو ۽ انهن سان بي انصافيون ڪيو ۽ انهن جي تعليم کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ اڄ به انهن سان اسڪولن، يونيورستين، ۽ ڪاليجن جي انتظاميه سٺي نموني پيش اچڻ جي بجاءِ انهن سان غير اخلاقي طريقي سان پيش اچن ٿا، جن سنڌ ڌرتي جي روڊ رستن کي تباهه ۽ ختم ڪري ڇڏيو. ۽ ايتري قدر جو سنڌ ڌرتي جي قديم رکيل شين (نشاني طور رکيل اهم شيون ) کي گٽرن ۽ نالين جا ڍڪ بنائي ڇڏيا. ۽ سنڌ ڌرتي جي امڙن پيارن کان انهن جا فرزند اکين جي سامهون دور ڪري ڇڏيا. اڄ کان تقريبن ڏهه مهينا اڳ جيجل امڙن کان انهن جا پيارا اکين جي سامهون دور ٿي ويا هيمشه جي لاءِ، پنهنجي امڙن جي هنجن کان جدا ٿي ويا هميشه جي لاءِ، اڄ به جڏهن انهن جون جيجل مائرون انهن جي مزارن تي ويندو آهن ته پنهنجي پيارن کي ياد ڪنديون رهندو آهن. ۽ انهن جي مزارن تي روئنديون آهن ۽ انهن جي قاتلن کي بددعائون ڏيندو رهنديون آهن . جيئن ته 2018ع سال جي شروع واري مهيني جي 4 جنوري تي ڳوٺ غازي خان مرکنڊ لڳ وارهه تعلقي ۾ جيڪو واقعو درپيش آيو هو، جنهن ۾ بي درديءَ سان شهيد نادر علي مرکنڊ ۽ شهيد گدا حسين مرکنڊ جن کي قتل ڪيو ويو هو، جن سان انشاءالله انصاف ضرور ٿيندو ۽ ڪجھ ٿيو آهي، ڇو ته الله جي ذات بي پرواهه آهي الله جي ذات کي ڪنهن جي پرواهه نه آهي، الله جي ذات هميشه ان جو ساٿ ڏنو آهي، جنهن الله جي ذات تي يقين رکيو آهي. جن پنهنجو اميدون الله جي ذات تي رکيو آهن، الله انهن جي اميدن کي ضرور پورو ڪيو آهي ۽ ڪندو. مون کي ياد اچي ٿو ته، جڏهن هي (مذڪوره) واقعو ڳوٺ ۾ ٿيو هو ته ان وقت مان نصيرآباد تعلقي جي مدرسي ۾ زير تعليم هيس، ان وقت مون ڏي دوست فون ڪئي، ۽ مون کي ٻڌايو ته اڄ اسان جي ڳوٺ ۾ هي واقعو درپيش آيو آهي، ان وقت ئي مان پنهنجي استادن کان اجازت وٺي ڪري پنهنجي ڳوٺ پهتم، جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ آيس ته مون کي ڳوٺ ۾ عجيب ڪيفيت نظر آئي. هر هڪ ڳوٺ جو ماڻهون پنهنجي منهن پيو روئي ته هي اسان جي ڳوٺ ۾ ڪهڙو ظلم ٿي ويو، نوجوان معصوم چهرا اڄ اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائيو پيا وڃن. ۽ جي ننڍي وڏي جي زبان تي اهي الفاظ هيا ته اڄ اسان مان معصوم نوجوان موڪلايو پيا ٿا وڃن، اسان جي جي نوجوانن هن ظالم جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو اسان جي نوجوانن کي قتل ڪري ويو، ڳوٺ ۾ ننڍن کان ويندي وڏن مردن ۽ عورتن جي اکين مان ونهندڙ پاڻي جا قترا نظر آيا، هر اک مان مون کي مينهن جي مثل ونهندڙ پاڻي نظر آيو. هي واقعو عجيب واقعو هيو، ان کان پهريان به اسان جي ڳوٺ ۾ ڪافي سارا واقعا درپيش آيا آهن، پر هي انهن واقعن کان عجيب هيو، جڏهن شهيدن جا جنازا پنهنجي گھرن مان ڪانڌي کڻڻ لڳا ته ان وقت ڳوٺ ۾ قيامت اصغر جا منظر نظر پئي آيا. جڏهن شهيدن کي قبرستان ۾ دفن ڪري موٽي اچي ڪري تڏي ته ويٺاسين ته شهيد نادر علي مرکنڊ جي والد محبوب علي مرکنڊ صاحب تڏي تي ويٺل هيو ته ان جي ڀرسان مان به ويٺل هيم ته وارهه تعلقي جي مشهور صحافين جڏهن ان کان هن ڪيس جي متعلق پڇو ته اوهان جي ڇا راءِ آهي هن مسئلي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو هيو ته منهنجي فرياد ۽ منهنجي دانهن ان کي آهي جيڪو سڀني جو ملڪ آهي، جيڪو سڀني جو خالق آهي، مون کي ان الله جي ذات ۾ يقين آهي الله مون سان ضرور انصاف ڪندو، اها شهيد نادر علي مرکنڊ جي والد محبوب علي مرکنڊ جي ڳالهه واقع ئي سچي نڪتي. ڇو ته الله جي ذات وٽ انصاف آهي پوءِ خدا جي ذات جنهن کي جڏهن پنهنجي طرفان انصاف ڏئي، پوءِ جنهن کي انصاف جلد ڏياري ۽ جنهن کي دير سان ڏياري. اها ان الله جي مرضي آهي. 8 آڪتوبر جي ڏينهن مون کي دوست ڪال ڪري ٻڌايو ته ادا شهيد نادر علي مرکنڊ ۽ شهيد گدا حسين مرکنڊ جو مين قاتل (احسان مرکنڊ )کي پوليس ڪراچي مان گفتار ڪري آئي آهي، ۽ جڏهن ته ان کان پهريان رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ان قاتل جو پيءُ ۽ ان جو ڀاء کي به ڪراچي مان ئي پوليس گفتار ڪري آئي هئي. جن کي قانوني ڪروائي بعد انهن کي لاڙڪاڻي جي سينٽر جيل ۾ بند ڪيو ويو هيو. شهيد نادر علي مرکنڊ ۽ شهيد گدا حسين مرکنڊ کي قاتلن ان وقت بي درديءَ سان قتل ڪيو هو جڏهن هو پنهنجي حق حلال جي روزي جي لاءِ پنهنجي زمين تي ڪم ڪري پنهنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته مين قاتل ۽ ان جي دوستن شهيد نادر علي مرکنڊ ۽ شهيد گدا حسين مرکنڊ جي موٽر سائيڪل جي سامهو ٿي ڪري، انهن جي مٿان پشتول جا فائر ڪيا هيا، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد نادر علي مرکنڊ ۽ شهيد گدا حسين مرکنڊ گولن جا سور نه سهندي اتي ئي پنهنجو سر ڌڻي جي حوالي ڪيو هو، جڏهن ته ان ئي موقع تي ته جميل احمد مرکنڊ (مقتول گدا حسين جو ڀاء) ۽ معصوم سمير علي مرکنڊ (مقتول گدا حسين جو پٽ هيو، جنهن جي عمر 3 کان 4 سالن تائين آهي) زخمي ٿي پيا هيا. گاجي کهاوڙ جي ايس ايڇ او عبدالرشيد ڪورڪائي صاحب کي منهنجو سلام آهي جنهن ايتري محنت ڪري مقتولن جي قاتل کي گفتار ڪيو آهي، جنهن مقتولن جي مائرون کان دعائون حاصل ڪيو ته الله ان جي گھر ۾ هميشه خوشيون عطا فرمائي،جنهن اهڙي محنت ڪئي آهي. گاجي کهاوڙ جي ٿاڻي ۾ ان کان پهريان به ٻه ايس ايڇ اوز تبديل ٿي ويا هيا، پر انهن کان هي جوابدار ڏاڍو هيو، مان سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه، آءِ جي سنڌ ڊاڪٽرسيد ڪليم امام، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ۽ ضلع قمبر شهداد ڪوٽ جي ايس ايس پي صاحب جن کي اپيل ڪندم ته هن قاتل کي اسان جي پياري سنڌ ڌرتي جي پاڪ سرزمين تي رهڻ ۽ ان تي هلڻ جو ڪو به حق ناهي،جنهن پياري سنڌ ڌرتي ۾ رهي ڪري ٻه نوجوانن کي قتل ڪيو آهي. ٻئي ڏک جي ڳالهه هي آهي ته هن قاتل معصوم ٻار کي به معاف نه ڪيو، جنهن معصوم ٻار جي سامهون ان جي والد صاحب کي گولي هڻي ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هن کي سزا نه بلڪه ڦاهي جلد کان جلد ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ ظالمن جي لاءِ سبق رهجي وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙو ڪو به ڪم ڪرڻ کان پهريان سوچڻ گھرجي ته ٻئي جي ڳچي ۾ هٿ وجھڻ جو ڪهڙو مقام آهي ته جيئن ٻين انسانن جي جانن ۾ هٿ نه وجھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو