سنڌ جي ڇت گورک جو تفريحي ماڳ سرخ ڦيٿي جي نظر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ جي ڇت گورک جو تفريحي ماڳ سرخ ڦيٿي جي نظر

    آصف رضا موريو

    سنڌ کي جاگرافيائي طور تي ٽن قدرتي حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو جيڪي هڪ ٻئي کي ڪٽيندي گذرن ٿا. پهريون حصو سنڌ جي اوڀر ۾ موجود ٿر وارو علائقو آهي جنهن کي ريگستان يا وارياسو به چئي سگهجي ٿو. هي سمورو علائقو وارياسو آهي جنهن جي خوشحال زندگي ۽ گهما گهمي جو وڏي حد تائين آڌار موسمي برساتن تي هوندو آهي. سنڌ جو ٻيو قدرتي حصو ڪشمور کان شروع ٿيندي عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي. ان علائقي جي ويڪر سنڌوندي جي ٻنهي ڪنارين 10 کان 25 ميلن پري تائين پکڙيل آهي جتان جي زمين تمام زرخيز آهي ۽ بغير ڀاڻ وغيره جي سال ۾ ٻه فصل پوکجڻ جي اهليت رکي ٿي.
    سنڌ جو ٽيون قدرتي حصو اولهه ۾ ڪوهستان جو پهاڙي علائقو آهي جيڪو بلوچستان جي شهرن قلات، خضدار ۽ لسٻيلو کان سنڌ کي جدا ڪندي پاڪستان جي انهن ٻنهي صوبن جي وچ ۾ هڪ قدرتي سرحدي لڪير ڇڪي ٿو. ان حصي جي تعريف هينئن به ڪري سگهجي ٿي ته ڪوٽڙي، سيوهڻ، قمبرشهداد ۽ لاڙڪاڻو ضلعن جي اولهه پاسي پهاڙن جو هڪ عظيم سلسلو آهي جنهن جي شاخن جا الڳ الڳ نالا آهن جهڙوڪ ڪڪريو، ڪارو، ڏاڙهياڙو وغيره. انهن مان ڏاڙهياڙو سڀني کان اونچو پهاڙ آهي جنهن جي مٿئين سطح تي ڪتي جي قبر ۽ پراڻو ڪوٽ (جنهن کي ڪافر ڪوٽ به چئجي ٿو) موجود آهن. اهو ئي پهاڙي سلسلو کيرٿر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جيڪو ڪوهِ سليمان جو هڪ ننڍڙو حصو آهي جنهن کي مقامي ماڻهو هالار جبل به ڪوٺين ٿا.
    آب وهوا جي لحاظ کان هي پهاڙ گرمين ۾ انتهائي گرم ۽ ٿدين ۾ بي انتها ٿڌا ٿيندا آهن. انهن جي اونچائي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ آهي جن مان چار اونچايون اهم آهن جنهن ۾ سڀ کان اونچي چوٽي ڪتي جي قبر سطح سمنڊ کان 6878 فٽ بلند آهي. ٻئين چوٽي بارغ ۽ ٽئين اونچي چوٽي گورغ آهي جنهن جي اصل نالي کي بگاڙي گورک سڏيو ويندو آهي. انهن وشال پهاڙن جي دنيا ۾ گورک ئي هڪ اهڙو ماڳ آهي جنهن کي سنڌجي ڇت ڪوٺيو وڃي ٿوجيڪا سال جا ٻارنهن ئي مهينا سردي جي چادر ويڙهي هن گرم خطي جي رهواسين لاءِ ڪشش جو باعث رهندي اچي ٿي.
    گورغ لفظ بروهي يا بلوچي ٻوليءَ جو مڃيو وڃي ٿو جنهن جي معني (ڪجهه مورخن جي بقول) بگهڙ بيهي ٿي جو (انهن جو خيال آهي ته) ڪنهن دور ۾ کيرٿر واري ان علائقي ۾ بگهڙن جي گهڻي آبادي هوندي هئي) جيڪا اسان جي شڪاري روين ۽ بگهڙن جي کل جو اسان جي وهمي سماج ۾ جادو ٽوڻي جو ٽوڙ مڄڻ سبب هاڻي ناپيد ٿي چڪي آهي. فارسي زبان ۾ به بگهڙ کي گرگ (گرگ آشتي) چيو ويندو آهي ۽ اهي ٻئي لفظ گورغ ۽ گرگ لهجي جي هڪجهڙائي پڻ رکن ٿا. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته گورغ مان بگڙيل گورک (جيئن سنڌي زبان گورک ڌنڌو لفظ آهي) جو مطلب زندگي ڏانهن انتهائي ناگوار ۽ خطرناڪ ڪيفيت وارو دور هجڻ آهي ۽ اهو شايد ان لاءِ سمجهيو وڃي ٿو جو ڪنهن دور ۾ انهن بي آب و گياه ويران علائقي ۾ رهندڙ وڏي آبادي جو گزر سفر ڍور ڍنگر ۽ مال متاع چارڻ رهيو آهي. ڪجهه مورخ دوست گورک نالي کي ٻوڌي گرو گورک ناٿ ساڻ پڻ منسوب ڪن ٿا ته شايد ڪنهن دور ۾ هن مها منت هن علائقي ۾ ڀيرو ڀري پنهنجا پوئلڳ ڇڏيا هجن جن هن علائقي کي اهو نالو ڏنو هجي.
    سياحن لاءِ کيرٿر جي پهاڙي دنيائن ۾ هر طرف خوبصورتين حسناڪين جا انيڪ سلسلا وکريل نظر ايندا آهن جن جو هر رنگ نرالو ۽ هر روپ ڪهاڻيڪار آهي. انهن خوابناڪ ۽ دلڪش نظارن مان هڪ نالو گورک واري ماڳ جو آهي جيڪو هن وسيع ۽ وشال پهاڙي تي سنڌ جي بلند ترين پليٽو تي وااقع آهي جيڪو 2،500 ايڪڙن يعني قريبن 10 ڪلوميٽرن جي ايراضي تي مشتمل آهي. گورک ضلعي دادو جي اتر اولهه۾ قريبن 94 ڪلوميٽر پري واقع آهي. ڪوه مري جيتري اونچائي رکندڙ گورک چوٽي ايتري ته ٿڍي آهي جو اتي ڪوهيڙو به برف جا ڳنڍا ٿي ڪري پوندو آهي. سنڌ صوبي جو هي واحد ماڳ آهي جنهن جو موسم سال جي هر حصي ۾ وڻندڙ ۽ بهترين هوندو آهي جتي سردين ۾ برفباري ٿيڻ جون ڳالهيون به ٻڌيون آهن. هتي ساليانو 120 ملي ميٽر برسات پڻ پوندي آهي.
    ڪراچي کان گورک هل اسٽيشن جو فاصلو 423 ڪلوميٽر آهي جيڪو ڪار ذريعي قريبن اٺ ڏهه ڪلاڪ کائي وڃي ٿو. پانڌي لغاري جو اڏيل ڳوٺ واهي پانڌي (جيڪو هاڻي شهري ڏيک ڏئي ٿو) گورک جي ويجهي ۾ ويجهي پڪي آبادي آهي جتان 90 جي ڏهاڪي ۾ گورک ڏانهن وڃڻ لاءِ پڪو رستو ڪڍيو ويو هيو. واهي پانڌي ئي گورک گهمندڙن لاءِ بيس ڪيمپ جي حيثيت رکي ٿي جتان مختلف پهاڙي علائقن لاءِ سونهان ملي ويندا آهن. اتي ئي عام گاڏيون ڇڏي اڳتي وڌڻ لاءِ طاقتور انجڻ واريون جيپيون کڻڻيون پونديون آهن. واهي پانڌي کان گورک هل اسٽيشن ڏانهن چاڙهائو پٿريلو رستو قريبن 48 ڪلوميٽر طويل آهي. اتان گهڻو مفاصلو ڌڪي 35 پوائنٽ نالي ريسٽورنٽ وٽ پهچي ساهي پٽي وري قريبن 13 ڪلوميٽر چڙهائي وارو انگڙ ونگھڙ پهاڙي رستو هلڪي رفتار سان گورک هل اسٽيشن جي مٿاهين واري ماڳ تائين رسائي ٿو.
    گورک نالي ان پرفضا، خوبصورت منظر ۽ روح افزا موسم رکڻ واري پهاڙي چوٽي جي اونچائي سمنڊ جي سطح کان 1،734ميٽر يعني 5،689 فٽ بلند آهي جتي گرمي جو پد 7 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ سردي جو پد منفي 5 کان 20 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهندو آهي. جيسيتائين گورک جي ٿڌي هجڻ جو تعلق آهي ته گورک چوٽي پاڻ ٿڌي ڪونه آهي پر ان کان اوڀر پاسي ڪجهه فاصلي تي واقع مم ٿل نالي هڪ ٻي پهاڙي چوٽي آهي جتي قدرتي سببن ڪري تمام ٿڌيون هوائون گهلنديون رهنديون آهن جيڪي گورک کي به ٿڌو رکڻ جو باعث بڻجن ٿيون. مم ٿل چوٽيءَ تي اهو نالو ان پهاڙي رڇ جي نسبت سان پيو آهي جيڪو رڇن جي تمام خصوصيات سان گڏ باندر وانگي قلابازيون کائيندو هيو ته خطري وقت انسانن وانگر ٻن پيرن تي پڻ ڀاڄ کائيندو هيو تنهن ڪري علاقائي باشندا ان کي مم ڪري سڏيندا هيا. ڪنهن دور ۾ اها مم ٿل چوٽي انهن رڇن (ممن) جو آستان (ٿل) هوندي هئي.
    گورک، بارغ ۽ مم ٿل چوٽين مان بارغ ۽ مم ٿل تائين ڪنهن به قسم جو زميني رستو (پهچ) ڪونه آهي جو انهن چوٽين جي چوڌاري گهريون کايون آهن پر گورک تائين زميني پهچ هئڻ ڪري مم ٿل بجاءِ گورک کي (تفريحي مقام طور) فوقيت ڏني وئي. گورک جي آسپاس موجود ڳوٺاڻي آبادين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت موجود ڪونه آهي جتي رهندڙ ماڻهو استعمال جو پاڻي هينگڻ ندي مان ڀري ايندا آهن جيڪا اتان کان 11 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ اوڀر ۾ وهي ٿي. توڙي جو ان ندي جو پاڻي قدرتي طور تي ڪارو ۽ عام طور تي پيئڻ جي قابل ڪونه آهي پر ٻيو ڪو چارو نه هئڻ سبب هتان جا باشندا اهو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.
    برطانوي حڪومت پنهنجي دور ۾ 1860ع ڌاري سنڌ ۽ بنگال ۾ تفريحي مقام بڻائڻ چاهيندي هئي. ان مقصد لاءِ هنن ڪلڪتي کان 5 سؤ ڪلوميٽر پري هماليه جي اوڀر پاسي واري پهاڙن تي دارجلنگ جي مقام کي منتخب ڪيو هوجڏهن ته سنڌ ۾ هنن گورک جي ان چوٽي تي “مستقبل جو تفريحي مقام” جي نالي سان منصوبو جوڙيو هيو جيڪو ڪجهه سببن ڪري (ان دور ۾) قابلِ عمل نه ٿي سگهيوهيو. ساڳو ئي نتيجو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان جي حڪمرانن جي اچ وڃ ۽ اعلانن سان (هن وقت تائين) ٿيندو رهيو آهي. آگسٽ 1955ع ۾ اسڪندر مرزا جڏهن گورنر جنرل جو عهدو سنڀاليو ته ٻئي سال جون 1956ع ۾ هن گورک جو دورو ڪري هتي گهڻو ڪجهه ڪرڻ جا اعلان ڪيا ۽ ان سلسلي ۾ 11 لک روپيا پڻ مهيا ڪيا ويا پر بعد ازان اهي پيسا فلڊ رليف فنڊ کي ڏنا ويا ۽ گورک لاءِ ڪجهه ڪونه ٿيو.
    1963ع ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان گورک واري علائقي ۾ آيو ۽ اتي وڏا ترقياتي منصوبا تعمير ڪرائڻ جا دعوي ڪيائين پر هو به 25 مارچ 1969ع تي پنهنجي استعيفي ڏيڻ تائين عملي طور تي ڪجهه به نه ڪري سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو بحيثيتِ وزيرِاعظم پهريون دفعو آگسٽ 1974ع ۾ کيرٿر جي مٿين حصن جو دورو ڪيوهيو جنهن مقصد لاءِ اتي سندس جي هيلي ڪاپٽر لاءِ هيلي پيڊ پڻ ٺاهيو ويو. ڀٽو صاحب ٻيو دفعو جولاءِ 1976ع ۾ به ڪتي جي قبر ۽ گورک جا علائقا سٺي نموني گهمي ڦري ڏٺا. پنهنجي تقريرن ۽ تقريبن ۾ هن به ان علائقي جي قدرتي اهميت جي پيش نظر هتي “مري وانگر” تفريحي مقام بڻائڻ جو اعلان ڪيو پر عملي طور تي هو به ڪجهه ڪرڻ کان قاصر رهيو. 1985ع ۾ جان محمد جوڻيجو پڻ هن علائقي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ستر لک روپين جو پيڪيج ڏنو.
    1990ع جي آگسٽ مهيني ۾ بينظير ڀٽو هيلي ڪاپٽر وسيلي مم ٿل چوٽي تي لهي گورک چوٽي جو جائزو وٺي ان جي ترقي لاءِ چار ڪروڙ روپيا منظور ڪيا پر اهي پيسا به خرد برد ٿي ويا. 1996ع ۾ وري ٻيهر بينظير ڀٽو جي وزارتِ اعظمي جي دور ۾ عبدالله شاهه جي وزارتِ اعلي دوران گورک تي خوبصورت ۽ جديد تفريح گاهه، اسٽار هوٽل، ريس ڪورس، چيئر لفٽين وغيره جو منصوبو جوڙيو ويو هيو. ان دوران گورک هل اسٽيشن جو پهريون باظابطه ماسٽر پلان بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران دبئي جي ڪمپني شينڪلينڊ ڪاڪس ۽ هڪ پاڪستاني ڪمپني ميسرز نقوي اينڊ صديقي ايسوسيئيشن مشترقه طور تي بڻايو هيو جنهن تي 1998ع ۾ باظابطه طور تي ڪم شروع ٿيو هيو. اهو ڪم پنهنجي ابتدائي مرحلن مان چريو ئي مس ته پيپلزپارٽي جي حڪومت هلي وئي ۽ ان منصوبي سان به اهو ئي ٿيو جيڪو اسان جون تازيون حڪومتون روايتي طور تي اڳلين حڪومتن جي منصوبن سان ڪنديون رهنديون آهن. گورک هل اسٽيشن جو شاندار منصوبوجيڪو سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي ماڻهن جي تفريح لاءِ تمام ضروري ڀانئيو وڃي ٿو سو اسان جي حڪمرانن جي بي حسي سبب سدائين سرخ ڦيٿي جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. انگريزن جي دور کان وٺي پاڪستان جي جنم ۽ عمران خان جي نئين پاڪستان جڙڻ تائين گورک هل جي مٿاهين تي گهمندڙن لاءِ هڪ اڍنگو رستو ٺهرايو ويو آهي جنهن کي پهاڙي گهرائي ڏانهن لوهي بچاءُ باڙهه ڏني وئي آهي. 1913 ۾ گورک ڊولپمنٽ اٿارٽي هڪ ٻه دوڪان ۽ هڪ ريسٽورنٽ پڻ ٺهرايو هيو ۽ اڪا دڪا ٻيون رياستي سهولتون پڻ ميسر آهن. ان کان علاوه ڪجهه خانگي ماڻهن به پنهنجي طرفان هوٽل موٽل ٺهرائي سياحتي سهولتون ڏيڻ جي چڱيرڙي ڪوشش ڪئي آهي.
    بيشمار ندين، آسمان ڇهندڙ پهاڙي چوٽين، خوبصورت وادين، تازي پاڻي جي روح افزا آبشارن ۽ اڻ ڏٺل تاريخي، تهذيبي ماڳ مڪانن سان آراسته سنڌ جو هي نيم گمنام حصو پر زمين تي فطرت جو عظيم شهڪار گورک بد قسمتي سان هن وقت تائين حوالي سياست، غير سنجيده اڳواڻن ۽ غيرذميدار مالڪن جي لاوارثي سبب پنهنجي انفرادي حيثيت، لازوال خوبصورتي، جوڀن، جواني ۽ جولاني هوندي به اسان لاءِ ڪنهن به صورت ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي. هي خوبصورت ماڳ جيڪو سنڌ جي پکيڙ تي دل واري جاءِ تي ڌڙڪندي پنهنجي اندر انساني تهذيب ۽ تاريخ جو انيڪ دنيائون سانڍيندي، وڻن، ٻوٽن، جانورن، پکين، پهڻن، ڪانهن، ڪنڊن، سرن، ڪانڊيرن وغيره جون لکين ناياب نسلون پالي رهيو آهي تنهن کي جيڪڏهن ڪا حڪومت سنجيدگي سان عملي قدم کڻي جديد تفريحي، تعميري، هنري ۽ تعليمي سهولتن سان آراسته ڪري ها ته گورک هل اسٽيشن دنيا ڀر جي سياحن لاءِ سنڌ جو مقبول ترين تفريحي مقام بڻجي تمام گهڻو نانءُ ۽ ناڻو ڪمائي سگهي ٿي جو هن وقت به سياحن لاءِ معياري سهولتن جي کوٽ جي باوجود فطرت سان پيار ڪندڙ کوجي، کاهوڙي ۽ سياح قدرت جو اهو عظيم ۽ فطري طور تي شاهوڪار ماڳ گهمي ذهني آسودگي جا انيڪ سلسلا جوڙي هزارين خوبصورت يادون پلئين پائي موٽندا آهن.
     
    زوهيب علي خاصخيلي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    زبردست تمام تمام بهترين ڄاڻَ ✍✍✍
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو