ھولا رام ھنس جو ڪتاب ”عظيم شاعر تاجل بيوس“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ھولا رام ھنس جو ڪتاب ”عظيم شاعر تاجل بيوس“

    وحيد محسن

    شخصيتن تي ويجھڙ ۾ ڪتاب ڇپجي رھيا آهن پر ھي ڪتاب ادبي ڪرت تي آهي. جنهن جو ليکڪ "ھولا رام ھنس" آهي ۽ اھو ڪتاب پھريان ھندوستان ۾ شايع ٿيو. ھن وقت آگسٽ 2018 ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ ڪراچي جي سرواڻ انعام عباسي شايع ڪرائي پاٺڪن تائين پھچائي ھڪ وک وڌائي آهي. ”عظيم شاعر تاجل بيوس“ مڪمل طور تي تاجل بيوس جي فن فڪر، شخصيت ۽ شاعريءَ تي ھڪ جامع ڪتاب آهي جنهن ۾ ليکڪ ھولا رام ھنس جا ان متعلق 31 ليک شامل آهن. ڪتاب جي شروعاتي صفحن تي پبلشر نوٽ ۽ ليکڪ طرفان پيش لفظ ڏنا ويا آهن جيڪي ڪتاب جي اھميت ۽ افاديت کان روشناس ڪن ٿا - شاعر صدين جي شعور جو سچ ھوندا آهن، اھي پنهنجي تخليق جي ذريعي سج جيان پنهنجي ديس ۾ چمڪندا رھندا آهن. اھي تاريخ جو اھڙو سچ پنهنجي شاعري ۾ اظهاري انهيَ جو حوالو بڻجي ويندا آهن اھي جي راڻي کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري اتھاس جوڙيندا آهن تاجل بيوس به اھڙو گلفام ھو سندس اھڙو ڪارائتو قدم ڏسي سنڌي ٻوليَ جي نامور ليکڪ ھولا رام ھنس ; سنڌ جي شاعر تاجل بيوس جي علمي ادبي ڪارنامن کي عيان ڪرڻ لاِء مختلف موضوعن تي تجزياتي مضمون لکي سنڌي شاعري تي تحقيق ۽ اڀياس ڪري ان جي تخليقن تي پنهنجي عالمانه نگاهه وڌي آهي ۽ پاٺڪن کي سوچڻ جي دعوت ڏني وئي آهي جيڪا اڳتي هلي پنهنجي دؤر جي عظيم شاعر جي دانش ۽خيال کان روشناس ٿيندا - مان سمجھان ٿو اھو اھڙو دقيق ڪم آهي جنهن ۾ ليکڪ کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي اوجاگا ڪندو آهي مطالعي ۽ ماحول کي جوڙڻو پوندو آهي تڏهن وڃي اھڙي قسم جو ادبي ڪم ڪري سگهبو آهي جنهن ۾ اسان کي ليکڪ " ھولا رام ھنس " ڪامياب نظر اچي ٿو ! ھن تاجل جي ذاتي زندگي سان گڎ سندس ادبي ڪارج ۽شاعري کي عيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي - ھولا رام صفحي نمبر 25 تي تاجل جي غزل مان ھڪ مثال ڏنو آهي جيڪو شاعر جي تخليق جو سھڻو اظهار آهي - زماني جو آخر ته منصور آھيان ; وري دار تي سر ڏيڻ آيو آھيان - انکانپو ء صفحي نمبر 26 تي لکي ٿو ته سنڌي زبان جي ڪويتا جي اصلي نسلي صنف آهي بيت وغيره شاھ لطيف ; انهن جو سرجڻھار ھو -300 سالن کانپوء سنڌ ۾ اياز ; وائيء کي وري ورايو- اياز کانپوء تاجل ; بيت ۽ وائيء ۾ پنهنجي ٽھيء جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي - اھا ڳالهه واقعي وزن واري آهي ته تاجل وائي ۽ بيت جي صنف تي تمام گهڻي رياضت ڪئي آهي - تاجل بيوس جي گيتن متعلق صفحي نمبر 34 تي لکي ٿو ته " تاجل مري ويو آهي ; پر تاجل جا گيت ڪونه ميا آهن - ھن جا گيت فنا جا مرحلا طئي ڪري ; ھن وٽ بقا جو پروانو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن تاجل جو ذهن ھڪ اھڙي ريڊار مثل آهي جنهن ۾ ماضيء۽ حال سان گڎ ; ھو ھو مستقبل جا عڪس ۽ اولڙا ; وقت جي حڪمرانن کان اڳ ڏسي وٺندو آهي -" انکانپو صفحي نمبر 45 تي تاجل بيوس جو پنهنجو ڪوٽيشن ھن طرح ڏنو اٿس ته ;" تنھنجا نيڻ غزل لاء تاجل لکي ٿو: منھنجا 100 غزل ميويدار وڻن جي ڀر ۾ مينديء جي ٻوٽن۾ ; سنڌوء جي لھرن جي مقابلي ۾ ; مينهن ڦڙن ۽ لڪي ء جي چشمن اڳيان اڌ اڀريل ڪٽورن جي حيثيت رکن ٿا -"ان علاوه صفحي نمبر 55 تي تاجل جي ڪوتا ۾ خيال جي اڏام ڏسڻ جھڙي آهي -" وري حسن وارن جي درٻار ۾ ; لڳن ٿيون صداعون صدين جون ڏسو -"انکانپو 59 صفحي تي ڏسو واھ جو رنگ آهي محبت جو " سنڌڙي منهنجي سائڻ توسان ناتو شال نڀايان ; ناتو شال نڀايان الا جھوليء چنڊ جھلايان " ان کان علاوه جماليات تي به مضمون شامل ڪيو آهي ; تاجل بيوس جو چونڊ ڪلام به شامل آهي ۽ آخر ۾ تاجل جي نثر تي پڻ مضمون ش بيوس فن ۽ فڪر تي بھترين ڪتاب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو