هنجن ڏي هيڪار،جي ڳڻ ڪري نهارئين.

'سنڌي شاعري' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    699
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سهڻو لطيف ٿو فرمائي ته

    “ هنجن ڏي هيڪار جي ڳڻ ڪري نهارئين،

    ٻگھن سان ٻيهار، هوند ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.”

    لطيف سائينء جو بنيادي طور تي مخاطب هر انسان آهي.هو انسان کي هن ڪائنات جي جنهن اعليٰ،اشرف،شاندار ۽ عزت ڀرئي مقام تي فائز ڏسڻ گھري ٿو انهيء منزل جو رستو نهايت ئي سادي،آسان ۽ مثالي انداز ۾ اهڙو ته چٽو ڪري ٿو جو ان رستي جي پانڌيئڙن جي ذهن ۾ ڪو وهم گمان، مونجھارو ۽ دل ۾ ڪو وسوسو باقي نه رهي.سندس شاعريء ۾ هي جو مثالن واريون سمجھاڻيون موجود ملن ٿيون انهن جو مقصد به اهو آهي ته ڳالهه کي اهڙو ته آسان ۽چٽو ڪري پيش ڪجي جو گھٽ کان گھٽ عقل رکندڙ انسان به آسانيء سان اهي عظيم راز ۽ رمزون سمجھي سگھي.

    هنج يا هنجهه هڪ پکي آهي جنهن کي اردو ۽ هنديء ۾ “هنس” چيو ويندو آهي سو شاهه صاحب لاء نهايت ئي مثالي ، وڻندڙ ،عمدو ۽ سهڻوپکي رهيو آهي.سهڻا پکي ته ٻيا به کوڙ آهن پر هنج جون ڪجهه عادتون،خصلتون ۽ فطرت اهڙي ته وڻندڙ ۽ اعليٰ آهي جيڪا هن کي ٻين پکين تي فضيلت ۽ برتري بخشي ٿي.ڇا هنج پکيء جي سونهن هن کي ٻين پکين کان منفرد ۽ مختلف بڻائي ٿي؟پر انهيء کان اڳ ان سوال جو وجواب ڳولهڻو پوندو ته آخر سونهن آهي ڇا؟سراسري طور تي ان جو عام جواب ته اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته جيڪا شيء دل کي وڻي ۽ من کي موهي ۽ نظر کي سهڻي لڳي سا سونهن آهي ته پوء شاهه سائينء جي هن شعر جو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي ته

    “ صورت گھڻا سهڻا،ٽاڻا سندن ٽوهه،

    ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.”

    يعني ڪيترائي انسان صورت ۾ اهڙا سهڻا آهن جهڙا ٽوهه سهڻا هوندا آهن پر سندن ٽاڻا يعني خصلتون ٽوهه جي ڪوڙاڻ ۽ زهر جهڙيون هونديون آهن.جيڪر ٽوهن جي ان ظاهري سونهن سوڀيا تي ڪنهنجو من هرکجي ۽ هو هن مان ذرو چکي ويهي ته ان جي زهر جهڙي ذائقي کان سڙي ۽ کامي وڃي.ته چئبو ته شاهه سائين ظاهري صورت ۽ ڏيک ويک سان سونهن کي نٿو ڳنڍي جو سونهن ڪنهن شيء جي طبعي خاصيتن سان نه پر سندس ڪيميائي خاصيتن سان تعلق رکي ٿي.ايئن کڻي چئجي ته سونهن ڪا جسماني نه پر روحاني شيء آهي.هاڻي اچو پهرئين بيت طرف ته شاهه سائين انسان کي هنجن جون خصلتون اختيار ڪرڻ ۽ ٻگھن جي خصلتن کان پاڻ کي بچائڻ جي تلقين ڪري ٿو.ٻگھه به هڪڙو پکي آهي جنهن جي فطرت ۽ طبيعت ۾ گندگي ۽ غلاظت سان محبت ۽ چاهت ڀريل آهي.اهو سدائين ڪني پاڻيء ۾ ئي ويهڻ پسند ڪندو آهي ۽ سندس کاڌو پيتو به گندگي ۽ غلاظت آهي.جڏهن ته ان جي ابتڙ هنج سدائين صاف پاڻيء ۾ ئي گھاريندو آهي ۽ گندگي يا غلاظت پسند نه ڪندو آهي.بک مرندي به اهو ڪنهن گندي خوراڪ يا ڪني پاڻيء طرف نهاري به نٿو.

    “ پکي ٻيا مچن، هنجهه سدائين ڏٻرا،

    ماريء سندي مامري، سدا رڃ رهن،

    ستو لوڪ لطيف چئي،هو آڌيء اڏامن،

    الا! ان پکين، سر ۾ سک نه ماڻيو.”

    ٻگھن سان ٻيلهه ٻڌڻ بدران هنجن جي صحبت ان ڪري ضروري آهي جو ٻيا پکي هر قسم جو گند ۽ غلاظت کائي مچي پون ٿا پر ويچارا هنجهه بکن سبب سدائين ڏٻرا ۽ ڪمزور رهن ٿا.آخر اها ڪهڙي ماجرا آهي جو اهي کاڌي پيتي جي هنڌن تي رهڻ بدران رڃ جو سفر اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا؟ شاهه صاحب فرمائين ٿا ته انهن کي هروقت شڪاريء جو خوف رهي ٿو .هتي شڪاريء مان مراد انسان جو نفس يا شيطان آهي جيڪو هروقت انسان کي سڌي رستي تان ٿيڙڻ لاء سرگرم رهي ٿو.جڏهن سڄو لوڪ سمهي ننڊ جا مزا ماڻي ٿو ته اهي هنجهه آڌيء رات جو اٿي اڏامن ٿا.مطلب ته خدا جا اهي پيارا بندا جيڪي رات جو اٿي پنهنجي ڌڻيء کي ٻاڏائين ٿا،آهه ۽ زاري ڪن ٿا ۽ پنهنجن گناهن جي معافي گھرن ٿا،پنهنجي مالڪ سان دل جون ڳالهيون سلين ٿا.سو انهن پکين دنيا جي هن سر ۾ ڪڏهن به لاپرواهه ۽ غافل بڻجي نه گذاريو جنهن ڪري اهي هر وقت سکن بجاء ڏکن ۾ گذارين ٿا.

    “ پاڻيء ۾ پونئرا پيا، چلڙ چڪ گھڻي،

    ويا چت کڻي، تنهن سر مٿان هنجڙا.“

    هنجهن جي فطرت رکندڙ انهن عظيم انسانن جڏهن اندر جي اکين سان دنيا جي دورنگيء جو نظارو ڪيو ته انهن ان جي اصل حقيقت ۽ سچائي ڳولي ورتي ته دنيا جي ان مها ساگر جي پاڻيء ۾ پونئرا پيل آهن ۽ انهيء ۾ چلڙ ۽ چڪڻ سواء ٻيو ڪجهه ناهي تڏهن کان انهن جي دنيا تان دل کڄي ويئي.جڏهن انهن دنيا جي حقيقت کي صحيح سڃاتو ته پوء

    “ ڇڏي تانگهه طلب جي، لوچي لاڙهو ٿيا،

    موتي جي مهراڻ جا، هنجهن هٿ ڪيا،

    هلي هيڪ ٿيا، پکي ماڻڪ پاڻ ۾،. ”

    جڏهن انهن جي دلين مان دنيا ۽ سندس فاني شين جو هوس ۽ حرص ختم ٿي ويو ته پوء اهي املهه ماڻڪن جي ڳولا ۽ طلب ۾ لڳي ويا ۽ محنت ڪري مهراڻ جا اهي موتي وڃي هٿ ڪيائون پوء وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي مطابق اهي انهن ماڻڪن سان ملي پاڻ ئي ماڻڪ بڻجي ويا.شاهه صاحب هنجن جي هڪ ٻي خصلت جو به ذڪر ڪري ٿو ته هنجهه سڀ جا سڀ اڇا اجرا ۽ صاف آهن،انهن ۾ ڪا ميرائي آهي ئي ڪانه،جنهن هنڌ تي ڪي گھڙيون گھاري وڃن ته سندن سڳنڌ سان اهو هنڌ ئي سرهو ٿيو وڃي.

    “ هنجهه مڙوئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو،

    جت رهن سنجهه، سو سر ڪيائون سرهو.”

    سو اي انسان! ٻگهن جهڙن بد خصلت انسانن سان سنگت سجائي پنهنجي برباديء جو سامان نه جوڙ جو هنجن جو اهو شان ناهي جو ٻگھن سان ويهي بيلهه ٻڌن.

    “ هنجن نه اهڙا پار، جيئن ٻيلي ٿين ٻگھن جا،

    اٺئي پهر ان کي، ساڻيهه جي سنڀار،

    هيرو هنجهنئون ڌار، جيوري نه ٻي جات کي.”

    هنجهن ۽ ٻگھن ۾ وڏو فرق اهو آهي جو هنجهن کي هر وقت پنهنجي اصل وطن يعني آخرت جي سار سنڀال ۽ يادگيري رهي ٿي ۽ حقيقت اها آهي ته معرفت جو موتي هنجهن سواء پکين جي ٻي ڪنهن ذات جي حصي ۾ نٿو اچي.
     
    سارنگ جويو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو