شاھ جو رسالو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2018۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    شاھ جو رسالو

    سنڌ ۽ ٻولي جو سفير شاھ جو رسالو
    سچ حق جي تحرير شاھ جو رسالو

    هر بيت ماضي حال مستقبل سان ملي
    خوابن جي تعبير شاھ جو رسالو

    جو هجي غفلت جي اگهور ننڊ ۾
    جاڳائي ان جو ضمير شاھ جو رسالو

    هزارين شاعر ٿيا غالب امير خسرو جهڙا
    سنڌ جو آهي عالمگير شاھ جو رسالو

    دنيا جا مال ملڪيت اچڻا وڃڻا آهن
    اسان جي آهي جاگير شاھ جو رسالو

    دنيا جي حسين منظرن وادين ۾
    اسان جو شاھ ڪشمير شاھ جو رسالو

    دنيا ۾ دلبر من پسند ته آهن هزارين
    خادم جو دلپذير شاھ جو رسالو
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو